خاص

ٽماٽن ۽ پٽاٽن جا اگهه ڄاڻڻ لاءِ سياست ۾ ناهيان آيو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نڪتل 3 ڪوئا پاڻ شڪار ٿيندا: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي. حافظ آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد خبر ناهي ته هڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، جيستائين قوم برائي جي خلاف نه بيهندي برائي وڌندي ويندي، ظلم خلاف نه  بيهنداسين ته ظلم وڌندو ويندو. هن چيو ته 25 سالن کان قوم ۾ تبليغ ڪري رهيو آهيان، سياست ۾ پٽاٽن ۽ ٽماٽن جا اگهه ڄاڻڻ لاءِ ناهيان آيو، سياست ۾ رڳو پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائڻ لاءِ آيو آهيان.