بلاگنئون

ولي خان، الله بخش سومرو ۽ برطانيا

جاپان ۽ جرمني کي دنيا فتح ڪرڻ جو جنون سوار هو، جاپان ان وقت هڪ بادشاهت هو جاپان جنهن سان آمريڪا امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالھيون ڪري رهيو هو ته جاپان ابتو آمريڪا ۾ پرل هاربر تي حملو شروع ڪري ڏنو ۽ ٻي طرف وري هٽلر ۽ اٽلي آمريڪا لاءِ اعلان جنگ ڪري ڇڏيو، آمريڪا جيڪو خاموشي سان جنگ جي صورتحال کي ڏسي رهيو هو، پرل هاربر تي حملي کانپوءِ جنگ ۾ شريڪ ٿي ويو ۽ چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا کي جنگ ۾ آڻڻ وارو جاپان هو. جاپان جو سنگاپور تي ڪامياب قبضو ۽ جاپان جو سنگاپور ۾ برطانوي سلطنت جي حڪومت کي ختم ڪرڻ برطانوي هندستان لاءِ خطري جي گهنٽي هو.
جنگ ۾ جنهن نموني سان آمريڪا شريڪ ٿيو ۽ وڏي ڪاميابي سان جنگ ۾ فتحياب ٿيو، ان سان عالمي طاقت جي مستقبل جو تعين ٿي چڪو هو جنهن کان برطانيا به آگاھ هو. هندستان جي ڪجھ انقلابين سڀاش چندر بوس جي قيادت ۾ برطانيا مخالف طاقتن جاپان ۽ نازي جرمني سان اتحاد ڪيو ۽ جنگ ۾ جاپان جي مدد ڪئي، پر نتيجو اهڙو نه نڪتو جيئن انقلابين سوچيو هو. جنگ ۾ برطانيا ڪمزور ته ٿيو، پر هندستان ۾ هو اڃا به طاقتور هو ڇو ته هندستان ۾ هن جو انٽيليجنس نيٽ ورڪ مضبوط هو. برطانيا جڏهن هندستاني سياستدانن جي صلاح کان بغير جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته ڪانگريس وارا ڪاوڙ ۾ اچي ويا، انهن فيصلو ڪيو ته برطانوي راج سان هندستان ۾ ڪنهن به قسم جو تعاون ناهي ڪرڻو ۽ انهن وڏي مهم هلائڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ انهن جو مطالبو هو ته برطانيا پهريون اختيار اسان کي ڏي پوءِ اسان جنگ ۾ برطانيا سان اتحاد ڪنداسين. ڪانگريس جو خيال هو ته جنگ هلندڙ آهي ان لاءِ اسان برطانيا کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، ان خيال ۽ تصور سان ڪانگريس فيصلو ڪيو. مزيد سخت رويو اختيار ڪيو ويندو جنهن انتها جي شدت اختيار ڪئي، ان لاءِ ڪانگريس وزارتن کان مستعفي ٿي وئي ۽ مطالبو ڪيو ته اختيار جلد از جلد هندستاني قيادت کي ڏنا وڃن، پر برطانيا ائين ڪرڻ ۾ سنجيده نه هو. نتيجي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي وئي. ٻي طرف جناح برطانوي حڪومت سان تعاون ڪري رهيو هو ۽ ان جا تعلقات برطانوي اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي وارا ٿي ويا ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته جناح ۽ چرچل ۾ پڻ رابطو تيز ٿي ويو هو ۽ چرچل جناح کي مشورا به ڏيڻ لڳو هو، بعد ۾ چرچل جي بايوگرافي لکندڙ سر مارٽن گلبرٽ دعويٰ ڪئي هئي ته چرچل جناح کي خط لکي درخواست ڪئي هئي ته منهنجا خط ساڙي ڇڏيو بهرحال! انهيءَ هن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ برطانوي حڪومت جي وزيراعظم چرچل، هڪ اهم شخصيت اسٽيفرڊ ڪرپس جي قيادت ۾ هندستان جي سياستدانن لاءِ هڪ تجويز موڪلي ۽ ذميواري ڏني ته ڪانگريس سان ڳالھيون ڪيون وڃن ۽ ڪانگريس کي راضي ڪيو وڃي ته جيئن هو جنگ ۾ برطانيا جي مدد ڪري. ڪرپس ضمانت ڏني ته جنگ کانپوءِ هندستان جو آئين ٺاهيو ويندو، جنهن ۾ صوبن کي حق ڏنا ويندا، ڪرپس جي ضمانتن تي ڪانگريس کي اعتبار نه آيو، بلڪه انهن کي ڪرپس جو هندستان پيغام کڻي اچڻ هڪ ڪمزوري لڳي ۽ پوءِ ڪانگريس شدت اختيار ڪندي ”انڊيا ڇڏيو-ڪُئيٽ انڊيا مومينٽ“ شروع ڪئي ۽ سول نافرماني جي ڌمڪي پڻ ڏني جواب ۾ برطانوي حڪومت به ڪاوڙ ۾ ايندي ڪانگريس جي سڄي قيادت کي جنگ ختم ٿيڻ تائين جيل ۾ ڇڏيو ۽ مڪمل پارٽي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو، نتيجي ۾ هزارين ڪانگريسي ووٽر ٻاهر نڪتا ۽ احتجاج ڪيو ويو، پر ڪانگريسي قيادت جيل ۾ ئي رهي هاڻي برطانوي اسٽيبلشمينٽ اهو طئي ڪري چڪي هئي ته هي ملڪ ڪانگريس جي حوالي ناهي ڪرڻو ۽ هاڻي قائداعظم کي کليل سپورٽ ڏني وئي، جيئن هو مسلم ليگ کي مستحڪم ڪري سگهي ۽ پنهنجي مطالبي کي جائز مڃرائي سگهي. چرچل حڪومت مڪمل طور مسلم ليگ جي مدد ڪرڻ لڳي. انڊيا ڇڏيو تحريڪ شروع ڪرڻ ئي اهڙو نڪتو هو، جتان راند جو رخ بدلجي ويو، هاڻي برطانوي اسٽيبلشمينٽ جو هڪڙو ئي مقصد هو ته ڪانگريس کي ڪمزور ڪجي ۽ هندستان ۾ ان جي مدِمقابل مسلم ليگ کي طاقتور ڪجي. برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪانگريس ۽ گانڌي کي روڪڻ لاءِ محمد علي جناح کي اڀارڻ شروع ڪيو ۽ محمد علي جناح ان جو ڀرپور فائدو ورتو، برطانوي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان محمد علي جناح ڪانگريس کي اسلام دشمن ۽ هندو جماعت قرار ڏيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو، ان وقت هندستان جون اهم پارٽيون جنهن ۾ مسلم ليگ ۽ هندو مها سڀا شامل هيون، انهن ڪانگريس جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ڇو ته ڪانگريس جو لبرل ۽ سيڪيولر نظريو، انهن جي مفاد جي خلاف هو ۽ ڪانگريس کان سڀني کان وڌيڪ خطرو ته برطانوي راج کي هو ۽ برطانيا ڪانگريس خلاف سياسي ميدان ۾ ٻين پارٽين کي لاٿو، جنهن لاءِ هن مسلم ليگ کي طاقتور ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته مسلم ليگ هونئن ئي برطانيا جي من پسند پارٽي هئي.
جنگ ختم ٿي چڪي هئي، برطانيا ۽ ان جا اتحادي جنگ ۾ فاتح ثابت ٿيا، پر جنگ گهڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيو هو. برطانيا هندستان ڇڏڻ جو ته فيصلو ڪري ڇڏيو هو، پر ڇا ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي اهو طئي ڪرڻ اڃا باقي هو، جنگ کان پهرين تائين برطانيا اهو سوچيو هو ته ايندڙ 30 سالن تائين هو هندستان ۾ رهندو، پر جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ برطانيا عالمي منظرنامي کي ڏسندي پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو ۽ جلد ئي هندستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، پر برطانوي اسٽيبلشمينٽ اهو طئي ڪري چڪي هئي ته هندستان کي ڪانگريس جي حوالي ناهي ڪرڻو، ڇو ته برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪانگريس سان ان جي برطانيا مخالف سياست جي ڪري نفرت ڪندي هئي ۽ جنگ دوران ڪانگريس جو برطانيا مخالف بيانيو ۽ مدد نه ڪرڻ برطانوي اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ ناراض ڪري ڇڏيو هو، پر ڪانگريس وٽ ووٽ هئا ۽ هو هڪ وڏي جمهوري طاقت هئي، جنهن کان انڪاري ٿيڻ ممڪن نه هو، جنهن وقت ڪانگريس اڳواڻ جيل ۾ هئا ان وقت مسلم ليگ محمد علي جناح جي قيادت ۾ وڌيڪ متحرڪ ٿي چڪي هئي. متحده هندستان ۾ جيڪو هندو مسلم تضاد هو، ان جو فائدو سڀني پارٽين وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪڙي ڳالھ ذهن نشين ڪرڻ کپي ته برطانوي حڪومت 1947 مئي تائين پاڪستان بابت ڪو حتمي فيصلو نه ڪيو، پر انهن هڪ فيصلو ضرور ڪيو هو ته مضبوط اختيارن وارو مرڪزي هندستان ڪانگريس جي حوالي ناهي ڪرڻو ڇو ته جنگ کان پوءِ انهن هندستان ڇڏڻ جو فيصلو ته ڪيو، پر انهن کي هندستان تي مزيد ڪجھ وقت ڪنٽرول رکڻو هو، جنهن لاءِ اهو ضروري هو ته هڪ ڪمزور مرڪز وارو هندستان ٺاهيو وڃي، جيئن پنهنجي وفادار اشرافيه جي مدد سان جن جي صوبن ۾ حڪمراني هوندي ان سان مرڪز کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ۽ پوءِ ائين انهن آخر ۾ ڪيبنيٽ مشن هندستان موڪليو، پر هڪڙي وڏي تبديلي اچي چڪي هئي، اها ته چرچل اليڪشن هارائي ويو ۽ ليبر پارٽي حڪومت ۾ اچي وئي، جنهن جو ايٽلي وزيراعظم چونڊجي آيو، جيڪڏهن چرچل ٻيهر وزير اعظم ٿي اچي ها ته ڪانگريس ۽ هندستان جي مستقبل تي اهم تبديليون ٿين ها، ڇو ته چرچل ڪانگريس سان غير معمولي نفرت ڪندو هو ۽ محمد علي جناح سان هن جا رابطا تيز ٿي چڪا هئا، بهرحال! چرچل وزيراعظم ته نه رهيو، پر اپوزيشن ليڊر هوندي هن کان سواءِ ڪو وڏو فيصلو وٺڻ يا برطانوي پارليمينٽ ۾ چرچل کانسواءِ قانون پاس ڪرائڻ ناممڪن هو، مطلب ته چرچل وزيراعظم نه هوندي به طاقتور هو، پر فيصلو ڪرڻ جو اختيار نه هو، هو محض ڪنهن فيصلي جي مخالفت ڪري ان کي دير جو شڪار ڪري سگهي پيو. ليبر پارٽي ۽ ايٽلي جيڪو وزيراعظم هو ڪانگريس بابت مثبت سوچ رکندو هو، پر گذريل وقت ۾ چرچل جي پاليسي ڪانگريس لاءِ ماحول ايترو خراب ڪري ڇڏيو هو جو صورتحال کي صحيح ڪرڻ وقتي طور ناممڪن هو.
قائداعظم محمد علي جناح صاحب جي پارٽي جي سياست ۽ نظريو هڪ پروپيگينڊا جيان نظر ايندي آهي، ان وقت گڏيل هندستان جا سياستدان مسلم ليگ جي سياست کي فرقي واراڻي سياست جو نالو ڏيندا هئا. برطانيا شروع کان وٺي هندستان ۾ مسلمانن جي نالي تي سياسي فائدي بابت آگاھ هو، جنهن جي ڪري هن شروعات ۾ ئي الڳ ووٽنگ سسٽم رکي هندستان جي ماڻهن کي مذهب جي نالي تي تقسيم ڪيو هو ۽ پوءِ سر ظفرالله خان جيڪو وائسراءِ جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ هو ان سان مشورا ڪندي سر ظفرالله خان بعد ۾ مسلم ليگ جو اهم ڪردار ٿي سامهون آيو هو، جنهن لاهور جي قرارداد پڻ لکي هئي. انگريز ان وقت کان ئي مسلمانن جي مستقبل جي سياست کي ڊزائن ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ان پاليسي ۾ هندستان جا سڀ مسلمان سياستدان شامل نه هئا، بلڪه اهي مسلمان شامل هئا جيڪي مسلم ليگ ۾ شامل ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي قيادت محمد علي جناح صاحب کي ڪرڻي هئي شروعات ۾ مسلم ليگ ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ گروپ محمد علي جناح جو هو ته ٻيو محمد شفيع جو گروپ هو ان وقت وائسراءِ محمد علي جناح ۽ شفيع کي پاڻ ڏانهن گهرايو ۽ دهلي ۾ ميٽنگ ڪرائي مسلم ليگ ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ مسلم ليگ جي مالي تعاون لاءِ وائسراءِ حڪومت برطانيا کي خط پڻ لکيو جنهن جو احوال خان عبدالولي خان پنهنجي ڪتاب ”حقائق حقائق هين“ ۾ لکيو آهي، برطانوي حڪومت مسلمانن لاءِ ڪم نه پئي ڪري بلڪه مسلمانن جي نالن سان اهڙي ماڻهن جي پارٽي ٺاهي وڃي پئي جيڪا برطانيا جي مخالف پارٽي ڪانگريس کي منهن ڏئي سگهي ۽ جيئن ڪانگريس کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهي.
دلچسپ سوال هي هو ته ڇا مسلم ليگ ئي مسلمانن جي سياسي جماعت هئي ۽ ڇا مسلم ليگ جا اڳواڻ ئي مسلمانن جا قائد هئا ته ان جو جواب آهي ته نه ائين نه هو اصل حقيقت اها هئي ته هندستان جي 40 ڪروڙ عوام مان صرف 12 سيڪڙو ماڻهن کي ووٽ ڪرڻ جو حق هو. ملڪ جي وڏي آبادي جي اڪثريت کي ووٽ ڪرڻ جو حق ئي حاصل نه هو. مسلمان به مختلف سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جو حصو هئا، ائين نه هو ته هر هندستاني مسلمان محمد علي جناح جي ٻه قومي نظرئي جو قائل هو ۽ حمايتي هو، بلڪه مسلم ليگ جا اڳواڻ ته نجي زندگي ۾ لبرل ماڻهن جيان زندگي گذاريندا هئا.
برطانوي اسٽيبلشمينٽ جي مقصد کي سمجهڻ لاءِ الله بخش سومرو سان جڙيل ڪجھ واقعن تي غور ڪرڻ ضروري آهي الله بخش سومرو ٻه دفعا وزير اعليٰ سنڌ ٿيو آخري دور ۾ هن جا ۽ برطانوي حڪومت جا پاڻ ۾ شديد نظرياتي اختلاف ٿي پيا. الله بخش سومري 1936 ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو بنياد رکيو. پارٽي 1937 جي اليڪشن ۾ 22 سيٽون کڻي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ الله بخش سومرو وزير اعليٰ سنڌ ٿيو. 1940 ۾ هن کي تحريڪ عدم اعتماد ذريعي وزارت تان لاٿو ويو. دلچسپ ڳالھ اها هئي ته عدم اعتماد جي تحريڪ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس اتحاد ڪري پيش ڪئي هئي. بهرحال! جيئن سومري صاحب کي لاٿو ويو ته هن دهلي ۾ هڪ شاندار آزاد مسلم ڪانفرنس جو اجلاس ڪرايو. آزاد مسلم ڪانفرنس هڪ تنظيم هئي جنهن ۾ گڏيل هندستان جون سڀئي اهم مذهبي تنظيمون ۽ پارٽيون شامل هيون. هن ڪانفرنس جو بنياد الله بخش سومرو 1929 ۾ رکيو هو. ڪانفرنس ۾ شامل شخصيتون ۽ تنظيمون مسلم ليگ جي سياست ۽ نظرئي سان متفق نه هيون، انهن جو خيال هو ته هندستان جي مسلمانن لاءِ مسلم ليگ جي سياست مذهبي ورهاست جو بنياد آهي. الله بخش مسلم ليگ جي وڌندڙ شوشي کانپوءِ دهلي ۾ هڪ اجلاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ هن آزاد مسلم ڪانفرنس جي هر ميمبر تنظيم کي شرڪت جي دعوت ڏني ۽ خوشقسمتي سان وڏي انگ ۾ تنظيمن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي. هن ڪانفرنس ۾ 1400 انڊين قومپرست مسلمان ليڊرن شرڪت ڪئي، جيڪي مختلف تنظيمن جا سربراھ هئا. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪجھ مشهور پارٽين ۽ تنظيمن جا نالا هن ريت آهن. سنڌ اتحاد پارٽي، يونينسٽ پارٽي، ڪريشڪ پراجه پارٽي، انجمن وطن بلوچستان، آل انڊيا شيعه پوليٽيڪل ڪانفرنس، خدائي خدمتگار، مجلس احرار، جمعيت علما هند، آل انڊيا مومن ڪانفرنس، آل انڊيا مسلم مجلس، جمعيت اهل حديث وغيره. انهي سڀني تنظيمن ۽ پارٽين جو اجلاس ۾ هڪڙو ئي پيغام هو ته مسلم ليگ جي سياسي نظرئي سان سڀ مسلمان متفق ناهن ۽ مذهبي ورهاست جو مسلمانن کي وڏو نقصان ٿيندو. انهن ليڊرن پيغام ڏنو ته اسان سڀني کي اتحاد ڪري برطانوي راج جو خاتمو ڪرڻو آهي. انهن چيو ته اسان هندستاني آهيون ۽ هندستان اسان جو گهر آهي. هن اجلاس جي رپورٽنگ ڪندي ممبئي جي هڪ اخبار چيو ته هن ڪانفرنس هندستان جي سڀني مسلمانن جي نمائندگي ڪئي آهي. بهرحال! ظاهر آهي ته برطانيا هن ڪانفرنس ڏانهن توجهه نه ڏني ڇو ته مرڪزي ڌاري ۾ انهن کي اهڙي پارٽين جي ضرورت نه هئي جيڪي هندستان ۾ اتحاد جي ڳالھ ڪن بلڪه انهن کي اهڙي پارٽي جي ضرورت هئي، جيڪا انهن جي مفاد کي اڳتي هلائي. الله بخش سومرو ٻيهر به وزير اعليٰ چونڊجي آيو ۽ هن بعد ۾ برطانوي حڪومت کان مليل سڀ اعزاز ۽ لقب واپس ڪري ڇڏيا. هن کي ڪانگريس جي انڊيا ڇڏيو تحريڪ کي سپورٽ ڪرڻ تي گورنر برطرف ڪيو، پر پوءِ به الله بخش سومرو برطانوي راج خلاف چپ نه ٿيو ۽ مسلسل احتجاج ڪندو رهيو ۽ نيٺ هن کي 1943 ۾ قتل ڪيو ويو. الله بخش سومرو جو قصور اهو هو ته هو برطانيا جي ورهاست واري سياست جو وڏو مخالف هو ۽ ان جي ڪوشش هئي ته ملڪ اندر فرقي واراڻي سياست ۽ مذهبي نفرت جهڙي سياست بجاءِ عوامي سياست ڪئي وڃي ۽ ملڪ ۾ اتحاد پيدا ڪجي. بهرحال! الله بخش سومرو جهڙن واقعن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته برطانيا ڇا سوچي رهيو هو ۽ ان قسم جا سوين اهڙا واقعا آهن، جن مان واضح ٿئي ٿو ته برطانيا ڪڏهن به هندستان ۾ اتحاد جو خواهشمند نه هو. بلڪه برطانيا مسلم ليگ جي شڪل ۾ مسلمانن کي هڪڙي منصوبي جي تحت اتحاد ڪرائي ان کي ڪانگريس خلاف استعمال ڪيو. خان عبدالولي خان پنهنجي ڪتاب (حقائق حقائق ہين) جي صفحي 58 ۾ هڪ خط جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن ۾ وائسراءِ للنتهگو وزير هند کي لکيو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته “مختصر اهو ته جيڪڏهن ڪانگريس اسان سان (برطانوي راج) سان وڙهي ٿي ته ان کي مسلمانن سان به وڙهڻو پوندو وڌيڪ لکي ٿو ته مونکي خوشي آهي ته محمد علي جناح به هن بابت بيان ڏئي ڇڏيو آهي”
خان عبدالولي خان جو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. ولي خان ڪتاب ان خفيه ۽ حساس دستاويزات کي پڙهي لکي آهي، جيڪي انڊيا آفيس لنڊن جي ڪتاب خاني ۾ پيا آهن. ڪجھ وقت پهريون تائين اهي دستاويزات عام ماڻهن کان خفيا رکيا ويا هئا، پر برطانوي حڪومت اهو فيصلو ڪيو هو ته هندستان جي ورهاست جي 40/50 سال گذرڻ کان پوءِ اهي دستاويزات عام ماڻهن لاءِ کوليا ويندا. ان جو مقصد اهو ته عام هندستاني پاڪستاني ۽ بنگالي ماڻهو پڙهي اهو معلوم ڪن ته جيڪو ڪجھ 1947 ۾ ٿيو يا ان کان اڳ جيڪو ٿيندو رهيو، ان ۾ صرف برطانوي سلطنت ذميوار نه هئي، پر ڪجھ مقامي ڪردار به هئا، جيڪي ان سڄي نظام جا سهولتڪار هئا. ولي خان پنهنجي ڪتاب جي 61 صفحي تي وائسراءِ جي انتظامي ڪائونسل بابت لکي ٿو ته شروعات ۾ ڪائونسل جي ڪجھ مسلمان ميمبرن مسلمانن جي مسقبل جي رياستن بابت مشورا ڏنا، جيڪي وائسراءِ للنتهگو اڳيان رکيا ويا، پر وائسراءِ سڀني مسلمانن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر پوءِ 1940 ۾ وائسراءِ ڪائونسل جي ميمبر سر ظفرالله خان کي حڪم ڏنو ته هو هڪ مسودو ٺاهي، جنهن ۾ انڊيا اندر مسلمانن لاءِ الڳ رياست جو نقشو هجي. ولي خان للنتهگو جي خط کي ڪاپي ڪندي لکي ٿو جيڪو هن وزير هند کي لکيو هو، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”مان هن سلسلي ۾ جيڪو چاهيان ڪري سگهان ٿو هڪڙي ڪاپي مان توهان ڏانهن موڪلي آهي ۽ هڪڙي محمد علي جناح ۽ اڪبر حيدري کي جيڪو حيدرآباد دکن جو نظام آهي ۽ هڪڙي ڪاپي طفرالله خان کي جيڪو ان ڳالھ تي اسرار ٿو ڪري ته مسودي ۾ منهنجو نالو نه اچي ته هي مان تيار ڪيو آهي“ ياد رهي ته هتي ان مسودي جي ڳالھ ٿي رهي آهي جيڪو 1940 جي لاهور واري قرارداد طور مشهور آهي، جنهن کي فضل الحق پڙهيو هو. ان وقت به مسلم ليگ جي ڪجھ اڳواڻن کي خبر نه هئي ته اصل ۾ هي مسودو ڪنهن تيار ڪيو آهي، پر بعد ۾ خبر پئي ته هن کي ظفرالله خان تيار ڪيو هو ۽ هاڻي ولي خان جي ڪتاب مان وائسراءِ جي خط مان اهو واضح ٿي چڪو آهي ته 1940 جي لاهور واري قرارداد جو مسودو للنتهگو جي اڳيان تيار ڪيو ويو هو، مسلم ليگ جي اڳواڻن جو ڪم محض ان کي پيش ڪرڻو هو.
ولي خان پنهنجي ڪتاب ۾ گهڻا ئي راز فاش ڪري ظاهر ڪيا آهن. هي ڪتاب پاڪستان ۾ پڻ موجود آهي. اردو ۾ هن کي فڪشن هائوس وارن ڇاپيو آهي. ڪتاب ۾ گهڻن ئي واقعن ۽ خطن جو ذڪر ڪيل آهي. مثال طور ڪتاب جي 27 نمبر صفحي تي ولي خان وائسراءِ جي هڪ خط بابت لکيو آهي، جنهن ۾ وائسراءِ لارڊ ارون مسلمانن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪڙي خط ۾ لکي ٿو ته ”ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي محمد علي جناح سان ممبئي ۾ ملاقات ٿي مونکي يقين آهي ته محمد علي جناح سميت ممبئي جا اهي سڀ ماڻهو جيڪي ڪانگريس کي پسند نه ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان (برطانوي حڪومت) انهن جي مدد ڪيون ته اهي (محمد علي جناح ۽ ٻيا جيڪي ڪانگريس جي خلاف آهن) اسان جي پاليسي سان متفق ٿي سگهن ٿا“ تاريخ جي ٻين ڪتابن ۽ ولي خان جي ڪتاب مان اهو صاف ظاهر آهي ته برطانوي حڪومت مقصد ڪانگريس کي ڪمزور ڪرڻ هو ڇو ته ڪانگريس ئي حقيقي نمائنده جماعت هئي، جيڪا هندستان جي هر طبقي ۽ هر مذهب جي ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهي هئي ۽ ڪانگريس ئي واحد جماعت هئي جيڪا برطانيا جي سخت مخالف هئي، ان لاءِ اهو ضروري هو ته هندستان اندر ٻين پارٽين جي مدد ڪري انهن کي اڀاريو وڃي جيئن ڪانگريس پنهنجي حد ۾ رهي سگهي. ولي خان پنهنجي ڪتاب جي 33 صفحي تي وائسراءِ جي ان خط جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو هن وزير هند کي لکيو هو جنهن ۾ وائسراءِ ايندڙ اليڪشن بابت گورنرن کي هدايتون ڏيڻ بابت وزير صاحب کي ٻڌائي رهيو آهي وائسراءِ لکي ٿو ته ”مان گورنرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ته اهي وزيرن کي چون ته سرڪار جي حمايت يافته اميدوارن جي مدد ڪن“ ولي خان اڳتي هڪ خط جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو وائسراءِ وزير هند ڏانهن لکيو آهي جنهن ۾ هو محمد علي جناح سان ملاقات جو احوال لکي ٿو ته: محمد علي جناح پنهنجي موقف تي شدت سان زور ڏنو ۽ چيو ته برطانوي حڪومت مسلمانن ڏانهن توجهه نه ڏنو آهي ۽ برطانوي هڪ خطري کان لاعلم رهيا آهن ته جيڪڏهن مسلمانن جي اڪثريت ڪانگريس جي جهولي ۾ نه وڃي ڪري“.
***