اچو ته البانيا گهمون (قسط-15)
اڄ پاڻ هلون ٿا البانيا جو مشهور شهر ڪورس (Korce) گهمڻ. انگريزي ٻولي ۾ هن شهر کي ڪورچہ (Korca)، آرميني ٻولي ۾ Curceaua، اطالوي ٻولي ۾ Goriza ۽ ترڪي ٻولي ۾ Gorica سڏيو وڃي ٿو. ڪورچہ البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا کان 163 ڪلوميٽر پري آهي ۽ اُتي پهچڻ لاءِ تقريبن ٽي ڪلاڪ لڳن ٿا. الباني ٻولي ۾ ڪورس جي لفظي معنيٰ جبل آهي. سمنڊ جي سطح کان 850 ميٽر مٿي، البانيا جي ڏکڻ اوڀر ۾ موروا (Morava) جبلن جي وچ ۾ واقع هن خوبصورت شهر جي ڪل پکيڙ 806 ڪلوميٽر اسڪوائر آهي، ان حساب سان هي البانيا جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. 2011 جي مردمشماري جي انگن اکرن موجب هن شهر جي آدمشماري 76000 هئي ۽ هن وقت ان جي آدمشماري 87000 هزار آهي. آبادي جي حساب سان هن وقت هي البانيا جو ستون نمبر وڏو شهر آهي. اميراڻي ۽ نوابي شان شوڪت، منفرد عمارتي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ، فرينچ ولاز ۽ ترڪش ڪافي ڪلچر جي ڪري هن شهر کي البانيا جو ننڍڙو پئرس به ڪوٺيو وڃي ٿو. جتي ڪورچه شهر کي الباني ٻولي جي پهرئين اسڪول هئڻ جو اعزاز حاصل آهي ته اُتي هي شهر البانيا جي بيئر جي سڀ کان وڏي ڪارخاني، شاندار ذائقي ۽ گهڻي واهپي هئڻ سبب بيئر سٽي طور به مشهور آهي. ڪورچه ۾ هر سال آگسٽ جي مهيني ۾ بيئر فيسٽيول به ٿئي ٿو، جنهن ۾ دنيا جهان اچي گڏ ٿئي ٿو ۽ اُن وقت ۾ هن شهر جون رونقون ۽ جلوا ڏسڻ وٽان هوندا آهن. پاڻ جيئن ته ڊسمبر ۾ آيا آهيون، انهي ڪري موکي جي مڌ تي متل ميڙي جهڙو محبتي ماحول ڏسڻ کان محروم آهيون. البانيا ته البانيا پر سڄي دنيا جا باذوق ماڻهو به ڪورچه کي سُرن سازن (سرسنگيت) آرٽ ڪلا ۽ پيار محبت جو شهر ڪوٺين ٿا، جنهن ۾ اتي جي جديد قدرن سان گڏ ان ۾ اتي جي قديم تاريخي ۽ تهذيبي ورثن، ريتن رسمن ۽ ڪلچر جو ڳر شامل آهي. انهي ڪري ئي هي شهر البانيا جي انٽليڪچوئل ڪيپيٽل (Intellectual Capital) طور به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هن وقت صبح جو پار آهي ۽ ڀرپور ناشتو ڪري پاڻ نڪري پيا آهيون، البانيا جو نئون جهان (ڪورچه شهر) ڏسڻ. استاد محمد ابراهيم جي ڳايل گاني ”تلڪ چاڙهي تان ٻيڙي ڊوڙي سنڌو ندي ۾ ريل، ٻارو ڏسو نرالو کيل“ ۾ جنهن ٻيڙي ۽ ريل جو ذڪر آهي ان سواري ۾ ته پاڻ ويٺل ڪونه آهيون، پر پاڻ ويٺل آهيون ڪار ۾ جيڪا تلڪ چاڙهي بلڪه ان کان به مٿي جبلن جي اتاهين چاڙهين تي چڙهندي ۽ لهندي اڳتي وٺي هلي رهي آهي، اهڙي ئي ھڪ شهر ڏسڻ ۽ ان جو لطف وٺڻ لاءِ، جهڙو استاد محمد ابراهيم جي ڳايل گاني جي ٻولن ”ٻارو ڏسو نرالو کيل“ ۾ ٻالڪپڻ وارو مزو آهي. ترانا جي روڊن تي حسب معمول ٽريفڪ ۽ زندگي روان دوان آهي. موسم نه فقط جهڙالي آهي ۽ ان ۾ سياري جي مستي آهي، پر رکي رکي ڪيڏي مهل هلڪي ته ڪيڏي مهل تيز بارش جاري آهي. هتي جي آسمان ۾ ھر وقت پاڻي سان ڀريل بادلن جي موجودگي رهي ٿي ۽ بنا گجگوڙ ۽ گهوڙ گهمسان جي بارش ٿيو وڃي، بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ بنا اطلاع جي مسڪينن تي مصيبتون اچي نازل ٿينديون (ڪڙڪنديون) آهن. پر فرق صرف اهو آهي ته هتي بارش جو منظر ۽ ماحول دل کي لڀائيندڙ هجي ٿو ۽ ڊرينيج جي بهتر نظام هئڻ سبب معمول جي زندگي ۾ رڪاوٽ نٿو بڻجي، جڏهن ته پاڻ وٽ ماروئڙن ۽ جھانگيئڙن تي آيل آپدا سندن الهو تلهو تباهه ۽ برباد ڪريو ڇڏي. هتي جي بارشن ۾ عمارتن جي ڇڄن ۽ ڇتن تان جڏهن پاڻي ٽمڻ لڳي ٿو ته اهو منظر ماڻهن جي چهرن تي خوشي جا تاثر اڀاري ٿو، جڏهن ته پاڻ وٽ بارشن ۾ ڪکاون جهوپن ۾ ماروئڙن جا نيڻ ٽمن ٿا ۽ ساھ مُٺ ۾ بند ھجي ٿو. بس پنھنجي ديس ۾ غربت ۽ بي وسي جي لعنت آهي، جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي! آخر ختم ٿيندي به ڇو؟ اها ته وڏن پيٽن جي هٿراڌو پيدا ڪيل مصيبت آهي. اها تيسين ختم ڪونه ٿيندي جيسين اهي وڏا پيٽ ڦاٽن نٿا.
پاڻ واري گاڏي هاڻ شهر کان ٻاهر نڪري آئي آهي. رستي جي ٻنهي پاسي ۽ سامهون پهاڙ، واديون، ننڍا وڏا ڳوٺ، شهر، ساوا ساوا کيت ۽ وڻ ٽڻ نظر اچن ٿا. هتي البانيا ۾ خاص طور تي تماڪ، ڪڻڪ، مڪائي، پٽاٽي، شگر بيٽ، انجير، انگور، نارنگين سميت ٻيا فروٽ، طب سان لاڳاپيل ٻوٽيون ۽ خوشبودار وڻ جهجهي تعداد ۾ ٿين ٿا. استاد برونو (سائنسدان) جي ڪيل کوج ته ”ڌرتي گول آهي“ جي تصديق ۽ تائيد ڪندي اهي قدرتي ۽ حسين منظر گولائي ۾ گهمندي پنھنجي ويجهو اچن ٿا ۽ پوءِ دور ٿيندي نظرن کان اوجهل ٿي وڃن ٿا. هاڻي رستي جي ٻنهي پاسن کان برفباري ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ڇو نه ان جو به مزو وٺجي، سو ليڊي کي ٿوري دير لاءِ گاڏي پاسيرو (سائڊ) ڪرڻ جو چيم. بس پوءِ گهڙي پياسين برف ۾. هٿن ۾ برف جا ڳنڍا (گولا) ٺاهي ٻالڪپڻ واري خوب عياشي ڪئيسين. ماڻھو جي سموري زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت لمحا (پل) ٻالڪپڻ وارا ئي ھجن ٿا. ڪاش اُھي پل سدائين لاءِ ساڳيا رھن ۽ ائين بيھ رھن جيئن پاز (pause) جي بٽڻ دٻائڻ (press) سان اسڪرين تي تصوير بيھ رھندي آھي، پر بي رحم وقت ڪٿي ٿو ائين ٿيڻ ڏي!؟ ٻالڪپڻ کان پوءِ واري زندگي مھاتما گوتم واري فلسفي موجب بس ”سروم دکم دکم“ ئي آھي. ڪجهه دير لاءِ برف باري ۾ کيڏڻ جو مزو وٺي واپس اچي گاڏي ۾ ويٺس. آرام ده، ڪشادي ۽ صاف سٿري رستي تي هلندي وائپرس گاڏي تان برف هٽائي رهيا هئا ۽ رکي رکي انهن جي حرڪت سبب نڪرندڙ آواز گاڏي ۾ هلندڙ موسيقي جي آواز ۾ ملي (سمائجي) ائين ردم پيدا ڪري رهيو هو، جيئن ننڍي هوندي کان هڪڙو انڊين گانو ٻڌندا ٿا اچون، جيڪو اڄ به ڏاڍو وڻندو آهي، ”ميري من ڪي گنگا اور تيري من ڪي جمنا ڪا، بول راڌا بول سنگم هوگا ڪي نهين.“ موسيقي جو من اندر سان ڳانڍاپو يا ميلاپ سچ پچ تہ راڌا ۽ ڪرشن جي سنگم جيان ئي آھي. برف ۾ ڍڪيل پوري وادي ائين ڏيکائي ڏئي رهي هئي، ڄڻ پشم جي چادر وڇايل هجي، جنهن تي وڻ ٽڻ ائين لڳي رهيا هئا، جيئن گوري جي گج تي ٽڪون. ڪجهه ڪلوميٽر هلڻ کانپوءِ برف جا منظر گم ٿي ويا ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته پشم جي چادر جي جاءِ تي وادي سائي چادر اوڍي ڇڏي ھئي. هاڻ نظرن جي اڳيان ساوا جبل، ساوا کيت گذري رهيا آهن. فطرت به عجيب به غريب شئي آهي، هڪ ئي ڪينواس تي انيڪ رنگ اڀرن ٿا، ڪنهن مهل ڪهڙا ته وري ڪنهن مهل ڪهڙا، بلڪل ان سنڌي ڪلام جيان، ”يار ته منهنجو هيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن تہ ڪنھن مھل ڪيئن.“ موسيقي جي موج مستي ۾ دلفريب وادين کي پسندي خبر ئي نه پئي ته ڪيئن ٽي ڪلاڪ گذري ويا ۽ پاڻ واري گاڏي اچي ڪورچه شهر ۾ داخل ٿي.
هاڻي پنهنجي ٻنهي پاسي خوبصورت عمارتن، صاف سٿرن رستن ۽ چوراهن وارو شهر ڪورچه هلي رهيو آهي. ڪورچه شهر جو جيڪڏهن تاريخ جي حوالي کان ذڪر ڪجي ته هي شهر 15صدي کان آباد آهي. هي علائقو الياس بي مراهوري (Illias bey mirahori) کي سلطان بيزيد II (Bayezid II) تحفي ۾ ڏنو هو، جيڪو سندس گهوڙن جي شاهي تنبيلي جي سنڀال ڪندو هو. 18 صدي ۾ آسپاس جي ڳوٺن مان لڏپلاڻ سبب هن شهر جي آبادي ۾ آهستي آهستي واڌارو اچڻ لڳو. ان وقت ۾ هن شهر ۾ يوناني ٻولي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. 1850ع ڌاري Naum vegilharxhi الباني رسم الخط ٺاهي (ترتيب ڏني) ۽ ان کانپوءِ ڪافي ڪتاب الباني ٻولي ۾ ڇپجڻ لڳا. 1870ع ۾ لاطيني ٻولي جي بنياد تي ٺاهيل الباني ٻولي جي اسڪرپٽ کي سرڪاري طور تي رائج ڪيو ويو ۽ اها اسڪولن ۾ پڙهائجڻ لڳي. 1916ع ڌاري جڏهن فرينچ يونانين تي قابض ٿيا ته يوناني اسڪول مڪمل طور بند ڪيا ويا ۽ ان جي جاءِ تي 200 الباني ٻولي ۾ تعليم ڏيندڙ اسڪول کوليا ويا. ڪورچه شهر کي سڄي البانيا ۾ سڀ کان پهرئين الباني ٻولي جي اسڪول هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. هن شهر پنهنجي وقت ۾ سلطنت خلافت عثمانيه (Otttoman Empire) جي تسلط کانسواءِ يوناني ۽ فرينچ تسلط به ڏٺو، جنهن جو اثر نه صرف هن شهر جي عمارت سازي جي فن تي نمايان نظر اچي ٿو، بلڪه هتي جي ريتن رسمن، ثقافتي قدرن ۽ عقيدن ۾ به اُن جي جهلڪ محسوس ٿئي ٿي.
ليڊي هاڻي شهر مان گاڏي گهمائيندي ڦيرائيندي ڪورچه جي پراڻي بازار ۾ اچي بيهاري ڇڏي آهي. هاڻ پاڻ گاڏي مان لهي پيدل نڪري پيا آهيون، پراڻي بازار ڏسڻ. هتي هلڪي هلڪي برف باري به ٿي رهي آهي ۽ ان سان گڏ هلڪي هلڪي ٿڌڪار به محسوس ٿي رهي آهي. پاڻ وٽ ڇٽي ته آهي ڪونه سو برفباري ۾ ڀڄندا پراڻي بازار جو مزو وٺندا پيا هلون. ڇٽين سان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو آهن نه ته اتي گهمندڙ ڦرندڙ باقي خلقت به پاڻ جيان بنا ڇٽين جي آهي، جو اُهي شايد اهڙي موسم تي اڪثر هريل آهن. هن پراڻي بازار ۾ دڪان به پراڻي اسٽائل جا آهن ۽ هي بازار بي ترتيب ۽ ورن وڪڙن واري آهي. هتي البانيا خصوصن ڪورچه سان لاڳاپيل هينڊي ڪرافٽس، آرٽس جا نادر نمونا، زيورات، چمڙي جون شيون، ليڊيز ۽ جينٽس لباس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ملي وڃي ٿو. پردي نالي شئي ته هن ملڪ ۾ آهي ڪونه ۽ نه ئي روايتي يا ڪلچرل لباس پائڻ جو رواج. عورتون ۽ مرد گهڻو ڪري مختلف ڊزائين ۽ رنگن جون پينٽ، شرٽ، ڪوٽ ۽ ٽوپ وغيره پهري گهمي ڦري رهيا آهن. ڪي جهڳٽي جي صورت ۾ ته وري ڪي ”آئي ڀي اڪيلا اور جائي ڀي اڪيلا“ جي گاني جي عڪاسي ڪندي مون وانگيان تنها تنها پنهنجي ڪل ڪائنات کي سميٽي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. دڪانن تي ڪئين نادر نموني جون شيون به رکيل هيون جيڪي پهريون ڀيرو پنهنجي نظرن مان گذري رهيو هيون. ظاهر آهي هي دنيا جيتري ڦهليل آهي، اوترو ان جو تهذيبي ورثو، آرٽ ڪلا ۽ هنر بہ لازمي ڦهليل هوندو. هاڻي پاڻ پراڻي بازار مان نڪري هڪ وڏي ۽ ويڪري پيڊسٽرين تي اچي ويا آهيون. ان ڪشادي بوليورڊ جيان ڏيکائي ڏيندڙ پيڊسٽرين تي ڪٿي ڪٿي هڪ هال تي مشتمل ريسٽورنٽ (Huts) ٺهيل آهن. هنن ريسٽورنٽس (Huts) جي بناوٽ عام رسٽورنٽس کان مختلف هجي ٿي. هنن هال نما ريسٽورنٽس جي چوگرد تقريبن 3 فٽ جي ڌاتو، پلاسٽڪ يا فائبر جي ديوار هجي ٿي، جيئن پاڻ وٽ سرڪاري اسڪولن ۾ سرن يا آر سي سي جي ديوار هوندي آهي. هنن ريسٽورنٽس جي ڇت به اڪثر فائبر يا ڌاتو جي هوندي آهي، هنن ريسٽورنٽس ۾ ويهي توهان چاءِ، ڪافي، بار بي ڪيو يا کاڌي جو ته مزو وٺي سگهو ٿا، پر پنهنجي چوگرد (آسپاس) ٻاهر جي دنيا جي چهل پهل کي به ڏسي سگهو ٿا، يعني کاڌي پيتي سان گڏ مفت ۾ ديدار بازي. ان پئٽرن جون البانيا ۾ تمام گهڻيون ريسٽورنٽس آهن ۽ مون هاڻي اِهو پئٽرن دبئي ۾ به ڪافي وڌندي ڏٺو آهي، روڊ جي هڪڙي پاسي سان ميوزم جي بلڊنگ جي ٻاهران ٿوري ٿوري وٿي تي تقريبن ٽي فٽ جي چبوترن تي مختلف هاف باڊي اسٽيچو نسب ٿيل آهن. هي اسٽيچو جنگي جرنلن ۽ ايليٽ ڪلاس جي ماڻهن جا آهن.
ٿورڙو اڳيان هلندئو ته وچ تي هڪ وڏي چبوتري تي ڪاري رنگ جو هڪ شاهي مجسمو کڙو ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ قومي جنگجو سپاهي جو آهي، جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ رائيفل آهي. هي پٿر جو پتلو سنگتراش odhise paskali جو ٺاهيل آهي ۽ ان کي ان جاءِ تي 1932 ۾ نسب ڪيو ويو. هي ڪنهن جو پتلو آهي؟ ان جي ڪا خبر ناهي. ڪن محققن جي راءِ ته هي ڪنهن به شخصيت (فرد) جو پتلو ناهي، بلڪه ان جو مقصد البانيا جي بقا جي قومي جنگ ۾ وڙهندڙ سپاهين کي ڀيٽا ڏيڻ جو علامتي اظهار آهي. هي يادگار مجسمو شڪيپريا (Shqiperia) جي جنگجو صلاحيتن ۽ بهادري کي ظاهر ڪري ٿو. توهان کي مون اڳ به ٻڌايو آهي ته الباني پاڻ کي ديو مالائي قصي جي پسمنظر ۾ باز جو اولاد (شڪپيريا) سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ باز هنن جي ملڪ البانيا جي قومي جهنڊي ۾ به علامتي طور موجود آهي. هن قداور جنگجو سپاهي جي مجسمي جي پويان (پسمنظر ۾) آرٿوڊاڪس (عيسائي مذهب جو هڪ فرقو) جي هڪ تمام وڏي عاليشان ۽ خوبصورت گرجا گهر يا ديول (Cathedral) نظر اچي ٿي.
هاڻي پاڻ ٻه چار وکون کڻندي هڪ وڏي ٿلهي تي چاڙهيون چڙهندي ان تي ٺاهيل گرجا گهر وٽ پهچي ويا آهيون. هي آرٿوڊاڪس فرقي جي ديول جنهن جو نالو سينٽ جارج ڪئٿيڊرل آهي جيڪا 1905ع ۾ ٺاهي وئي هئي ۽ ان کي 1971ع ۾ ڪميونٽس حڪمرانن مذهبي عبادتگاهون ڊاهڻ جي پروگرام جي تسلسل ۾ ڊاهي ڇڏيو هو. ڪميونسٽن جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ ان ئي ايريا ۾ 1992ع ۾ هن ڪئٿيڊرل کي نئين سري سان نئين ڊزائن ۾ تعمير ڪيو ويو آهي ۽ ھي پراڻي ڊاٺل ڪئٿيڊرل کان ڪافي وڏي به آهي. پراڻي ڊاٺل ڪئٿيڊرل کي ياد رکڻ لاءِ ان جڳهه تي جتي اُها ٺهيل هئي، نشاني طور هڪ ديوار کڙي ڪئي وئي آهي، جنهن تي لکيل تحرير ماضي جي ياد ڏياري ٿي. هي ڪئٿيڊرل جيڪا يوم محشر (Final Judgement) تي سڀني مئلن جي نئين سر زنده ٿيڻ جي آرٿويڊاڪس جي عقيدي جي پسمنظر ۾ ٺاهي وئي آهي، انهي ڪري ان کي عام طور تي Resurrection of Christ Cathedral) به سڏيو وڃي ٿو. هي نئين ٺاهيل ديول پراڻي ديول سان مشابھت تہ نٿي رکي پر ساڳي جڳھ تي ضرور ٺاھي وئي آهي ۽ اُن کان ڪافي وڏي ۽ جديد طرز تعميرات جو نادر نمونو آهي. بلو، گلابي، ڀوري ۽ اڇي رنگ جي هن خوبصورت ديول جي مٿان وچ تي شاهي گنبذ (قبو) ۽ ٻنهي پاسن کان ٻه ڊگها مستطيل منارا (ٽاور) ٺاهيا ويا آهن. جابلو پٿر ۽ ماربل جي آميزش سان ٺاهيل هي ڪئٿيڊرل جيتري ٻاهران سهڻي آهي اوتري ئي وري اندران سهڻي آهي. ڪئٿيڊرل جي اندر ديوارن ۽ ڇتين تي مذهبي حوالي کان عاليشان قسم جون پينٽنگس ٺهيل آهن، جن ۾ مذهبي پيشوائن، راهبائن، عبادت جي ماحول ۽ طريقي وغيره کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هن ڪئٿيڊرل ۾ ڪاٺي جو نفيس ڪم ۽ خوبصورت رنگ به رنگي گلڪاري پڻ ڏسڻ وٽان آهي. ڪئٿيڊرل جي ڇتين ۾ عاليشان قسم جا رنگ به رنگي وڏا فانوس به لڳايا ويا آهن، جن جي روشني ۾ هي ڪئٿيڊرل ٻري ۽ ٻهڪي اٿي ٿي. سڄي البانيا ۾ آرٿوڊاڪس جي هي وڏي ۾ وڏي عبادت گاهه آهي، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڪئٿيڊرل جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ استنبول (ترڪيا) جي صوفيه مسجد سان مشابهت رکي ٿي. آئون ترڪيا ۾ صوفيه مسجد ڏسي آيو آهيان. مون کي هن ڪئٿيڊرل جي صوفيه مسجد جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائن سان پري جي مشابهت (هڪجهڙائي) به ڪانه ٿي لڳي. ڪورچه شهر جو هي خوبصورت علائقو جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون، اهو سينٽ جارج بوليوارڊ (Bulevardi Shan Gjergi) ڪوٺيو وڃي ٿو.
… [Trackback]
[…] Info to that Topic: humsari.com/lets-visit-albania-episode-15/ […]
… [Trackback]
[…] Information on that Topic: humsari.com/lets-visit-albania-episode-15/ […]