ڪهاڻيوننئون

(ڪھاڻي-اردو افسانو) جيئرن جو دڙو

ڪهاڻيڪار: سلميٰ جيلاني

امر جي اک کلي ته سڄو بت پگھر ۾ شَلِ لڳو پيو ھئس. اھو ڪھڙو خواب ھو، جيڪو ڪيترين راتين کان لاڳيتو سندس پُٺِ ئي نٿو ڇڏي.

سانوري نازڪڙي ڇوڪري، ڄڻ صنوبر جي ٽارڙي. جنھن جون ڪارايون ٿري عورتن وانگر سفيد ڪنگڻن سان ڀريل ھجن. ڪڏھن کنڊرن مان نڪرندي ۽ پاڻيءَ سان ٽٻِ وڏي ۽ ويڪري تلاءُ ۾ ٽپو ڏيندي. ھيءُ سندس پويان وڃي ۽ تلاءُ تائين پڄي ته تلاءُ ۽ ڇوڪري ٻئي غائب ٿي وڃن. ھن جي دل ھڪڙي عجيب ڀَوَ ۾ وٺجي وڃي ۽ تڏھن سندس اک کلي وڃي.

اڄ به اھڙي خواب مان جاڳيو ته سندس سنگتي ڏنو، پرڀو ۽ بچايو، سندس سيرانديءَ بيٺا سڏي رھيا ھئس. اھي سموري جا سمورا، ڪنھن عرصي کان انھيءَ دڙي کي نگاھ ۾ رکيو ويٺا ھئا. ڏني جو خيال ھو ته ان جي ھيٺان ڪو وڏو خزانو پوريل آهي ۽ جي ھيءُ ان جي تَھَ تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ پنئون ٻارھن آھن. انھيءَ چڪر ۾ وڏي دڙي کان ٿورو پرڀرو مھراڻ منجھان ايندڙ نرم چيڪي مٽيءَ جي مٿانھن ڍيرن تي خيما کوڙيو ويٺا ھئا ۽ ھٻڪار واري زمين جي کوٽائيءَ ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيا ھئائون. ھن وقت به سندن ھٿن ۾ ڪوڏرون ۽ ڪلھن تي مٽيءَ کڻڻ وارا ڏَلھا ھئا.

ڏني چيو؛ “امر!… منھنجا ڀاءُ! تنھنجي ڪري اسان جھلجي وينداسين… مون توکي چيو ھو ته صبح ٿيڻ کان اڳي پنھنجو ڪم پورو ڪري ڇڏجانءِ! پر تون آهين جو رڳو ستو پيو آهين…”

امر، بڙ بڙ ڪري اٿيو ۽ ساڻن وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳو. ڪيترن ڏھاڙن جي ھڻ وٺ کانپوءِ ھو مٽيءَ جا دٻيل تَھَ ھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا، پر ھيءُ ڇا… ھيءُ ته پڪين سرن ۽ گھڙيل پٿرن سان ٺھيل ڪو جھونو شھر لڀجي رھيو ھو! هڙئي ڏاڍا مايوس ٿي ڏٺا. خزاني جي اميد، مرندي نظر اچي رھي ھئن. تنھن ھوندي به ھو کوٽ کوٽان ۾ لڳا پيا ھئا. پگھرَ، سندن بتن مان، پاڻيءَ وانگي اُڙھيا پئي.

سج جو پھريون ڪِرڻو، ڌرتيءَ سان ٽڪريو ۽ صدين کان مٽيءَ اندر دٻيل حوض، جيڪو ڪڏھن پاڻيءَ سان ڀريل رھيو ھوندو، سو نروار ٿي اڳيان اچي ويو… امر کان ڇرڪ نڪري ويو… ’ھيءُ ته بلڪل اھڙو ئي آھي، جھڙو خواب ۾ نظر ايندو آهي..‘ ھن دل ۾ سوچيو، پر ڪُڇِيو ڪونه…. ’جي نه ٻڌايومان ته کلون ڪندا.‘ ھو سوچي رھيو ھو… ھو چار ئي بنجھوءَ جي ڍير مان ٻاھر نڪري، تلاءُ جي ڪنڌيءَ تي اچي ٿڪ ڀڃڻ ويٺا.

اڳيان جيڪو کنڊر ھو، سو ڪلھوڪي کوٽائيءَ ۾ ھنن ڳولھي لڌو ھو. تري جي مٿان، پڪين سرن جي رکڻ جو نمونو ۽ ڀتين جا آثار ٻڌائي رھيا ھئا ته ھيءُ ڪڏھن ٻه ماڙ گھر رھيو ھوندو. اھي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪري رھيا ھئا. امر، سندن گروپ ۾ اڪيلو ڄڻو ئي ھو، جنھن کي آڳاٽن آثارن جي ڄاڻ سڃاڻ ھئي ۽ پنھنجي سنگتين جي رھنمائي کيس سونپيل ھئي. اھو چئي رھيو ھو؛ ”اوھان سڀ پاڳل آھيو… ھتي ڪو خزانو ٻزانو ڪونھي. اسان کي گھرجي ته قديم آثارن واري اداري کي ھنن شين جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيون.“

”نه…!“ ٿلھو متارو پرڀو، ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”نه ھاڻي نه… ٿي سگھي ٿو ته سون چانديءَ جون مورتيون ھتي پوريل ھجن… اڃان وڌيڪ کوٽائي ڪيو… اسان کي سڄي رازداريءَ سان ڪم اڪلائڻو پوندو. ھيءُ خزانو، ڪنھن ٻئي جي ھٿ نه لڳڻ گھرجي.“ ھن زور ڏيندي چيو.

پرڀو، اڃان ٻيو به الائي ڇا ڇا چئي رھيو ھو، پر امر جون نظرون، انھيءَ کنڊر جي مٿئين منزل جي دريءَ جھڙي ٻرگھل تي ٽڪيل ھيون… ميرانجھڙي اونداھڙيءَ ۾ کيس ڪو پاڇو، پاڻ ڏانھن سڏيندي محسوس ٿيو. کيس لڳو ڄڻ اھا ساڳي ڇوڪري، جھٽ سوا لاءِ پنھنجي جھلڪ پَسايو، اوندھ ۾ گم ٿي وئي ھجي.. ھو ڪنھن جادوءَ اثر هيٺ آيل ماڻهوءَ وانگر پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ انھيءَ گھر ڏانھن وکون کڻڻ لڳو…

پرڀو ۽ ڏنو، پنھنجي ڳالھين ۾ لڳا پيا ھئا، پر بچائي کيس ڏسي ورتو ھو؛ ”امر! ڪاڏي ٿو وڃين!… اڙي او…. ڪاڏي پيو ٿو وڃين…!!“

مگر ھن جون وکون پاڻمرادو، ڊٺل جاءِ ڏانھن کڄنديون پئي ويون ۽ ڪن ھئس ڄڻ ٻڌن ئي نه پيا… ھن پنھنجي اندر جي آواز کي پئي ٻڌو، جيڪو وڇوڙي جو گيت آلاپي رھيو ھو.

سنڌڙي ري مارگو اُڏي جاءِ ڌول.

(سنڌڙيءَ جي واٽن تي، اڏامندي وڃي ڌوڙ.)

ھو انھيءَ کنڊر جي پوئين طرف جڏھن پھتو ته اڃان ٻيو منظر سندس اکين آڏو ھو. سج چڙھي آيو ھو. گھٽيءَ ۾ ماڻھن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي ھئي. وڏي ٿلھي تي ويٺل مايون چرخا سنڀاليو سُٽ ڪتڻ سان گڏ ڪو گيت پڻ جھونگاري رھيون ھيون. ٿلھي جا ٻه ڏاڪا لھي، ڌاڳي منجھان ڪپڙو اڻڻ وارين جي ڪاپا کنيو، ڀڄ ڊڪ لڳي پئي ھئي. گھٽيءَ جي وَٽِ ۾ شوقين نوجوانن جو ٽولو چوپڙ راند‘ ۾ رُڌل ھو.

’ھيءُ مان ڪاٿي اچي ويو آھيان…‘ ھيءُ اڃان انھيءَ حيرانيءَ ۾ سرگردان ھو جو پويان ڪنھن اچي ڪلھي تي ھٿ رکيس؛ ”ويداس! تون ھتي ڇا پيو ڪرين؟“

کانئس ڇرڪ نڪري ويو ’ويداس… ھيءُ مون کي ڇا پيو سمجھي…‘ ھن دل ۾ سوچيو، ليڪن کيس پاڻ اھڙي نموني سوچڻ تي عجيب محسوس ٿيو… کيس لڳو پئي، ڄڻ ھو انھيءَ ماحول ۽ انھن ماڻھن منجھ بلڪل به اوپرو ناھي بلڪه سدا کان سندن ڄاڻو سڃاڻو آهي. ساڻن ئي رھندو آيو ھجي.. آڳاٽي طرز جون گوڏيون ۽ ڪلھن تي يوناني طرز جون چادرون اوڍيو اھو سانورو، سنھڙو نوجوان کيس مرڪندڙ اکين سان ڏسي رھيو ھو. سندس انداز ۾ تنبيهه ھئي.

نوجوان وري ڳالھايو؛ ”تو مٽيءَ جا رانديڪا ٺاھي ڇڏيا ڇا… ميسوپوٽوميا ۾ تنھنجي ھٿن جي ٺھيل ٿانون جي ھاڪ ھُلي وئي آهي. ھن ڀيري ٿانون سان گڏ، مٽيءَ جون ڏاند گاڏيون ۽ ڍور ڍڳا به ڪاھيو ويندس. مون سڄو وکر ٻيڙي ۾ چاڙھي ڇڏيو آهي. صرف تنھنجي حصي جو سامان رھي ٿو. ھا! ھڪڙي ٻي ڳالھ… جي ساڻ ھلڻو اٿئي ته جلد ٻڌائي! وڏو ٻيڙو وڃڻ لاءِ سنبريو بيٺو آهي.“

امر ھاڪار ۾ فقط ڪنڌ ئي ڌوڻيو… سندس نظرون ته پنھنجي عڪس کي پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ڏسي رھيون ھيون… ھيءُ پاڻ به ان نوجوان وانگر گوڏ ٻڌل ھو، ليڪن ان تي ڪلھن واري چادر ڪانه ھئس. ھن جي مٿي ۽ ڏاڙھيءَ جا گھنڊي وار سليقي سان ٺَپيل ھئا. پنھنجو اھو نئون روپ کيس ڏاڍو وڻيو پئي.

سندس محويت کي ٽوڙڻ لاءِ، نوجوان وري ڌيان ڇڪايس؛ ”ڇا پيو سوچين ڇورا!… ٻن ڏھاڙن ۾ سنبت ڪري وٺ.. جيڪڏھن ھلڻو اٿئي.“

”ھا! ھا!“ ھو ڪنھن اوپري ٻوليءَ ۾ چئي رھيو ھو؛ ”ھائو! سوچي ٻڌايانءِ ٿو.“

آھستڙي چوندي، ھو اتان ھلي پيو. واٽ تي سوچيندو پئي ويو؛ ’اھو ڦِٿل شڪل وارو امر ڪاڏي ويو… مان ته مٽيءَ جا رانديڪا ٺاھيندو آھيان.. ھاڻي ته مون تئيءَ ۾ ٽامو ۽ قلعي ملائي، ھڪڙي نئين شيءِ ٺاھڻ به سکي ورتي آهي… ھا… ڇا پئي چيو استادَ! شايد.. ڪِنجھو.. ھا اھو ئي نالو پئي ورتائين… ڏاڍا سڪما ٿانوَ ٿو ٺاھي ھو… مگر مان ته اڃان ٻيا ٺاھيندس.‘اھو سوچيندو، ان گھر ڏانھن ھلي پيو، جنھن جي دريءَ ۾ اڪثر ري بيٺي ھوندي آهي… ريءَ جو خيال ايندي ئي، سندس دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳي.

ري… سنھڙي سيپڪڙي، ٽڦڻيءَ جھڙي… نالو ته سندس سمبارا ھو، پر ماءُ ري سڏيندي ھئس. اھا دڙي جي اڪيلي ڇوڪري ڪا نه ھئي، جنھن جي رنگ روپ جي ڪشش، نوجوانن کي پنھنجو ديوانو بڻائي ڇڏيندي ھجي. کانئس ٻيون به زور سھڻيون، کوڙ ڇوڪريون ھيون، مگر ھن جي ناچ ۾ ڪجھ اھڙو جادو ھو جنھن کيس جلدي سڄي ڳوٺ ۾ مشھور ڪري ڇڏيو ھو. ھيءَ به ھر ڏڻ وار تي ائين نچندي ھئي، ڄڻ وڏي گھگھريا درياھ ۾ چاڙھ آيو ھجي… پوپٽ وانگي، ڪڏھن ھِن ٽاريءَ تي، ڪڏھن ھُن ٽاريءَ تي ڦيراٽيون پئي ڏيندي ھئي… سموريون ڇوڪريون نچي رھيون ھيون، ليڪن ري منجھن نرالي نظر پئي آئي. ليڪن نه اُرَھ اڳتي نڪتل، نه ڍاڪَ تي ماسُ..

ماڻس، ڏانھنس غور سان ڏسي چوڻ لڳي؛ ”او… ريءَ جا پيءُ! ٻڌين ٿو؟ اھا ڇوري پڪ اسان کي ڪنھن جنجل ۾ وجھندي… اگر سندس ناچ جي ٻڻڪ نه پروھت کي پئي ته اھو کيس داسي بڻائي ڇڏيندو.“

جندو، ريءَ جي پيءُ سان، پنھنجي ڳڻتيءَ جي ٻاٻور ڪڍندي ھئي. ھو به پريشان نظر ايندو ھو، مگر دلداري ڏيڻ خاطر چوندو ھئس؛ ”سُھجان! تون ڳڻتي نه ڪر!.. ويداس سان ڳالھ ڪڍان ٿو.. اھو سٺو ڇورو آھي… ڪم ڪار به ڪري ٿو.. سچ ٻڌايانءِ؛ مون کي پروھت جو ڀئو آھي.“ ھي ٻئي ڳڻتيءَ ۾ مٿو ٽيڪي گھري سوچ ۾ ٻڏي ويا.

چوڏھين جي رات اچڻ واري ھئي. آسمان تي چنڊ، پوري چٽائيءَ سان چمڪيو پئي. ريءَ تي ڄڻ دورو پئجي ويو. پنھنجي چادر سنڀاليندي، چُپِ چُپات ۾ ڀت وٽ وڃي پڳي. جندو، ٻنڀي تي جو پنھنجي کٽ وجھائي ڇڏي ھئي. ڄاتائين پئي، سندس ڌيءَ چنڊ جي ديواني آهي، ان کي ڏسندي ئي پنھنجا حواس وڃائي ويھندي آهي… نچي نچي، چري ٿي پوندي آهي.. ھن گھر مان نڪرڻ جا سمورا ڳٿا بند ڪري ڇڏيا ھئا، ليڪن پاڻيءَ جي وھڪري کي ڪير روڪي سگھيو آهي…

ريءَ، پنھنجو گاگھرو وٽي سوڙھو ڪيو ۽ مٽيءَ جي ڀتڙي اورانگھيون، گھگھريا درياھ ڏانھن ڊوڙندي وئي. پپر جي وڏي وڻ جي اوٽ ۾ لڪي چنڊ کي تڪڻ لڳي. آھستي آھستي، سندس ھٿ پير ناچ واري انداز ۾ کڄڻ لڳا. اھو نرت ڪلا جو انداز، ھن جو پنھنجو جوڙيل ھو… اڄ کان اڳي ڪوبه ائين نه نچيو ھو. سندس چيلھ ۽ ٻانھن جي لچڪ، بيد جي چَھَن کي به لڄائي رھي ھئي. سندس بت تان، گاگھرو ڪري پيو ھو. چنڊ جي چانڊوڪي، سندس چمڪندڙ ڪاراڻ مائل نازڪ جسم سان ٽڪرجي، گھگھريا درياھ جي ڪپرن جي نرم واريءَ ۾ جذب ٿي رھي ھئي. سندس ٻانھن ۾، عاج منجھان جڙيل چوڙا، کير وانگر چمڪيا پئي. وڻن جي اوٽ ۾ بيھي کيس، ڪو تڪي رھيو ھو… اھو ويداس ھو… جيڪو ريءَ جي ناچ جي نرت منجھ گم ھو.. سندس ڪلائن کي پنھنجي نگاھن ۾ ويڙھي، پنھنجي ڌيان ۾ سموھي رھيو.. اوچتو سندس مغز ۾ ھڪڙو ترورو جاڳيو؛ ’نئين ڌاتوءَ جي پاڻيءَ سان سانچي ۾ ڀريندس… مجسمو… ريءَ جو مجسمو… ري، منھنجي پياري، توکي امر ڪري ڇڏيندس… امر…‘ اھو لفظ ٿورو ٻڌل ته لڳس، پر کيس ياد نه ھو… ھيءُ جوش وچان ريءَ جي اڳيان آيو، جيڪا ھاڻي ساڻي ٿي، ڌرتيءَ تي ڪري پئي ھئي. سڄي بت تي، پگھر جون ريڳياڙيون، ڪاري ريشمي گل تي ماڪ ڦڙن وانگر چمڪي رھيون ھئس.. ويداس، ويجھو ڪريل گاگھرو کڻي، سندس اگھاڙن انگن کي ڍڪيو. ريءَ جون اکيون ٻوٽيل ھيون، ليڪن سندس چھري تي وکريل مرڪ چغلي ھڻي رھي ھئي ته… ھن اچڻ واري کي چڱيءَ طرح سڃاتو پئي. مگر ريءَ کي سُڌِ نه ھئي ته پروھت جي سمھڻ واري ڪوٺيءَ جي دري درياھ جي ھن ئي ڪناري ڏانھن کلندي آهي ۽ ان وقت به ھن جون شاطر نگاھون ھيڏي تاڙي رھيون ھيون ۽ اھو پنھنجي چپن تي ڄڀ ڦيري رھيو ھو ۽ مغز ڪنھن گھري منصوبا بنديءَ ۾ ڌُتِ ھئس.

پروھت، اتر پار ڏانھون، ھتي آيل ھو. قدآور ھو ۽ رنگت ڪڻڪ- رنگي ھئس. راجا کي وڻي ويو جو ھتي ترسي پيو. راجا پنھنجي ڀر ۾ سندس ڪرسي وجھرائي ۽ نالو پروھت رکيائينس. ھيءُ جيئن چوي، راجا تيئن ڪري. ڪنھن کي به نه پئي وڻيو ته راجا، سپاھي ڀرتي ڪري. اڄ کان اڳي، ھيءُ ڇڙواڳ گھمندا ھئا، وونئڻ ڪاھيندا ھئا ۽ ڦٽيون چونڊي، منجھانئس ڪپڙو اڻندا ھئا. مٽيءَ مان ٿانوَ ۽ رانديڪڙا ٺاھيندا ھئا. جيڪي کڻي پري پري تائين، ٻيڙيون ڀري وڪڻڻ ويندا ھئا. ليڪن جڏھن کان پروھت آيو، تڏھن کان ھي پاڻ کي باندي سمجھڻ لڳا. ڇوڪريون، کيس ڏاڍيون پسند ھيون… اڳي راجا جي فقط ھڪڙي راڻي ھئي، ليڪن ھاڻي ته جيڪا ڇوڪري چڱي لڳي، سا راجا جا راکا کنڀيون وڃن. اھا، ھڪڙي رات ساڻس گذاريندي، پوءِ پروھت جي داسي بڻائي ويندي. اھا سندس خدمت چاڪري ڪندي، وري ڪجھ ڏينھن ۾ ڪا نئين نويلي ڇوڪري سندس جاءِ اچي والاريندي.

ريءَ کي نچندو ڏسي، پروھت کي خيال آيو، نچڻ واري داسي… اھا ٻئي ته ڪنھن ڪم جي ناھي… پر نچي، منھنجي دل وندرائيندي.. ھو مڪارپ کان، چپن ئي چپن ۾ مرڪي رھيو ھو.

ڏينھن چڙھي آيو ھو. ري، اڃان تائين انھيءَ کٽ جھڙي چوڪڙيءَ تي ستي پئي ھئي جيڪا سندس پيءُ، اڇي ٿلھي ۽ نرم ڪپھ منجھان ڏوريون وٽي ٺاھي ھئي. کيس اھا چوڪڙي ڏاڍي پسند ھئي. جڏھن مٿس سمھندي ھئي ته اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندي ھئي. ھاڻ به ماڻس جو ڪڙڪو، سندس ڪنن سان وڄي رھيو ھو. ھي سڀ، ٻنين تي وڃڻا ھئا. ڦٽين جي چونڊي جا ڏھاڙا ھئا. ماڻس جون رڙيون ھيون؛ ”او… ري… ھاڻ اٿ کڻي… بگڙي ڍڳيءَ کي گاھ وجھي آ.“

ريءَ اکيون مھٽيندي سوچيو… ’اھا امان به اھڙي ئي آهي… پاڻ به ڍڳين ٻڪرين ۾ گھڙي وئي آهي، مون کي به اھڙو ئي بڻائڻ ٿي چاھي.. ادي کي ڇو نٿي چوي.. مون کي اھو ڪم وڻي ئي نٿو.‘

”ھا! ته پوءِ ڇا ڪندينءَ!“ ماڻس رڙ ڪئي.

”ھان!…“ ھوءَ ڇرڪي.. ’مون واتان ته اکر ڪو نه ڳالھايو.. اھو امان ڪيئن ٻڌي ورتو؟..‘ ھن جو الھڙ ذھن، خالي ھو.. پاسو ورائي، وري سمھڻ جي ڪوشش ڪيائين.. ڌڙ ڌڙ ڪندو ڪو اندر گھڙي آيو. ’ادو ۽ ابو ته ٻنيءَ تي وڃي چڪا ھئا. پوءِ ھيءُ ڪير آهي.‘ ھن دھلجي، سوچيو…

ٻاھران، ماڻس جو آواز اچڻ به، بند ٿي چڪو ھو. ھن ليٽئي ليٽئي، کليل در مان اڱڻ ۾ ليئو پاتو. اڳيان، راجا جا ماڻھو بيٺا ھئا… کين سوال پڇڻ جي نه اجازت ھئي ۽ نه وري ڪُڇيا. بس تڪڙا ڪوٺيءَ ۾ اندر آيا ۽ کيس گھليندا، ساڻ وٺيو ويا… ريءَ، پوئتي مُڙي ڏٺو، ماڻس مونن ۾ منھن پايو ويٺي ھئي. ھن جي سسي ۽ ڌڙ، کُرڙيون ھڻي رھيو ھو. ھوءَ آھستڙي آھستڙي رُني پئي…. ريءَ جي چھري تي، حيرانگي ۽ ڀئو، ڄڻ ته چنبڙي پيا ھئا… مغز ۾ اڻ ڳڻيا سوال پئي اٿيس ليڪن ڄڀ تي تالو لڳي ويو ھئس.

ھوءَ اونداھي ڪوٺيءَ ۾، زمين تي اونڌي پئي ھئي.. مٽيءَ منجھ پوسل جي ھٻڪار ھئي. سمجھي وئي ته ويجھي ڇڪ ۾ درياھ آهي…. اچانڪ ڄڻ سندس سڀ حواس ڪم ڪرڻ لڳا ھئا.

اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر پيرن ۾ پيل لوھي ڪڙن ۽ منجھس پيل مُڃَ جي ٿلھي رسي، کيس اتان چُرڻ نه ڏنس. ڳلن تان ڳوڙھا، لارون ڪري، پوسراٽيل مٽيءَ منجھ چوھبا پئي ويا. تڏھن وڃي ڪاٺ جي ڳؤري در، ڪڙڪاٽ ڪيو… ڪو منھن تي گھونگھٽ چاڙھي، اندر آيو ھو.

ريءَ سوچيو… راجا جي ڪا داسي آهي، جيڪا کيس سينگارڻ لاءِ آئي آهي، تڏھن ته کيس ھٿ ۾ ڪپڙي سان ڍڪيل وڏو ٿالھ آهي… ريءَ ليٽئي ليٽئي، ٽيڏين نظرن سان کيس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. وري ھن پنھنجي ڇِليل ڪاراين ڏانھن ڏٺو. ان کان اڳي واريون داسيون ھڏين وارا چوڙا لاھي، قيمتي ڌاتوءَ جا چوڙا پارائي ويون ھئس ۽ ٻڌائينديون ويون ھئس ته اڄوڪي رات ھوءَ راجا جي محل ۾ نچندي… سندس دل ۾ اٻڙڪ پئي اٿيا.. ھوءَ ته فقط پنھنجي لاءِ نچندي ھئي. جيئن مور، بود ۾ اچڻ کان پوءِ نچندو آهي. ھيءَ به ائين نچندي ھئي… پوءِ ڇو نچي، ڪنھن جي لاءِ.. ان ويل، گھونگھٽ واريءَ، ٿالھ ھن وٽ رکي، گھونگھٽ کوليو. ھن ٽپ ڏنو.. اچڻ وارو، ويداس ھو. ان چپن تي آڱر رکي کيس ماٺ رھڻ جو اشارو ڪيو.

ڏني، پرڀوءَ ۽ بچايي کان لڪي، امر وڃي آثار قديمه جي کاتي وارن کي ھنن کنڊرن جي باري ۾ ٻڌايو ھو.. لڳ ڀڳ پنجاھي کن ڪارڪن بيلچا ۽ ڪوڏرون کڻي پھتا. جن وڏي ڦڙتيءَ سان مٽيءَ جا صدين کان پراڻا تھ لاھڻ شروع ڪيا. کوٽائي، پنھنجن آخري مرحلن ۾ ھئي… ھڪڙي ڪارڪن جي ڪوڏر، ڪڙڪي سان ڪنھن شيءِ سان ٺا ٿي وئي. سپروائيزر کيس ھدايتون ڏيندي چيو؛ ”ھلڪا اوزار کڻي اچو.. اتي ڪجھ آھي.. ڀڄي ڀُري نه پوي…“ اھو ڪو بوھرو ھو، جنھن منجھ ھيءُ بيٺا ھئا.

اڳيان لٿل ٻرگھل جون ڀڳل سرون ڪا ڪھاڻي ٻڌائي رھيون ھيون. مٽيءَ جي تھ منجھان ڪنھن سنھڙي سيپڪڙي ۽ ٽنڀ جھڙي عورت جو ڪِنجھي مان ٺھيل مجسمو لڌو ھو، جيڪا ناچ جي انداز ۾ ھڪ ھٿ چيلھ تي ته ٻيو ھٿ ھوا ۾ لوڏي رھي ھئي. سندس ٻانھون ٿر جي عورتن وانگيان چوڙن سان ٽُٻِ ھيون ۽ لڱن تي لٽو ئي نه ھئس. امر، جيڪو ويجھو ئي بيٺو ھو، تنھن کان واتان نڪري ويو؛ ”سمبارا…“

سڀ حيرانگيءَ مان، کيس تڪڻ لڳا.. مگر ھو ته ڪنھن ٻي دنيا ۾ گم ٿي ويو ھو… ھو انھيءَ ھنڌ کي ”موئن جو دڙو“ سڏي رھيا ھئا.

”موئن جو دڙو..“ امر، پنھنجي منھن ڳالھايو؛ ”اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي… ان کان وڌ ڪو زنده ته ڪو نه ھوندو… ھيءُ ته ’جيئرن جو دڙو‘ آھي.“

سندس چھرو، ٻھڪي ۽ ٽڙي رھيو ھو. جڏھن ته سندس ٽئي سنگتي، کانئس ڏاڍا ناراض ھئا.. ھن سوچيو پئي ڪا ڳالھ ناھي، کين جلدي پرچائي وٺندس…

انھيءَ ڏينھن، ميسوپوٽاميا جي کوٽائيءَ منجھان ڪنھن ٻيڙيءَ جا آثار مليا ھئا. جنھن منجھ اھڙا ئي رانديڪا، مٽيءَ جا چٽيل ٿانوَ ۽ ڪنجھي جون مھرون مليون ھيون، جھڙيون مئن جو دڙو… نه نه.. جيئرن جو دڙو مان مليون ھيون…

ڪھاڻي اڃان ختم ناھي ٿي… ھزارين سالن کان دٻٽ ٿيل مٽيءَ جي ٿُلھن تَھَن ھيٺان، بيشمار ڪھاڻيون لڪيل ھونديون… ڪير ڄاڻي، ڪنھن جا ھٿ، ڪڏھن انھن تائين پڄي وڃن ۽ مان يا ٻيو ڪو پنھنجي پڙھندڙ تائين پڄائي وٺي…

***