بلاگنئون

شاھه جي ڪردارن جو معاشي ذريعو

انسان پنهنجي ڪرت سان مشغول هجڻ سبب اهائي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪا نئين ڪار ڪجي يا جيئن ڪو اديب ۽ شاعر انهيءَ جستجو ۾ رهندو آهي ته ڪا اهڙي تخليق سرجي جو بس واهه واهه جا هوڪرا ٿي وڃن ۽ نعرا لڳي وڃن، انڪري ئي جاکوڙي ڪردار سدائين جاکوڙ ۾ رهندا آهن ته جيئن ڪو نئون ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهن. پر پاڻ ته آهيون پوليس وارا سو پوليس وارا ڇا ڄاڻن ادبي ۽ تاريخي ڪم، پر پوءِ به وقت ڪڍي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي قلم کڻي هٿيار پاسي تي رکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته هتي به ادب، تاريخ ۽ لطيف سان عشق ۽ محبت آهي، سو مون اڄ هتي ڀٽ جي ڀٽائي جي ڪجھ اهڙن ڪردارن کي چونڊيو آهي، جيڪي رومانوي داستانن ۾ اڄ به مشهور آهن، ته ڪي وري وطن جي حب يا ڪلالڪو هٽ سان مشهور آهن، ته وري ڪي سمنڊ جي ڪُنن سان جهيڙيندي زندگي گهارين ٿا، سو ڪوشش ڪندس ته انهن ڪردارن جي زندگيءَ سان حق ۽ سچ جي بنياد تي نڀائي سگهان ته جيئن ڪنهن سان ناانصافي نه ٿي سگهي ۽ نه وري لطيف سرڪار جي اهڙن سورمن يا عاشقن بابت غلط بياني کان به بچي سگهان.

مون اڄ هتي شاهه لطيف جي ڪجهه ڪردارن جو انتخاب ڪيو آهي ته اهي ڪهڙو ڪم ڪندا هئا ۽ ڪيترا شاهوڪار هئا يا وري غريب هئا. ها پر هتي اهو به واضح ڪندو هلان ته هن تحرير ۾ مون پنهنجي شاعري به شامل ڪئي آهي. ياد ٿو پوي ته اڳ هڪ مضمون جيڪو به شاهه لطيف جي مجازي ڪردارن بابت لکيو هئم ته ان تي ڪجھ ادبي لڏي سان واسطو رکندڙ مير سردار چنڙ ۽ سگهڙ عبدالستار ميربحر اعتراض واريو هو، خير پر ڪنهن به مضمون ۾ اگر راقم پنهنجي شاعري شامل ٿو ڪري ته اهو ڪوئي گناهه ڪبيرا ناهي باقي سڀني جي پنهنجي سوچ ۽ راءِ آهي.

01  عمر مارئي

02  سسئي پنهون

03  مومل راڻو

04  نوري ڄام تماچي

05  سورٺ راءِ ڏياچ

06  سهڻي ميهار

07  ليلان چنيسر

08  ڍول مارو

09  موکي ۽ متارا

10  مورڙو ميربحر

01 عمر مارئي:

امرڪوٽ/عمرڪوٽ سان لاڳو وطن جي حُب واري ڪردار عمر مارئي جي داستان تي نظر وجهنداسين ته شاهه جي بيتن منجهان معلوم ٿيندو ته مارئي ته برابر غريب خاندان سان تعلق رکندڙ ٿر جي ٿرياڻي هئي، مگر مارئي جي خاندان وٽ به ٿر جي علائقي جي لحاظ کان ٻڪريون هيون ۽ جن وٽ ٻاڪرو مال هجي، سي غريب نٿا ٿي سگهن، جنهن کي عمر باشاهه کوهه تان کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو. سو عمر وقت جو بادشاهه هو ۽ عمر سومرو همير سومري جو پٽ هو، سومرن جي زوال واري دور ۾ عمر سومرن جو پنجويهون حاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي تحت عمرڪوٽ ۾ ٿر واري علائقي ۾ سرداري ڪئي، جنهن وٽ نوڪر، چاڪر، فوج، لشڪر ۽ حاڪميت هئي جو هو ايترو ته امير هو جو جڏهن مارئيءَ کي ڪوٽ ۾ قيد ٿو ڪري ته کيس مختلف لالچون يا آڇون ٿو ڪري ڇو ته هن وٽ مال متاع، هيرن، جواهرن جي ڪا ڪمي ڪونهي ڪا ۽ هو وڏو امير حاڪم هو، جنهن وٽ غريبي يا غربت ڪٿان به نظر نٿي اچي.

کنڀڻ کڻڻ کوهه تان، ضعيفن ساڻ زوري،

ڪنين هئين ڪچو، ناحق ساڻ ندوري،

آ ڳالھ فقير ڳوري، ماري وجهندم مهڻا.

(مهر فقير)

02 سسئي پنهون:

شاهه جي سورمين يا سورمن منجهان ڀنڀور ۽ ڪيچ سان منسوب سسئي پنهون اهو ڪردار آهي، جنهن تي لطيف سرڪار جا پنج سُر چيل آهن ته اسان کي مختلف محققن ۽ تاريخدانن سان گڏ خود شاهه جي بيتن منجهان سٺي ريت معلوم ٿيندو ته سسئي جو جنم به ان وقت جي حاڪم گهراڻي ۾ ٿيو آهي، تحفةالڪرام مطابق سسئي نانيا نالي هڪ برهمڻ پنهنجي زال منڌر نالي سان سکيو ستابو دلوراءِ جي حڪومت ۾ ڀانڀراهه ۾ رهندو هو، انهن جي ڌيءَ هئي ته وري پنهونءَ جو تعلق به ڪيچ جي امير گهراڻي سان ئي هو، جيڪو سسئي جي سونهن جي هاڪ جو سُڻي، عشق ۾ گرفتار ٿي سوداگري جو مختلف سامان کڻي ڪري ڀنڀور ٿو وسائي ۽ سسئي کي حاصل ڪرڻ خاطر عشق جي ميدان ۾ پنهون ڌوٻي ٿو بڻجي ۽ پنهون جو ڌوٻي وارو روپ هڪ الڳ موضوع آهي، پر پوءِ به پنهون جي ڌوٻڪي رنگ کي غربت جو نالو ڏئي غريب نٿو چئي سگهجي.

سُرور ڪيڏو سنگهر ۾، پهتو اچي پنهل،

ويڙا سور سرير سندا، سفر ٿيڙم سڦل،

عاشقن جو عمل، سدائين فقير سرخرو.

(مهر فقير)

03 مومل راڻو:

ڀٽ جي بادشاهه جي رسالي ۾ مومل راڻي جو قصو به نمايان آهي، جيڪو پيار کان بعد ڏاگھ تي ختم ٿئي ٿو، انهيءَ راڻي جي مومل راجا نند نالي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ هئي، جيڪو ميرپورماٿيلي/ڪاڪ محل جو راجا هو، ذات جو گجر هو ۽ مومل جو راڻو اصل ۾ عمرڪوٽ جو هو جيڪو به ان وقت جي حاڪم هُمير سومري جو وزير هو. قصو مختصر ته مومل به امير پيءُ جي ڌيءَ آهي ته راڻو به سرندي پڄندي وارو آهي، پر وقت ۽ حالتن سبب مومل ڪاڪ کي ڇڏي ٿي ته وري راڻو شڪ جي بنياد تي رٺل ٿو رهي، مگر جي اسان چئون ته هو غريب هئا ته پوءِ اهو چوڻ مناسب نه ٿيندو.

گهائي وڌء گهڙي منجھ، رمزن ساڻ راڻو،

اچي سهڙيو آڌي جو، لالڻ سو ته لڊاڻو،

تون هنڌ وڇائي وهاڻو، ستين سومل سان.

04 نُوري ڄام تماچي:

موجوده ٺٽي ضلعي جي مشهور ڪينجهر ڍنڍ (لڳي اتر واءُ ڪينجهر هندورو ٿئي) جي لهرن سان لاڳاپيل سونهن ۽ سادگي جو اُهڃاڻ نُوري، هڪ روايت مطابق نوري راجا جسودڻ جي ڌيءَ هئي (ڪافي محققن ۽ تاريخ نويسن نوريءَ جو نالو نورئين ۽ نور پري به ڄاڻايو آهي) راجا جسودڻ سمن حاڪمن جي دور ۾ ڪنهن رياست جو حڪمران هو، پر جيئن ته نوري کي ڪوڙهه جي بيماري هئي، ان ڪري سندس والد نوڪرياڻي کي چيو ته هن کي ڪٿي اُڇلي اچ، پر قدرت کي اهو منظور نه هو ۽ هو کاري ۾ مڇيون وڪڻي گذرسفر ڪندي هئي، جيڪا اڳتي هلي ڄام تماچي جي پٽ راڻي ۽ شاهه لطيف جي سورمي بڻجي ٿي، سو ڄام پنهنجي وقت جو نهايت ئي دلير ۽ سخي حاڪم هو ۽ حاڪم غريب نه ٿيندا آهن، پر جي ڪوئي کين غريبيءَ سان منسوب ڪبو ته پوءِ دل جا غريب انسان اهڙو عشق ناهن ڪندا، عشق ته دل وارا امير ڪندا آهن، جن جي دل درياهه هوندي آهي جن جي اندر ۾ عشق جي اميري هوندي آهي ڇو ته عشق جن جو امام هوندو آهي، سي غريب ناهن هوندا ۽ نه وري تن کي غريب چئبو آهي.

نوري سڄوئي ناز، سونهن سندس سادگي،

سمون اچي سهڙيو، ارپي تماچيءَ زندگي،

بيشڪ ايئن بندگي، سونهين سادائپ سان.

05 سورٺ راءِ ڏياچ:

جهوناڳڙهه ڀارت جي رياست گجرات جو ھڪ شهر آھي. سورٺ راجا انيراءِ/ راءِ کنگهار جي ڌيءَ ھئي. سورٺ راءِ ڏياچ جي گهر واري هئي. ٻيجل ڌنار هو جيڪو سُرندو/چنگ وڄائيندو هو. هاڻي جي هن قصي جي اميري ۽ غريبي تي لکبو ته تاريخ جي ورقن منجهان سُڌ پوندي ته سورٺ هڪ بادشاهه جي نياڻي هئي ۽ راءِ ڏياچ به پنهنجي علائقي جو حاڪم هو، سو به اهڙو سخي حاڪم جو ٻيجل جي سُرندي تي عاشق ٿي ڪري هن جي صدا ۽ سئن تحت پنهنجو ڪنڌ ڪٽار سان ڪٽي ڏنائينس، اها ٿيندي آهي اميري ۽ اهڙي اميري کي ڪنهن به طرح غريبي جي زمري ۾ آڻي نٿو سگهجي، ٻيو ته راءِ ڏياچ پنهنجي وقت ۽ علائقي جو سردار ۽ حاڪم هو مطلب ته ڪافي مالدار ۽ شاهوڪار هو.

مڃيون ڪين منگتي، ڪنڌ سواءِ ڪڻو،

رڙهي راجا آئيو، سوالي نه وڃج سکڻو،

مور نه ڏبو مهڻو، اچي ڪنڌ اختر چئي.

06 سُهڻي ميهار:

شاهه لطيف جو لافاني ڪردار درياهه جي ڌڌڪن سان منسوب هن وقت ضلعي سانگهڙ جي شهر شهدادپور ۾ جدا جدا مزارن ۾ آرامي سهڻي ميهار جي حياتيءَ جو جائزو وٺبو ته پتو پوندو ته سُهڻي ڪنڀر جي ڌيءَ هئي، جنهن جو چڱو خاصو ڪاروبار هو (سهڻيءَ جي ڪردار کي پنجاب جي روايت موجب گجرات شهر سان جوڙيو وڃي ٿو، سهڻي جي پيءُ جو نالو تلا ڪنڀار هو، جنهن کي بخارا جي عزت بيگ نالي هڪ واپاريءَ سان محبت ٿي وئي، جيڪو سهڻيءَ سان ويجهڙائپ لاءِ پهريان تلا ڪنڀار جا ٿانو وٺي وڪڻندو رهيو، پر جڏهن پئسو ڏوڪڙ ختم ٿي ويس ته تلا جو قرضي ٿي ويو ۽ تلا ڪنڀار وٽ مينهون چارڻ لاءِ سندس نوڪري ڪيائين) ميهار اصل بخارا جي امير ۽ حاڪم گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڪافي امير ماڻهو آهي، پر وقت ۽ عشق سبب هو مال ٿو چاري ۽ ميهار ٿو بڻجي ته جيئن سهڻي جو ديدار درشن نصيب ٿيندو رهيس، انهيءَ ڪري نهايت ئي ضروري آهي ته جيئن ايندڙ نسل ۽ شاهه لطيف سان عشق ڪندڙن کي سچ ۽ اصل حقيقتن کان آگاهي ڏئي تضاد واري عمل کان بچائي سگهجي.

سڻي سڏ سهڻيءَ جا، مليس اچي ميهار،

لڙهي ويڙا لهرن منجھ، قائم رهيو قرار،

پرور پيارن پيار، سلامت رکج صاحب تون.

(مهر فقير)

07 ليلان چنيسر:

مختلف محققن جي جدا جدا لکيل تاريخن مطابق ليلان چنيسر جو شهر ڪو ميرپورخاص جي ويجهو شادي پلي ته ڪوئي کپري طرف ته ڪٿي شهدادپور جي ڀرسان ٻرهوڻ جي ڀڪ ۾ هن داستان جي ڪردارن جا هنڌ ڏيکاريل آهن، پر خير ڪيئن به مگر شاهه جا سورما ڪنهن به ريت غريب نه آهن، جڏهن ته لطيف جي ٻين سورمن وانگيان ليلان چنيسر يا ڀل ڪونئرو به پر سڀ امير، شاهوڪار ۽ حاڪم گهراڻن جا فرد آهن، ڀل جي انهن جي عشق يا ماڳن، مڪانن ۾ ٿورو گهڻو فرق يا تضاد آهي، ڇو ته ڪٿي سادگي آهي، ڪٿي لالچ آهي، ڪٿي سخا آهي، ڪٿي وطن جي حب آهي، ڪٿي بهادري آهي، ڪٿي درياهه جي تار آهي، ڪٿي محبوب جي محبوبيت کي ماڻڻ خاطر مزدوري آهي، پر ڪٿي به غريبي واضح ناهي، ايئن ليلان چنيسر به حاڪماڻي گهر جا آهن، سو انهن کي غريب چوڻ نٿو سونهين.

چاهيندو وري چنيسر، ليلان تون ليلا،

معاف ڪندو مدايون، پاند ڳچيءَ پاءِ،

گهڙي نه ڪا گهٻراءِ، اختر عشق عظيم آ.

08 ڍول مارو:

هن داستان جو تعلق ٿر جي خطي سان آهي، هن داستان جا ڪردار ڍولو نرور ۽ مارل (عورت) آهن، هيءُ قصو يارهين صدي عيسويءَ جي شروع جو ۽ عمر مارئيءَ جي قصي کان اٽڪل ٻه صديون اڳ جو، سومرا دور جي پهرئين حاڪم جي وقت جو چيو وڃي ٿو، راوين جي روايتن منجھ آهي ته ڍولو نرور يارهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ ناري پٽ جي وچ واري حصي ڍٽ جو ننڍو حاڪم هو، جنهن جو مرڪزي حصو ان وقت سيرين نالي مشهور هو، جنهن جا آثار ۽ نشان اڄ به موجود آهن، شاهه جي گنج ۽ الهداد جنجهي ۽ محمد قاسم راهمونءَ جي ترتيب ڏنل شاهه جي گنج ۾ سُر ڍول ماروءَ هيٺ هڪ بيت ۾ ڍولي نرور ۽ سيرين جو ذڪر هن ريت اچي ٿو.

اُتر ديسان آوڻيان، ڏکڻ سانوڻيان،

ڍولو نرور سيرئين، ڌڻ ٻڪرڙيان،

پُڇو ڪُونجڙيان، ته ڪُوڻ هينئاري سڄڻين!

ڍولو نرور پنهنجي دور جو وڏو دلير، بهادر ۽ هر دلعزيز حاڪم هو ڍولي جي حاڪميت کانپوءِ ڍٽ جا جيڪي به حاڪم ٿيا، تن کي ڍوليو ڪوٺيو ويو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سُر ليلان چنيسر ۾ راءِ چنيسر کي ڍول ۽ سُر مومل راڻي ۾ راڻي مينڌري کي ڍولو ڪوٺيو آهي:

ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،

راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،

کوءِ ساکاڻي راتڙي، پرين ري پيئي،

مون کي ڏنءُ ڏيئي، ڍولو ڍٽ قراريو.

(شاهه)

09 موکي ۽ متارا:

انهيءَ کان بعد هاڻي هلون ٿا، موکي ۽ متارن طرف سو جڏهن اسان موکيءَ جي آستاني يا ڪلالڪي هٽ تي نظر ٿا ڦيرايون ته ڏسڻ ۾ پيو اچي ته موکي جيڪو مڌ، منڌ يا شراب جو ڪاروبار ٿي ڪري ۽ جتي واپار سانگي، سفر سانگي يا خاص ڪري مئخاني تان مئه پيئڻ خاطر اٺ متارا ڪهي ٿا اچن ته ڇا اوهان موکيءَ کي غريب چوندا، ڇو ته هوءَ ان وقت جي ڪرنسي مطابق جيڪو ۽ جيترو ناڻو ڪمائي گهر جو خرچ ٿي هلائي ته مطلب هوءَ غريب ناهي ۽ ايئن ئي متارا به جيڪو مڌ/منڌ ٿا واپرائن ته لازمي آهي، اهي به ڪي شاهوڪار آهن، جن جو تعلق سٺي گهراڻي سان آهي جيڪي اٺن يا گهوڙن تي چڙهي پري کان ڪهي اچي موکيءَ جي هٽ تي عيش ٿا ڪن، ڇو ته ڪو به غريب ايئن پري کان ڪهي ڪري ڪٿي به ائين عيش خاطر ناهي ويندو/ايندو، باقي متارن جي موت جو ڪارڻ هڪ الڳ موضوع آهي ته وري هنن جون قبرون موکي، جي آستاني کان پري ناراٿر تي هجڻ به هڪ سواليا نشاني ۽ تحقيق طلب عنوان آهي.

اچي تو اوتاري متارا سهڙيا موکي

پوک تو پرت جي پياري هئي پوکي

اها ويل هئي اوکي معلوم مهر مٽ ٿيا

(مهر فقير)

10 مورڙو ميربحر:

مٿي ذڪر ڪيل قصن جي مختصر ڄاڻ کان بعد دل ٿي چوي ته ڪلاچيءَ جي ڪُن جي هيرو ۽ مانگر مڇ کي ماري ڀائرن جو پلاند ڪندڙ باغي ۽ انقلابي اڳواڻ مورڙي کي به هن مضمون ۾ شامل ڪجي ته جيئن ڪٿي شاهه لطيف ڏک نه ڪري ته او فقير تون بغاوت ۽ انقلاب جي اڳواڻ کي وساري سنئين سڌي ناانصافي ڪئي آهي، سو مورڙو ۽ هن جا ڀائر محنت ڪندڙ مهاڻا آهن، جن وٽ سمونڊ جي سيني کي چيرڻ خاطر ٻيڙيون ۽ بتيلا آهن ته گڏگڏ مڇي مارڻ جو گهربل سامان پڻ آهي، مطلب ته هو جيڪا مڇي ڦاسائيندا هوندا سا سڀ جي سڀ پاڻ ته نه کائيندا هوندا، سو لازمي امر آهي ته اهي انهيءَ مڇيءَ جو پنهنجي پهچ ۽ وسيلن جي آڌار تي ڏيھ پرڏيھ ۾ واپار به ڪندا هوندا، جتان کين ان وقت جي حساب سان چڱو خاصو ناڻو ڪمائيندا هوندا ته پوءِ ڇا اسان ۽ توهان اهو چئي سگهون ٿا ته هو غريب هئا، ٻيو ته هاڻي به اسان جي سماج ۽ معاشري ۾ جنهن وٽ چار پيسا هوندا آهن ته ان لاءِ ايئن ئي چوندا آهيون ته فلاڻو، ٽيرو، مٽيرو پنهنجن پيرن تي بيٺل آهي ۽ مڇي ماني جي لائق آهي، يعني هو امير آهي، غريب ناهي، جو هو محنت ٿو ڪري، ڪٿي هٿ نٿو ٽنگي ۽ سکيو ستابو آهي، جو پنهنجي گهران ٿو کائي، اسان جي معاشري ۾ جڏهن والدين نياڻي کي پرڻائڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن ته هو اها گهر ڪندا آهن ته ڇوڪرو مڇي ماني لائق آهي يا نه مطلب ته سرندي پڄندي اٿس يا ڪو صفا ڀڙڀينگيو آهي، ڇو ته جيڪو مرد پنهنجي پيٽ لاءِ ئي دربدر هوندو آهي ته اهو پرائي نياڻي جي ڪهڙي پالنا ڪندو، پر مڇي مانيءَ وارو هوندو ته زال کي به سکيو رکندو.

مان هتي جيڪو ۽ جيترو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان سو لفظ ”غربت“ کي سامهون رکي لکيو اٿم باقي انهن ڪردارن، سورمن يا سورمين تي جيڪڏهن بهادري ۽ بردباري جهڙين انساني وصفن تي لکبو ته اهو به جدا حساب سان لکي سگهجي ٿو، پر هي مختصر مضمون ان ڪري ئي ترتيب ڏنو اٿم ته جيئن شاهه جي ڪردارن متعلق ڄاڻ کي نئين نسل تائين رسائي سگهان. سو اميد ته پڙهندڙ پڙهڻ بعد تنقيد براءِ اصلاح تحت رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا ته جيئن مضمون کي وري ٻيهر سينگاري، سنواري ۽ غلطيون، خاميون دور ڪري هڪ نج دستاويز وانگر محفوظ ڪري سگهان.

مددگار: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

***