بلاگنئون

پاڪستان جي لساني رنگا رنگيت ۽ تڪرار

مضمون جي منڍ ۾ اهو واضح ڪجي ٿو ته آئون سنڌيءَ کانپوءِ اردو سميت پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ هر ٻوليءَ سان محبت جي دعويٰ ڪيان ٿو. منهنجو خيال آهي ته پاڪستان ۾ اردو ۽ ان جي ڳالهائيندڙن کي پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري ۾ رنڊڪ وجهڻ طور استعمال ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ دستاويز/فرد ۽ ادارا اردو جي نفاذ جا دعويدار آهن ۽ وقت بوقت ان سلسلي ۾ حڪم ناما ۽ هدايت ناما جاري ٿيندا رهن ٿا، پر ان سلسلي ۾ عملي قدم ۽ حقيقي عزم جي کوٽ آهي. يعني عوامي انداز ۾ سمجھو ته ڏيهي ٻولين سميت اردو کي به “ٽرڪ جي بتيءَ پويان” لڳايو ويو آهي. هن مضمون لکڻ جو مقصد اردو سميت پاڪستان جي صوبائي ۽ ڏيهي ٻولين جي منصفاڻي ۽ عادلاڻي سطح تي ترقي، واڌاري، بحالي ۽ نفاذ جو مطالبو آهي.

پاڪستان جو لساني گهڻ پاسائو هجڻ قدرت جي حڪمت جو هڪ روشن عڪس آهي. قرآن ڪريم ٻولين، انسانن جي رنگن ۽ ثقافتن جي گهڻن پاسن کي الله جي تخليقي نشانين طور پيش ڪري ٿو ۽ انسانيت کي انهن اختلافن تي غور، فڪر ۽ تدبر جي دعوت ڏئي ٿو ته جيئن پاڻ ۾ سرچاءُ پيدا ٿئي.

سورة الحجرات ۾ تاڪيد آهي ته الله تعاليٰ ماڻهن کي قومن ۽ قبيلن ۾ پيدا ڪيو آهي “ته جيئن توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻو” ۽ سرسيءَ جو واحد معيار تقويٰ آهي. الله جي هي تصديق تنوع ۽ ڪثرت جي تصديق آهي، جيڪا پاڪستان جي لساني تاريخ جي بلڪل ابتڙ آهي. جتي اردو ۽ انگريزي کي ترجيح ڏيندڙ هڪ طرفي پاليسين صوبائي ۽ علاقائي ٻولين کي پسمنظر ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن مان نسلي تڪرار ۽ ثقافتي زوال پيدا ٿيو.

آزاديءَ جي وقت کان ئي ملڪ لساني اعتبار کان نه رڳو گهڻ پاسائو هو، پر سنڌ هڪ ڌار ملڪ هو، جنهن کي انگريزن آزاديءَ وقت پاڪستان سان گڏجڻ يا ڌار رهڻ جو اختيار ڏنو هو. سنڌ پاڪستان جي تحريڪ ۾ هڙان وڙان حصو ورتو ۽ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي.

1947ع ۾ اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ بنگالي اڪثريتي قوم هئي ۽ اهي ملڪي آباديءَ جو 44 کان 56 في سيڪڙو هئا، پنجابي 28 کان 38 في سيڪڙو، پٺاڻ 16 کان 18 في سيڪڙو، سنڌي ساڍا پندرهن في سيڪڙو هئا. جڏهن ته بلوچ 1 کان 3 في سيڪڙو. اردو جي حقيقي ڳالهائيندڙن جو انداز (جن ۾ اڪثريت مهاجرن جي هئي) 3 کان 7 في سيڪڙو هئا. ان کان علاوه ٻين ڏيهي ۽ غير ڏيهي ٻولين وارا ماڻهو به سنڌ ۽ سڄي پاڪستان ۾ موجود هئا، جن مان ڪيترائي هجرت جي باوجود مهاجر سڏائڻ کان انڪار ڪندا هئا، پر ڪجهه سياستدان انهن کي به اردو ڳالهائيندڙن ۾ شامل ڪرڻ کان نه ڪيبائيندا هئا. اڄڪلهه صورتحال اهڙي آهي ته نه رڳو ڪيتريون ئي گھٽ آدم واريون ٻوليون پر پنجابين جو به وڏو طبقو اردو ڳالهائيندڙن ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ اسان جا ڪيترائي مهاجر ڀائر هن “مضموم” عمل کي پاڪستانيت پٽاندر ئي نه، پر اسلام مطابق به سمجهندا آهن.

دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اسان جا ڪجهه دانشور ۽ عالم سڳورا جيڪي ڪڏهن اردو ۽ هنديءَ کي الڳ ٻوليون قرار ڏئي الڳ ملڪ ٺاهي ويٺا آهن، هاڻي جڏهن مرضي ٿئي ته ٻنهي ٻولين کي هڪ ئي ٻولي قرار ڏئي اردو کي دنيا جي ٽين وڏي ٻولي به ٺهرائي ڇڏيندا آهن. ان لاءِ اردو ۾ ئي هڪ مصرع آهي ته:

“جو چاهي آپ ڪا حسن ڪرشمه ساز ڪري”!

هن سلسلي ۾ اردو کي پاڪستان ڀر کان جائز ۽ ناجائز حمايت ملندي رهي آهي. پاڪستاني روايتي ۽ سياسي دانش ۽ ڪلاسيڪل فلسفو اردو کي هنديءَ کان مختلف مسلمانن ۽ اسلام جي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو هم زبان رهيو آهي. حد اها آهي ته اردو ۽ هندي جهڙين ٻولين ۾ قطبن جهڙي فرق جا دعويدار بنگالي ٻوليءَ جي مسئلي تي بنگالين کي تنقيد ۽ ملامت جو نشانو بنائيندڙ بعد ۾ اهو به چوڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن ته اردو بنگالي جو جهيڙو ته رڳو “لهجن” جو تڪرار هو. جڏهن ته “افغان ساخته اسلام” کانپوءِ موجوده “پاڪستان ساخته روشن خيالي” جي دور ۾ ڪنهن وٽ به هن سوال جو جواب ناهي ته هندن جي اڪثريت جي باوجود انگريزن اردو کي اهميت ۽ فروغ ڇو ڏنو؟ هندي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت واري هندستان ۾ هنديءَ جي اڪثريت، اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين جي اڪثريت، سنڌ ۾ سنڌين جي اڪثريت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت جي باوجود اردو جي مختلف ٻولين سان لساني تڪرارن کي ڪيئن جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ جڏهن ته نواب مظفر حسين جي قيادت ۾ مهاجر پنجابي پٺاڻ متحدہ محاذ ٺاهيندڙن الطاف حسين جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي نالي تي اردو جي هٿ ٺوڪي نمائندگيءَ جي دعويٰ ۽ دم ۾ پنجابين ۽ پٺاڻڻ سان به “پنگو” ورتو.

شايد ئي ڪا ڌر اهڙي هجي جنهن سان اردو ڳالهائيندڙ ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ نه اٽڪيا هجن:

ناوڪ ني تيري صيد نه ڇوڙا زماني مين

هتي واضح رهي ته سنڌيءَ کي برطانوي دور کان سرڪاري حيثيت حاصل هئي، جنهن کي جيتوڻيڪ ختم نه ڪيو ويو، پر ان خلاف شعوري، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪوششون جاري آهن. هن سموري ڦڙڦوٽ جي شروعات مارچ 1948ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي اوڀر پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ تقرير سان ٿي، جنهن ۾ هن اردو کي واحد رياستي ٻولي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو:

“پاڪستان جي رياستي ٻولي اردو هوندي ۽ ٻي ڪا به ٻولي نه.”

ياد رهي ته قائداعظم جي پنهنجي مادري ٻولي گجراتي هئي، پر هو انگريزيءَ جو شيدائي ۽ اردوءَ جو فدائي هو. جيئن شيلا ريڊي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هڪ تقريب ۾ جناح گانڌيءَ جي اصرار تي تقرير شروع ته گجراتي ۾ ڪئي، پر مڪمل انگريزيءَ ۾ ئي ڪري سگھيو، جڏهن ته اتي موجود سمورا ماڻھو گجراتي هئا. البته هو اردو کي ننڍي کنڊ ۾ مسلم سڃاڻپ سان واڳيل هڪ غير جانبدار لساني پل سمجهندو هو ته جيئن پنجابين جهڙن وڏن علاقائي گروهن جي طرفداري نه ٿئي، پر هي فيصلو آبادياتي تناظر ۾ نامناسب هو، جنهن بنگالي اڪثريت کي نظر انداز ڪيو، سنڌي جهڙين مستحڪم ۽ مروج ٻولين کي پوئتي ڌڪيو، پشتو، بلوچي ۽ پنجابي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. ناقد ان کي “لساني سامراجيت” قرار ڏيندا آهن، جيڪا پاڪستاني اقليتي اشرافيه کي ترجيح ڏيندڙ ۽ بيٺڪيتي درجابنديءَ جو تسلسل هئي، جيڪا قرآني اصولن، انصاف ۽ گهڻ پاسائي سماج جي خلاف هئي.

حقيقت ۾ غير جانبداري ۽ عدل ۽ انصاف جي تقاضا اها هئي ته اردو کي عوام جي ان وقت جي رجحان مطابق رابطي جي ٻولي طور قبول ۽ لاڳو ڪيو وڃي ها ۽ ملڪ جي ٻين ٻولين کي عادلاڻي سطح تي مروج ۽ نافذ ڪيو وڃي ها. بهرحال قائد اعظم جي هن اعلان فوري رد عمل پيدا ڪيو، جيڪو بنگالي ٻولي تحريڪ (1948-1952) ۾ تبديل ٿي ويو. اوڀر پاڪستان ۾ احتجاجن ۾  بنگاليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن تي 21 فيبروري 1952ع تي تشدد ٿيو ۽ ڪيترائي مظاهرين شهيد ٿيا. هي سانحو هاڻي يونيسڪو طرفان 1999ع ۾ عالمي يومِ مادري زبان قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي حقن کي سڃاڻپ ۽ مساوات جو لازمي حصو قرار ڏئي ٿو.

بنگاليءَ کي 1956ع ۾ سرڪاري حيثيت ملي، پر باقي بچيل نفرت 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگي ۽ بنگلاديش جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو. اردو کي رابطي جي ٻولي بنائڻ بدران ضابطي جي ٻولي بنائڻ جي ڪوشش ۾ بنگالي “ضابطي کان نڪري ويا” ۽ هاڻي ٻين ٻولين جي باشعور ماڻهن جي سهپ به گهٽجي رهي آهي. اوڀر پاڪستان ۾ به اهڙين پاليسين 1972ع ۾ سنڌي اردو تضاد کي جنم ڏنو ۽ پشتون ۽ بلوچ قوم پرستيءَ کي اڀار مليو. اهي واقعا ظاهر ڪن ٿا ته قرآني با همي سڃاڻپ کي نظر انداز ڪرڻ سان ورهاڱو پيدا ٿيو.

اڄ پاڪستان ۾ 70 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن ٿيون، گهڻو ڪري انڊو ايراني خاندان مان. 2023ع جي آدم شماريءَ مطابق:

پنجابي: 37 في سيڪڙو،  پشتو: 18.1 في سيڪڙو،  سنڌي: 14.3 في سيڪڙو ،  سرائيڪي: 12 في سيڪڙو،  اردو: 8.3 سيڪڙو،  بلوچي: 3.38 في سيڪڙو، ٻين ٻولين ۾ هندڪو، براهوي، شينا، بروشسڪي وغيره شامل آهن. تقريبن 68 مقامي ٻوليون آهن. جن مان ڪيتريون خطري ۾ آهن. يونيسڪو ڊوميلي، گوار-باتي، اوشوجو، ڪيلا ۽ توروالي کي ڪمزور يا انتهائي خطري ۾ ورتل قرار ڏنو ويو آهي. براهوي به انهن ٻولين ۾ شامل آهي جيڪي آهستي آهستي مري رهيون آهن.

2010ع ۾ 18هين ترميم جي باوجود صوبن کي تعليم ۽ ٻوليءَ تي اختيار هوندي به ٻولين لاءِ چئلينجز برقرار آهن. اردو ۽ انگريزي تعليم، ميڊيا، قانون ۽ نوڪرين تي غالب آهن، جيڪي ٻين ٻولين لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون ۽ ٻوليءَ جي تبديليءَ کي تيز ڪن ٿيون. مادري ٻوليءَ ۾ تعليم محدود بلڪه نه هجڻ برابر آهي. اسڪولن ۾ پشتو، پنجابي ۽ بلوچي جهڙين ٻولين تي بنا اعلان پابنديون خواندگي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي متاثر ڪن ٿيون. هي پسماندگي نسلي فرق کي هشي ڏئي ٿي، قومي اتحاد کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ قرآني تعليم مطاق سماج جي گهڻ پاسائي هجڻ واري ڳالهه کي قبول نٿي ڪري.

ٻئي پاسي ٺيٺ قسم جا وفاق پرست ۽ مذهبي حلقا اردو جي حمايت بنا ڪنهن شرط ڪن ٿا، ان کي مسلمانن جي اتحاد ۽ اسلامي ورثي جي علامت قرار ڏين ٿا. جنهن جي جواب ۾ سنڌ وٽ باب الاسلام ۽ سنڌيءَ ۾ قرآن ڪريم جو پهريون ترجمو جهڙا جواب موجود آهن. اردو ميڊيا سنڌ جي شهري علائقن ۽ پنجاب سان لاڳاپيل ان کي هم آهنگيءَ جي علامت چوي ٿي. جڏهن ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ان کي “مصلحت ۽ مصالحت” چوندا آهن. هي قطبيت قرآني توازن کي نظر انداز ڪري ٿي، جتي گهڻ پاسائو سماج اتحاد کي طاقت ڏئي ٿو نه ڪي خطرو بڻجي ٿو.

اڄ لساني پاليسي تي بحث شدت اختيار ڪري چڪو آهي. فيبروري 2026ع ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ منعقد تقريب ۾ “بنيادي تبديلي” جو مطالبو ڪيو ويو، يڪسانيت کي رد ڪندي ۽ سڀني ٻولين، خاص طور تي مقامي ٻولين جي حيثيت جي جائزي لاءِ قومي ٻولي ڪميشن جو مطالبو ڪيو ويو. هي 2024-2025ع جي ڪوششن جو تسلسل آهي، جيڪا نئين نيشنل ايجوڪيشن پاليسي ٻوليءَ جي مهارت ۽ نرم مهارت تي زور ڏئي ٿي ۽ صوبائي سطح تي آرٽيڪل 251 ۽ 28 هيٺ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي ڪوششون ۽ مطالبا آهن.

هن وقت جڏهن سنڌ کانپوءِ پنجاب مان به پنجابي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي مادري ٻولي گجراتي جي حوالي سان “بحالي” جون گھرون ٿي رهيون آهن ته اسان کي سمجهڻو آهي ته ملڪي ٻولين جي حياتي، ترقي، واڌاري ۽ منصفاڻي واڌ ويجهه جا ڪيترائي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا، جن ۾ معاشي فائدا به شامل آهن. مثبت لساني پاليسيءَ هيٺ مادري ٻوليءَ تي ٻڌل ڪثير اللساني تعليم ٻارن جي سمجھه، بنيادي خواندگي، صلاحيت، تنقيدي سوچ ۽ مجموعي انتظامي ۽ تعليمي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائي سگهي ٿي، جنهن سان ڊراپ آئوٽ جي شرح گهٽجي ٿي، ڪلاس روم ۾ شرڪت وڌي ٿي ۽ ڊگھي مدي وارا سکيا جا نتيجا بهتر ٿين ٿا. خاص طور پٺتي پيل ۽ قبائلي گروهن ۾. هي طريقو علمي ترقي، ثقافتي تحفظ، خود اعتمادي ۽ سماجي شموليت کي فروغ ڏئي سگهي ٿو، جيڪو منصفاڻو ۽ جامع ترقيءَ سان ڳنڍيل آهي. ڏيهي ٻولين سان انگريزي ۽ اردو جي ڪثيراللساني مهارت گهڻ پاسائي نوڪرين جي مارڪيٽ تائين رسائي، نواڻ ۽ مقامي معيشت ۾ بهتر طور تي ضم ٿي وڃڻ ممڪن بڻائي ٿو ۽ ميڊيا، ڊجيٽل پليٽ فارمن ۽ ڪاروبارن ۾ مقامي مواد ذريعي علاقائي معاشي لچڪ وڌي سگهي ٿي، جنهن سان وڏن صارفن جي گروهن تائين رسائي ۽ قومي ترقيءَ ۾ واڌاري جا روشن امڪان آهن.

حقيقت اها آهي ته گهڻ پاسائو سماج پاڪستان جي طاقت آهي. قرآني اصولن مطابق ان کي اتحاد جو بنياد بنائڻ گهرجي.