بلاگنئون

اينا برنس جو ناول Milkman

اينا برنس Anna Burns آئرش ليکڪا آهي، هن لکڻ جي شروعات 2001 کان ڪئي. هن جو پهريون ناولNo Bones جيڪوOrange Prize for Fiction لاءِ نامزد ٿيو هو. عورت ناول نگارن لاءِ اهو اعزاز وڏي اهميت رکندڙ آهي. ناولMilkman سندس ٽيون ناول آهي، هن ناول کي 2018ع ۾ بڪر پرائيز پڻ مليو. ناول فني توڙي فڪري حوالي سان مختلف رخن ۾ لکيل آهي.
ڪهاڻي ۾ منظر ڪشي آئرلينڊ جي ٿيل آهي، ان ڪري ان جي ماضي کي سمجهڻ ضروري آهي. آئرلينڊ اندر 1960ع کان 1998ع تائين سماجي ۽ سياسي حالتون ڏاڍيون خراب رهيون آهن. ان جو سبب ڏکڻ آئرلينڊ آهي. ان جي پويان هڪڙي ڌرCatholics هئي جيڪا چاهي پئي ته ڏکڻ آئرلينڊ ريپبلڪ آئرلينڊ جو حصو بڻجي، جڏهن ته ان جا مخالف چاهين پيا ته اها يو ڪي جو حصو ٿئي. ان ڇڪتاڻ ۾ جهيڙا، فساد، بمباري، دهشتگردي، قتل عام ٿيا اهي حالتون 1998ع ۾Good Friday Agreement جي معاهدي کانپوءِ ختم ٿيون. ان معاهدي جو مقصد ڏکڻ آئرلينڊ ۾ هڪ نئين حڪومت ٺهندي جنهن ۾ ٻئي ڌريون سياسي طاقت ورهائي حڪومت ڪنديون، امن کي برقرار رکي انساني حقن جي پاسداري ڪنديون. ان معاهدي کانپوءِ سماج ۾ پکڙيل خوف، شڪ، طاقت جو زور هڪ ڌر جو مخالف ڌر کي ڪمتري جو احساس ڏيارڻ واري صورتحال ۾ ڪردارن جي زندگين ذريعي منظر ڪشي ٿيل آهي.
ڪهاڻي:
ناول جي ڪهاڻي ڏکڻ آئرلينڊ جي ماحول تي لکيل آهي. اهو سماج جيڪو مختلف پابندين، سختي ۽ تنگ نظر سوچ ماڻهن تي مشتمل آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار هڪ ڇوڪري(Middle Sister) آهي. ٻيو ڪردار ملڪ مين(Milkman) آهي. ماڻهو افواهه هلائين ٿا ته ڇوڪري جو ان فرد سان چڪر آهي، معاشرو هن کي جج ڪرڻ لڳي ٿو، هوءَ ويڳاڻپ، پريشاني جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هن جو محبوبmaybe-boyfriend سان رشتو خراب ٿيڻ لڳي ٿو. هوءَ مجبور، لاچار ۽ بيوسي محسوس ڪري ٿي ماڻهن جي ڳالهين تي هن جا پنهنجا به اعتبار ڪرڻ لڳن ٿا. ان صورتحال جو فائدوMilkman حاصل ڪري هن کي هيڻو، ڪمزور محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. سماجي دٻاءُ، گهرو پريشانين، محبوب طرفان شڪ جي صورت ۾ هوءَ جدوجهد ڪري ملڪ مين جي حراسمينٽ مان جان ڇڏائي پنهنجي زندگي تي اختيار حاصل ڪري ٿي. ناول جي ڪهاڻي First-Person، خيالن جو وهڪرو (Stream-of-Consciousness)،Unreliable Narrator ۽ اڻ سڌي طرح ڊائيلاگ جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ پاڻ به ڳالهائيندا آهن اهي ڪهاڻي جا نيريٽوز آهن. ناول جو ٿيم افواهه، سماجي دٻاءُ، سياسي طاقت ۽ سماجي ضابطو آهن.
نفسياتي پاسو:
مڊل سسٽر سماجي افواهن، گهر جي ورتاءُ، دوستن جي روين ۽Milkman سان ڪوڙي تعلق تي جڏهن اهي يقين ڪن ٿا هوءَ مايوسي، تنهائي، ويڳاڻپ، ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿي. هوءَ مسلسل پنهنجي انفرادي شناخت تي سوچيندي ۽ پريشان رهڻ لڳي ٿي، ماڻهو هن جي شخصيتجو تعين ڪيئن ٿا ڪن؟ ان حوالي سان سماجياتي فلاسافرGoff man جي ٿيوريDramaturgical ڏني هئي جنهن ۾ ساڳيو تصور ڏنل آهي. هن جا ٻه اهم نقطا هڪFront Stage Behavior جنهن مطابقMiddle Sister افواهن ۽ حراسمينٽ جي باوجود پاڻ کي ماڻهن اڳيان اداڪار طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري انهن کي محسوس ڪرائي ٿي، هن کي ڪو نقصان ناهي پهتو. ٻيو نقطوBack Stage Behavior جنهن تحت مڊل سسٽر مڪمل طور نفسياتي مونجهارن جو شڪار رهي ٿي. يعني سماج اڳيان هوءَ هڪڙو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ اندروني طور هوءَ مختلف تضادن جو شڪار رهي ٿي. هوءَMilkman ۽ سماج جي ڳالهين ڪري پاڻ کي مجبور محسوس ڪرڻ لڳي ٿي، هن کي پنهنجي زندگي تي اختيار نٿو رهي، ٻاهرين ڳالهين ۽ اندروني تضادن جي ڪري هوءَ شخصي مونجهارن جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ٻيو ڪردارMilkman جو آهي جيڪو ماڻهن طرفان ٺاهيل ڪوڙي اسڪينڊل جو فائدو وٺي، پاڻ کي معتبر سمجهي مختلف سازشون جوڙي جوان ڇوڪري کي خوف ۽ حراس ۾ رکي ٿو. هن جو هٿيار شڪ آهي جنهن کي عوام تيار ڪري ٿو. ان جي ڪردار ۾ اسان کي خبر پوي ٿي ڪيئن غلط فهمي، هڪ طرفي ڳالھ ۽ ٻڌل ڳالهيون ماڻهن کي ڪيتري حد تائين نقصان پهچائي سگهن ٿيون. ان سماج ۾ گڏيل حڪومتي پاليسين(deep-seated sectarian and political divisions) جي ڪري ماڻهن ۾ پهريان ئي ڪافي وهم، وسوسا ۽ شڪ هئا جنهن جو فائدو هو وٺي ٿو، هو سڌي طرح ڳالهائڻ بدران اهڙا طريقا استعمال ڪري ٿو جيئن ماڻهن جي ذهن کي پاڻ طرف مائل ڪري وٺجي، هن جو مقصد ڇوڪري سان پيار يا سيڪس ناهي ڏيکاريل، پر هڪ ڏاڍ ۽ (ميل ڊوميننسي) جو مثال ڏسي سگهون ٿا.Milkman شروع ۾ ڇوڪري جي آسپاس گهمي ڦري ٿو، هن جو پيڇو ڪري ٿو، اڳتي هلي ان خلاف معاشري سطح تي پروپيگنڊا ڦهلائي ٿو نفسيات ۾ ان عمل کيFoot-in-the-Door چئبو آهي. ان کان علاوه هتي اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪيئن هو سماجي طور غلط فهمين کي هٿي ڏئي ٿو. ان حساب سان جيڪڏهنHenri Tajfel جي سماجي شناخت واري ٿيوري ڏسون جنهن مطابق هن فرد جو ڪردار ڏسجي ڪيئن هو پنهنجي سياسي قوت جو سهارو وٺي ٻئي گروپ ۾ پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ کي ظاهر ڪري ٿو. ان کان علاوه ليکڪا هتي ٻيو نفسياتي طريقوGaslighting استعمال ڪيو آهي. ان مان مراد ٻئي فرد کي اهڙو احساس ڪرائڻ جيئن هو پاڻ کان به ڊڄڻ لڳي ۽ شخصيت واري بحران جو شڪار ٿي وڃي اهو سڄو ڇوڪري جي شخصيت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
ناول جا فڪري پاسا:
هن ناول ۾ فڪري حوالي سان اسانPanopticism ۽ سخت نگراني ڏسي سگهون ٿا جنهن کي مهارت سان پلاٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جتي طاقتور ڌريون ڪمزور تي ڏاڍ هلائين ٿيون، هتيMiddle Sister جي پاسي تي ملڪ مين جي ڏاڍ هلي ٿي. ان کان علاوه ڇوڪري جي انفرادي شناخت کي ناول اندر جنهن طريقي سان ماحول ڏنو ويو اهو وجوديت مطابقbad faith ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کان علاوه اسان Consequentialism جو تصور ناول ۾ پڻ ڏسي سگهون ٿا، جنهن جو مقصد خوف، داٻو، دٻاءُ ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جنهن جو شڪار هتي ڇوڪري ٿئي ٿي. ان کان علاوه ناول اندر جديديت پڄاڻان ٽيڪنڪ جو استعمال پڻ بهترين نموني ٿيل آهي. برنس جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها ترتيب ۾ جملن جي ادائگي، پيراگراف جي گرامر روايتي ناهي جيڪا خيالن جي وهڪريStream-of-Consciousness ۾ شمار ٿئي ٿي. جيئن هي جملو ڏسو:
Extraordinary!’ someone then said – which meant it must have been for that was not a word ever to be used in our lexicon. As with others like it ‘marvelous!’, ‘tremendous!’, ‘stupendous!’
‘sunning!’, ‘sensational!’, ‘topper!’, ‘super!’, ‘crikey!’, ‘let’s!’ ‘smashing!’, ‘diamondiferous!’, ‘bizarre!’, ‘exceedingly!’-even ‘however’ and ‘indeed’ though I myself and wee sisters said ‘however’ and ‘indeed’-it was an emotional word, too much of a colorant, too high-flying, too posturing; basically it was of that
quintets entail ‘over the water’ language, with ‘quintessential’… اهڙي طريقي سان ناول ۾ اهو طريقو اپنايل آهي. اهڙي طرح ان مان اهو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو ناول ۾ ڊگها ڊگها جملا استعمال ٿيل آهن جيڪيconventional narrative کان مختلف ۽ منفرديت رکندڙ آهن. اهڙن جملن جو نثر ۽ اسلوب روايتي جملن کان مختلف هوندو آهي. ان کي Unconventional Syntax چئبو آهي، جيڪا پڻ لکڻي ۾ فن طور استعمال ٿيندي آهي. مثال: صفحو 191 تي ڏسي سگهجي ٿو:
The Exorcist, taken from ma’s stack of
books by her bedside; The Tragicall History of the Life and Death of Doctor Faustus, taken from I didn’t know where; and the children ‘sad potation of the adult Call Yourself a Democracy! which began:
‘Which state let up until five years ago could search homes without a warrant, could arrest without a warrant, could imprison without a charge, could imprison without a trial, could punish by flogging, could deny a l prison visits, could prohibit inquests into deaths in prison after arresting without a warrant and imprisoning without a charge and imprisoning without a trial?’
ان کان علاوه ڏسجي ته جاين، ماڻهن، ۽ ٻين شين جا واضح ۽ اصلي نالا ناول اندر ڏنل ناهن، اها خوبي پڻ جديديت پڄاڻان ۾ شمار آهي. ان کان علاوه ڪو هڪڙو سچ يا مخصوص شناخت ناهي شين جي گهڻائي آهي، ڳالهين جي گهڻائي آهي. ناول ۾ ميٽافڪشن سان گڏ اسان کي انٽرٽيڪسچوئلٽي جا مثال پڻ ملن ٿا جيئن هي جملو پڙهو:
Mostly, though, I read nineteenth-century literature, but nineteenth century literature didn’t go down well in my area.
مجموعي طور ناول جو پلاٽ هڪ طرفو ناهي، ڪردار نگاري انهن جو ماحول، ڪهاڻي ٻڌائڻ، ڪهاڻي جو پسمنظر مختلف طريقن سان پلاٽ ۾ آڻي هڪ بهترين ناول لکيو ويو آهي. جنهن ۾ يقينن جديديت پڄاڻان جا عنصر ڪافي ملن ٿا.
افواهه، هڪ طرفي ڳالھ، شڪ، اعتبار جو رسو هٿن مان ڇڏائجي وڃڻ سان هڪ فرد ڪيئن ڀوڳي ٿو، نفسياتي ۽ سماجي طور هو وجودي بحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو، پنهنجي زندگي تي هن جو اختيار نٿو رهي، سماج هن کي ٻين طرفان طئي ڪيل تصوير ڪشي(image) ۾ ڏسي ٿو، انفرادي آزادي خوف کي جنم ڏئي ٿي، ڳڻتيون، پريشانيون، ذهني دٻاءُ”self isolation” زندگي ۾ بيزاريت کي جنم ڏئي مايوسي ۽ فراريت طرف ڌڪي ڇڏين ٿيون. هن ناول جي ڪهاڻي به ائين ئي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ تي آهي، جنهن کي هڪ فرد حراس جو نشانو بڻائي هن کي اڪيلائي ۽ هيڪلائپ جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو. ان سڄي اذيت کي ڪيئن هوءَ ڀوڳي ٿي، ڪيئن خارجي ۽ داخلي طور ڀوڳيندي رهي ٿي. جڏهن پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ لڳي ٿي اها خود اعتمادي هن کي زندگي طرف واپس آڻڻ لڳي ٿي. جهڙي ناول جي ڪهاڻي آهي فني حوالي سان پڻ دلچسپ آهي جنهن ۾ مختلف طريقا استعمال ٿيل آهن مرڪزي طور ناول Stream-of-Consciousness ۾ لکيل آهي.
***