پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو انقلاب، اي ڪورٽ سسٽم متعارف، هاڻي وڊيو لنڪ ذريعي به ٻڌڻيون ٿينديون
سپريم ڪورٽ پاران جاري ٿيڻ واري اعلاميي مطابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آصف سعيد کوسا جي اڳواڻي ۾ ٽن ميمرن واري بينچ وڊيو لنڪ تي پهرين ٻڌڻي 27 مئي تي ڪراچي رجسٽري ۾ ڪندي. اي ڪورٽ سسٽم تحت وڪيل وڊيو لنڪ ذريعي دليل پيش ڪندا. اعلاميي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اي ڪورٽ سسٽم ذريعي وڪيل ۽ فريادي کي نه صرف ڪيس جي ٻڌڻين ۾ سهولت ٿيندي پر هن قدم سان وقت ۽ پئسي جي زيان کي روڪيو ويندو. ڪراچي رجسٽري ۾ 27 مئي تي ٿيندڙ وڊيو لنڪ ٻڌڻي ۾ وڪيلن جو پرنسپل سيٽ اسلام آباد کان دليل ڏيندو. سپريم ڪورٽ جي اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته اي ڪورٽن ذريعي رولڙي ۾ پيل ڪيسن کي نبيرڻ ۾ مدد ملندي. ۽ وڪيل پنهنجا ڪيس بغير ڪنهن دير جي پيش ڪري سگهندا. جنهن لاءِ هنن کي پنهنجو شهر ڇڏڻ جي ضرورت به نه پوندي.

