بلاگنئون

ناز جي نظر

ليکڪ: ناز مٺو
مهانگائي، نااهل حڪمران، آئي ايم ايف سبب ڀوڳيندڙ عوام، اليڪشن، لاڏلا ميدان تي، ووٽر وري به ساڳين لاٽوئن پويان، بهرحال عالمي مالياتي فنڊ جي اداري جي عوام دشمن چال بازي واري پاليسي سبب سال 2023 ع پاڪستان لاءِ ڪنهن وڏي ڀونچال يا ائين کڻي چئون ته ڪرونا کان به وڌيڪ خطرناڪ رهيو. مهانگائي مالڪي نه ٿيڻ سبب بک بدحالين بيمارين ۾ اضافو ٿيو. عوام ڏوهاري بڻجڻ لاءِ منشيات واپرائڻ خون خرابا ڪرڻ طرف پاڻ کي ڌڪيندو رهيو، خطرناڪ ڏوهن طرف پاڻ کي گهليندو رهيو، حڪمرانن وري سرمائيدارن کي فائدو رسائڻ، عالمي مالياتي فنڊ جي رت پياڪ اداري جا سموراشرط اکين تي رکندي ان جو ٻانهن ٻيلي بڻجندي عوام مٿان فالج جي وائرس جيان مهانگائي جو قهر نازل ڪندي عوام کان رڙ ڪڍرائي ڇڏي. بنا ڪنهن غور ويچار جي عوام مٿان قهر جي مهانگائي نازل ڪري، ڄڻ ڪو اڌ صدي جو رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ اصل ديرئي نه ڪئي، ائين ڪروڙين غريب ماڻھن جو جياپو مشڪل ڪري سندن گھڻي وقت تائين وري جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. تتي ٿڌي جو سڙيل ۽ ماريل وري به وقت گذرڻ سان تڙپي تڙپي چڙھي ويندو آھي، پر حالتن مهانگائي، بک بدحالين توڙي ٻين المناڪ واقعن سبب تباهه ٿيل ماڻھو سالن تائين سُڌري ناهي سگهندو. نااهل سوداگر حڪمرانن جي مفاد پرستي عالمي مالياتي فنڊ جي اداري جي شرطن، واڌو ٽيڪسن سبب عوام ويچارو مهانگائي جي ٻوڏ ۾ ٻڏل آھي.آئي ايم ايف جي چڪرن ۽ حڪمرانن جي ماٺ سبب سال 2023 ۾ 44/43 سيڪڙو مهانگائي ڪري زياده تر کاڌ خوراڪ کان وٺي تيل، بجلي، گئس، ڪپڙي، اٽي ۽ دوائن جا ملھه ٻيڻا ڪيا ويا.ڌرتيءَ مان ناڻو ڏيندڙ زرعي شين جا ملھه به آسمان تي پهچي ويا. معدني شين جا بحران ڄاڻائي عوام کي پريشان ڪيو ويو. هيٺين طبقي سان لاڳاپيل ڪروڙين غريب پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو. ميرٽ جي لتاڙ ڪري، ڏوهاري ڌاريا آباد ڪري، تعليم، صحت، وسيلا، درياءَ، پاڻي، جبل، بندر انهن حوالي ڪري حڪمرانن خاص طور سنڌ بلوچستان جي عوام کان صوبائي خودمختياري کسي وٺڻ ۾ اڳتي نڪري ويا آھن. عوام جا سمورا وسيلا وٽن گروي رکيل آھن. ڌاڙيل ڪلچر، مذھبي انتها پسندي سبب سنڌ ويچاري تمام گهڻو ڀوڳيو آھي. رشوت، سفارش ، مفاد پرستي جي آڌار تي وري به ڍايل ماڻھن جي نسلن کي نوڪريون ڏنيون ويون. ڪرپشن ڪندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڪامورن، سردارن، وڏيرن، بيورو ڪريٽن کان ڪوبه حساب نه ورتو ويو. حڪمرانن ذاتي انتقامن جي بنياد تي هڪ ٻئي کي ذليل ڪري فائدو ورتو ۽ نيب، اينٽي ڪرپشن جهڙن ادارن کي فائدو رسايو ويو. عالمي مالياتي فنڊ جي اداري جي سخت شرطن پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا ڪمزور ڪري ورتو آھي. گذريل سال ۾ پاڪستان جي نااهل حڪمرانن وري به چاليهه کربن کان وڌيڪ ٽئڪس آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪٺي ڪري ورتا آھي، پر سندن ماريل عوام جو وري به حڪمرانن کي ڪو به فڪر ناهي. ساڳيا لاٽون ساڳيا چُڳهه سال 2024 جي اليڪشن ۾ نئين سر لاڏا ٿيڻ لاءِ، دوکو کاڌل ۽ ماريل عوام جي درن اڳيان فقط هڪڙي ووٽ جي لاءِ صدائن جو ڪو ڪشتو کڻي بيٺل آھن، پر لاشعوري ووٽر اڃان به ان ساڳي سوچ ۾ اتي ئي ويٺل آھي. ووٽر وقت گذرڻ کانپوءِ فقط کوکليون ڳالهيون ڪري پيو پاڻ کي مطمئن ڪندو ۽ رهجي ويندو پينو فقير مختلف طريقن سان ووٽ پني پنهنجي ڪرپٽ ٺيڪيدار وٽ پهچي وري پنجن سالن تائين گم ٿي ويندو.