سنڌ جون ٻھراڙيون جيڪي اسان جي سُڃاڻپ ھيون، تن جي سماجي ۽ معاشي جوڙجڪ تبديل ٿي رھي آھي يا ايئن چوان ته مٽجي رھي آھي، مٽجڻ جي ۽ تبديل ٿيڻ جي ھڪ شڪل آھي، پر تبديلي اڪثر بھتريءَ ڏانھن سفر جي نشاندھي ڪندي آھي. سنڌ جي ترقي توڙي پسمانگيءَ جي سفر کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن ھڪ ڳوٺ کي مثال ڪري ٽيسٽ ڪيس طور رکي سگھجي ٿو. 1985ع کان جيئن سنڀار ٿي آھي، روڊ رستا، ماڻھو، رشتا، فصل، گھر، پاڙا، ويجھا توڙي ھن واھڻ وارا ياد پوڻ شروع ٿين ٿا، جي تڏھن کان حساب لڳائجي ته گھٽ ۾ گھٽ منھنجي پنھنجي ڳوٺ جو نقشو جيڪو مٽيو ۽ مٽجيو آھي، تنھن جو ھڪ عڪس لکت ۾ پيش ڪرڻ چاھيان ٿو. مان جي پينٽر ھجان ھا ته 40 سال واري اڳ جي ان ڳوٺ جو سمورو لقاءُ اڄ به منھنجي ذھن تي صفا تازرو تريو بيٺو آھي، اھو نظارو ھاڻ فقط ذھن ۾ موجود آھي، زمين تي ڪجھ ٻيو آھي. مان جنھن وقت ھِي سٽون لکي رھيو آھيان ان وقت اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو، جنھن کي اسان پيار مان ماما چوندا ھئاسين.
امام الدين راڄپر، سندس جنازي جي نماز آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ پڙھي پئي وڃي. سندس زندگيءَ جي سفر جي گھڻي يادگيري ته نه اٿم، پر سماجي حالتن ۾ آيل تبديلين ۾ جيئن ڳوٺ جو مثال کڻان ٿو، تيئن کيس به ان ڳوٺ جي ڪردار طور کڻڻ چاھيان ٿو. ڳوٺ جي وڏيري مامي امام الدين جي فقط آبيچوئري لکان ته ان سان شايد خاندان ۽ ڳوٺ کان ٻاھر رھندڙ ماڻھن جي ڇا دلچسپي ھوندي، شايد اخبار جو ايڊيٽوريل صفحو به ان کي جاءِ نه ڏئي. وڏيري امام الدين جو والد صاحب سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري ڳوٺ ڇڏي وڃي حيدرآباد رھيو، سندن ڳوٺ وارو گھر اڪثر ويران ئي رھيو، سندس وڏو پٽ جيڪو بعد ۾ ايڊيشنل سيشن جج ٿيو، فقط سو ئي ھر سال عيد ڪرڻ ڳوٺ ايندو ھو، تنھن کانسواءِ سندس ننڍو ڀاءُ جنھن جون اڄ به زمينون ڳوٺ ۾ آھن. اسان جي ڳوٺ وارن جو يقينن ڪو پِير به ھوندو، پر اسان ڪڏھن ايندي ويندي ڪو نه ڏٺو، تنھنڪري پاڻ کي بي پِيرا ليکيندا ھئاسين، ان روحاني غلاميءَ کان آزاد ئي نپنا ۽ وڏا ٿياسين، باقي قلندر جون حاضريون سي ته ميلي تي وڃڻ برابر ھونديون ھيون. ڪئين سال ٿيا جو وڏيرو امام الدين آمريڪا لڏي ويو، شروعاتي سالن ۾ ڪجھ ڪم ڪار جي ڪوشش به ڪيائين، پر ڪاروبار ڪرڻ هن کان چڙھيل ھو، ڇو ته ضرورت کان وڌيڪ سندس وندر ھئي. جيسين صحت اجازت ڏنس، تيسين پيو سنڌ ۽ ڳوٺ جا ٻئي ٽئين سال چڪر ھڻندو ھو، پر ڪو ڏھاڪو سالن کان اھا اچ وڃ بي پور ٿي ھئس.
ھيوسٽن واري گھر ۾ منھنجون ڪي ٻه ملاقاتون ٿيون، ڪچھريءَ جا موضوع سياست ۽ ڳوٺ رھندا ھئا، ھُو ذڪر گھڻو ته پراڻين يادن جو، مٽن مائٽن جو ڪندو ھو، پر جيڪو سندس وس ۾ سمجھ آھر ھوندو ھو سو به ڪندو رھندو ھو، ڳوٺ وارن جا ڏک ۽ تڪليفون ھن کان سھيا ڪونه ٿيندا ھئا. ھن جي پھرين شادي منھنجي نانيءَ جي ننڍي ڀيڻ سان ٿيل ھئي، رت جا رشتا ھئا، مان جيڪا ڳالھ ڪندو ھئس جواب ۾ چوندو ھو “تون اڃان ٻار آھين ڪالھوڪو…” مون اعتراض ڪيو ته ڪالھوڪو ٻار ڪيئن ٿيس، ھيتري عمر آھي، پڙھيو آهيان، جواب ۾ چوندو ھو، “تنھنجي پِيءُ جي شادي ته ڇڏ، پر جڏھن تنھنجي ماءُ ڄائي ھئي سو ڏينھن به چڱيءَ طرح ياد اٿم.” پوءِ مان به مسڪرائي سندس ڳالھ ٻُڌندو ھئس. وڏيري امام الدين جي وفات تي سندس ڳوٺان ھڪ مئسيج آيو ته، “ھو ھڪ دلبر ۽ پيارو ماڻهو، وڏي دل رکندڙ ۽ غريبن جي مدد ڪندڙ انسان ھو، ھُو ڳوٺ جو وڏيرو ھو، سا ڳالھ ته شايد ڪافي ماڻھن کان وسري وئي ھوندي، آمريڪا لڏي وڃڻ بعد ھن جو ھڪ ٻيو تعارف ماڻھن وٽ عام ٿيڻ شروع ٿيو، سو ھو ھڪ سخي انسان جو، ماڻھن جي مجبورين ۽ ضرورتن جو بيحد خيال رکڻ وارو، پنھنجي ڳوٺ کان 12 ھزار ڪلو ميٽر پري رھڻ جي باوجود ھو ھنن سان ڳنڍيل ھوندو ھو. ماروي جي ڳوٺ جيان پکان ۽ پنھوار کانئس ڪڏھن نه وسريا. کيس ياد ھئا سي سڀ ڪچا گھر، جيڪي ھن سڄي عمر جي پنڌ ۾ پئي ڏٺا. ڏورانھين ديس مان ويھي ھن ڪافي ماڻهن کي گهر ٺاھي ڏنا، بيمارن جو علاج ڪرائيندو، بيواھ عورتن کي ھر مھيني راشن وٺي ڏيندو ھو، ھر جمعي جي ڏينهن ديگ مانيءَ جي مسجد ۾ ڏيندو ھو. اسان جي عام ڳوٺ واري سنڌي مسلمان جو پنھنجي رب سان تعلق بنهه نرالو آھي. ھيوسٽن مان ويھي ھن ڳوٺ ۾ 3 مسجدون ٺھرايون ۽ ھڪ عيدگاھ جي تعمير ۽ بعد ۾ مرمت پڻ ڪرائي. قربانيءَ واري عيد تي ھڪ جانور ڳوٺ وارن کي ڏيندو ھو، کيس خبر ھئي ته سندس ڳوٺ ۾ ڪيترائي اھڙا گھر ھوندا، جيڪي گوشت سال ۾ صرف ھڪ ڀيرو ئي کائي سگھندا ھوندا قربانيءَ جو. رمضان جي مھيني ۾ روزا کولرائڻ جو رواج ته اسان جي شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ عام جام ھجي ٿو، سو ڪم به ھُو خوب ڪندو ھو، ڳوٺ وارا پنھنجي شادي ۽ ڪنھن خوشيءَ جي دعوت فون تي موڪليندا ھئس ھُو سڀني جا سڏ ڀريندو ھو، پير پري کان ويھي ڀريندو ھو ۽ ڪنهن ڳوٺ واري جي فوتگي ٿيندي ھئي، ان سان فون تي تعزيت ڪندو ھو ۽ ضرورت مطابق ڪو مانيءَ جو ويلو يا گھر جو سوڌو سامان وٺي ڏيندو ھو.
زندگيءَ جي ڪئين سال ھن ان طرح گذاريا، جسماني طور آمريڪا ۾ ھو، پر سندس ذھن، روح ۽ احساس سڀ ڳوٺ ۾ ھئا. دراصل ھيوسٽن جي ان محل نما گھر جي ھڪ ڪمري کي يادن جي ديوار ٺاھي ان ڪوٽ ۾ رھندو ھو، ھُو چاھي ھا ته واپس به موٽي سگھيو پئي، پر سھڪي جي بيماري، 50 سالن کان وڏي عرصي تائين سگريٽ پيئڻ جي ڪري سندس ڦڦڙ ڪم گھڻو ڇڏي ويا ھئا، ھر ڪلاڪ بعد کيس آڪسيجن وٺڻي پوندي ھئي. ھڪ سال اڳ سندس شريڪ حيات گذاري وئي ھئس، جيڪا سندس وڏو ڏڍ ھئي، شايد زنده رھڻ جو جواز ھئي. مون ڏٺو آھي ته ڪافي مرد پنھنجن گھروارين جي وفات بعد گھڻو عرصو زنده رھي نٿا سگھن. اھڙو ھڪڙو ٻيو مثال پروفيسر رجب ميمڻ جو ذھن تي تري پيو اچي، سندس گھرواريءَ جي وفات بعد فون تي ڪچھري پئي ٿي، زندگيءَ مان ڄڻ دلچسپي ئي ختم ٿي چڪي ھئس. خير اھو ٻيو موضوع ٿي ويندو. وڏيري امام الدين جي ڳوٺ جي باري ۾ سوچيندي ڳوٺ جي پوري تصوير ذھن تي اُڀري ٿي اچي، جنھن جي منظر ڪشي خبر ناھي ته ڪيئن ڪجي؛
ڳوٺ جا رستا ويران سارا
اميد وڃائي ويٺا، ڳوٺ وارا
شاخ جا بند، ٻوڏ لوڙھيا
ٻُڏا سڀ گھر، لوڙھا سارا
انتظار، نه سھارو ڪنھن جو
ڪير آباد ڪندو ھي ويڙھا سارا
گل، انب، زيتون ۽ چيڪو
سُونھن ڳوٺ جي، ڪاڏي ويا سي ميوا سارا
شاخ جي ڪنڌيءَ سان ٽالھيءَ جا وَڻَ
ڪٽجي ويا، ڪندا جي ڇانوَ ھا سارا
اھو ڳوٺ جنھن ۾ سڀ ميوا ٿيندا ھئا، انب، کجيون، زيتون، چيڪو، ليمان ۽ نارنگيون. جڏھن گھر جي دروازي کان ٻاھر نڪربو ھو ته کاٻي پاسي کجين جو باغ، سامھون زيتون، ساڄي پاسي انب، ليمان ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ. وڏيري امام الدين جي بنگلي کان نڪري سندس باغ جو دورو ڪبو ھو، انبن ۽ چيڪو جي باغ جي وچ مان موٽر ڪار جو رستو ھوندو هو، ٻنھي پاسي واٽر ڪورس جا ڪنارا ھوندا ھئا، جن مٿان گلاب ۽ موتئي جا گل ھوندا ھئا. جوئر، ٻاجھري، مڪئي، ڪڻڪ، سائو گاھ، ڦُٽيون، ڀاڄيون ته سڀ ٿينديون ھيون، ميھن ۽ گوار کان ويندي موريون، گجرون، سي سڀ فصل الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا. پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻھو شھرن جو رخ ڪرڻ لڳا، سرسبز ۽ آباد ڳوٺ صرف خيالن ۾ وڃي بچيا آھن. ڪنھن شاعر چواڻي ته: