ن ليگ ۽ پ پ جو پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ تي اتفاق
پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير جو عهدو مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو. مخالف ڌر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي وڏي وزير جي مقرري جو اعلان 24 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويندو ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ پاران مسلم ليگ (ق) کي پ پ ۽ ن ليگ جي تياري جو پيغام پهچايو ويو. ياد رهي ته مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين گذريل ڏينهن چيو هو ته سندس پارٽي ڪنهن تڪرار جو شڪار ناهي، بي اعتمادي واري رٿ تي آچر تي فيصلو ڪيو ويندو.

