ويل چيئر ۾ تبديل ٿيندڙ اسٽريچر

ڊينمارڪ جي ٻن ميڊيڪل ڪمپنين اسٽوڊيو روٽر ۽ ريٽر هيلفر هڪ هلڪو اسٽريچر ايجاد ڪيو آهي. هن اسٽريچر جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي اسٽريچر هڪ ويل چيئر ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿو. ويل چيئر کي ملٽي اسڪوپ پرو جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو وزن صرف 10 ڪلو گرام آهي. ان کي ٻن مرحلن ۾ کولي ۽ بند ڪري سگهجي ٿو. هن اسٽريچر کي ڊينمارڪ جي مختلف اسپتالن ۾ آزمائش لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هن سال جي آخر تائين اهو مارڪيٽ ۾ به اچي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *