ڪراچي ۾ هاڻ غير مقامي ماڻهو موبائل فون نه کپائي سگهندا
ڪراچي اليڪٽرانڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن غير مقامي ماڻهن جي موبائل فونز کپائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هاڻ ڪراچي جي شهرين کانسواءِ ڪير به موبائل فون نه کپائي سگهندو. ان حوالي سان ڪراچي اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر محمد رضوان عرفان چيو ته پوليس ۽ سي پي ايل سي جي سهڪار سان ڪيڊا ايس او پي ٺاهي آهي، هاڻ موبائل فون جي وڪري لاءِ ڪراچي جو سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ لازمي آهي، بنا تصديق ڪراچي جو ڪوبه دڪاندار موبائل فون خريد نه ڪندو، شهر جي سڀني موبائل مارڪيٽن جا دڪاندار فيصلي جا پابند هوندا. سندس چوڻ هو ته سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪراچي جي ايڊريس ڏسي موبائل فون ورتا ويندا، فيصلن ۾ مختلف وقتن تي اپ ڊيٽس به ڪندا رهنداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ ايس او پيز تي تمام گهڻي سختي ڪئي آهي، هيل تائين تقريبن 10 کان 12 ڪروڙ رپين جا موبائل فون پڪڙيا ويا آهن، پوليس ذريعي موبائل فون شهرين کي واپس ڏياريا ويا.

