نئون

چين جو خلائي جهاز بي قابو، زمين تي ڪرڻ جو خدشو

چين جو هڪ خلائي جهاز ماڊيولر تيان گونگ زميني مدار ۾ موڪليو ويو هو جيڪو هڪ اهم مشن تي ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو هن وقت بي قابو ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ زمين جو رخ ڪندو. هن وقت اهو جهاز خلا ۾ هڪ دائري جي صورت ۾ گهمي رهيو آهي جيڪو زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري ڪجهه آهستي آهستي زمين طرف گهليو ايندو رهندو. هن جهاز جو ڪل وزن 8 ٽن آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته زمين جي ڪشش ثقل جي ڪري اهو جهاز ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو ۽ هيٺ صرف ان جا ٽڪرائي ڪرندا پر ڪو وڏو ٽڪرو 100 ڪلو جو به زمين تي ڪريو ته اهو خطرناڪ هوندو. جهاز جو نالو تيان گونگ آهي جنهن جو مطلب آسماني محل آهي.