ايڊيٽوريلنئون

جرمنيءَ جي قونصل جنرل جو ڪراچيءَ کان حيدرآباد ريل جو سفر

            جرمني پاڪستان جي پراڻن دوستن ۾ شامل آهي، جن خاموشيءَ سان پاڪستان ۾ معاشي ترقيءَ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ۽ هن وقت ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي. پاڪستان ۽ جرمنيءَ جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي. 1951 ۾ جرمني اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کوليو ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجو قونصليٽ کوليو. 1961 کان جرمني پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ 3.8 ارب جو پروگرام شروع ڪيو، جنهن ۾ ماحوليات، صحت، واپار جهڙا پراجيڪٽ شامل آهن. پاڪستان ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ سٺا واپاري لاڳاپا رهيا آهن.

            25 فيبروري 2025 تي جرمن قونصل جنرل ڪراچي ڪينٽ کان ريل ذريعي حيدرآباد جو دورو ڪيو. سندس ريل ذريعي دوري جو مقصد سنڌ ۾ ريلوي جي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ ۽ ريلوي جي شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ قدم کڻڻ آهي. سندس چوڻ مطابق پاڪستان ۾ ريل جي شعبي ۾ تمام گهڻي سگهه موجود آهي جتي تمام گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڪستان جي ريلوي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. ان کانسواءِ ڪارگو ريل تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جرمني ۾ ريل جو نظام هڪ طاقتور نظام طور ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جو اثر جرمنيءَ جي پوري سماج تي پوي ٿو. جرمن قونصل جنرل روڊيگر لوٽز 2022 کان هن عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ريلوي جي نظام ۾ سڌاري جو خواهشمند آهي، ڇو ته جرمني کي هن ميدان ۾ وڏي مهارت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي سگهه حاصل آهي. انگريزن جي دور ۾ شروع ٿيندڙ ريلوي جو نظام اڄ به پاڪستان جي ڪيترن ئي نسلن جي ذهنن ۾ ڪنهن پرين جي آکاڻين وانگر محفوظ آهي ۽ پاڪستان جي جن ماڻهن 60، 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ريل جو سفر ڪيو. اهو سفر سندن زندگين جي حسين يادن جو حصو آهي، ريلوي جي نظام سبب ننڍن ننڍن شهرن جي ريلوي اسٽيشنن تي رونق لڳل هوندي هئي ۽ انهن جي انتظار گاهن ۾ گهاريل گهڙيون ڪنهن فلم جي منظر وانگي ماڻهو اڄ به ياد ڪندا آهن. ريل جو نظام صرف مسافرن کي ئي نه، پر ڪارگو کي پوري ملڪ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آسانيءَ سان پهچائيندو هو، جنهن جي ڪري روڊن ۽ رستن تي گهڻي رش نه هوندي هئي، پر پوءِ جنرل ايوب جي دور کان اين ايل سي جو بنياد پيو ۽ روڊ رستن جي تعمير ٿي، جتي عوام کي سٺا رستا مهيا هجڻ کپن ها، اتي اڄ ڊمپر ۽ ڪارگو ٽرڪون ڊوڙي رهيون آهن ۽ هر روز ڪنهن حادثي جو سبب بڻجي بيگناهه انسانن جون جانيون ضايع ڪري رهيون آهن. ٻئي پاسي ريل جا حادثا وڌڻ لڳا ۽ ان جو معيار ڪرڻ لڳو جنهن جي ڪري ماڻهن آرامده اي سي بسن ۾ سفر ڪرڻ کي بهتر سمجهيو، جنهن سان عوام تي ڀاڙن جو بار وڌڻ لڳو ۽ ريل جيڪا دنيا جهان ۾ سستو ۽ محفوظ سفر سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ان جي ڪابه وقعت نه رهي.

            پاڪستان جي سماج ۾ ڪيترائي حصا اهڙا آهن جن تي صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت ٿورو ڌيان ڏئي انهن کي پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪارگر بڻائي تمام گهڻو ناڻو ڪمائي سگهن ٿيون، جنهن ۾ ريلوي ۽ سياحت جا شعبا نمايان آهن. جيڪڏهن پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ ميٽرو يا سرڪيولر ريلون هلايون وڃن ته ان سان روڊن ۽ رستن تي بار گهٽجي ويندو، نه صرف روڊن تي بار گهٽجندو، پر ان سان اسان جي عام ماڻهوءَ تي جيڪو گاڏين جي خرچ جو بار آهي اهو به گهٽجندو. اسان جي ملڪ کي گهٽ کان گهٽ پيٽرول برآمد ڪرڻو پوندو، جنهن سان اسان جي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي ۽ ان کان علاوه ماڻهن کي محفوظ طريقي سفر ڪرڻ جو موقعو ملندو. اسان شڪرگذار آهيون جرمن قونصل جنرل ڊاڪٽر لوٽز جا جنهن پاڪستان سان دوستيءَ جو ناتو نڀائيندي ريل جو سفر ڪندي نه صرف ريل جي ڪارڪردگيءَ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. اميد آهي ته اهو ريل جو خوشگوار سفر سندس يادن ۾ هميشه تازو رهندو. ان سان گڏوگڏ هن يقينن اهو چاهيو هوندو ته هو ماڻهن سان ملي ۽ ڏسي ته ريل جو تجربو سنڌ ۾ ڪيئن ٿو ٿئي. ان سان گڏوگڏ هن ٿر ۾ ڪجهه منصوبا جيڪي جرمني جي مدد سان شروع ڪيا ويا آهن، انهن کي ڏسڻ جي لاءِ به حيدرآباد کان ٿر جو سفر ڪيو. اميد آهي ته جرمني جهڙو ترقي يافته ملڪ جنهن سان پاڪستان جا تمام پراڻا لاڳاپا آهن اهو پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ پاڪستان جي بنيادي سماجي ڍانچي ٺاهڻ ۾ پاڪستان کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مدد ڪندو. اميد آهي ته سنڌ حڪومت به جرمنيءَ جي مدد سان شروع ڪيل منصوبن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرائيندي ۽ جيڪي منصوبا شروع ٿين ٿا انهن جي باري ۾ عوام کي مڪمل طرح سان آگاهي ڏيندي ته جيئن عوام وڌ ۾ وڌ انهن منصوبن کان آگاهي حاصل ڪري انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهي.