پرائيويٽ ٽي وي چينل چيئرمين نيب بابت غلط خبر هلائي، نيب

نيب پاران پرائيويٽ ٽي وي طرفان نيب چيئرمين حوالي سان نشر ڪيل خبر جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ ان کي ڪوڙو، هٿٺوڪو۽ پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته هي هڪ بليڪ ميلرن جو گروه آهي جنهن جو مقصد چيئرمين نيب جي ساک کي خراب ڪرڻ آهي. نيب جي ترجمان مطابق نيب اهڙي ڪنهن به دٻاءَ  ۽ بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي ۽ نيب پاران ان گروهه جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪندي ريفرينس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ان گروهه خلاف ملڪ جي  مختلف حصن ۾ 42 ايف آءِ آرون درج آهن. جنهن ۾ بليڪ ميلنگ اغوا، عوام کي وڏي پئماني تي لٽڻ، نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪوڙي آفيسر بڻجي ڪري پرائيويٽ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ ڪروڙين رپيا لٽڻ  جا ثبوت مليا آهن. جڏهن ته ان بليڪ ميلر گروهه جو اڳواڻ فاروق ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي.  ٻئي طرف چيئرمين نيب چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments