خاصنئون

آمريڪا جي صدر, وزير اعظم سان ملاقات ۾ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي

وزير اعظم عمران خان وائيٽ هائوس پهچي ويو جتي آمريڪا جي صدر سندس آجيان ڪئي جنهن بعد ٻئي ڄڻا وائيٽ هائوس اندر ويا. جتي ٻنهي وچ ۾ ملاقات ٿي. پهرين مرحلي ۾ آمريڪا جي صدر ۽ وزير اعظم جي وچ ۾  ون آن ون ملاقات ٿي جنهن ۾ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزير اعظم عمران خان کي ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي . هن عمران خان کي چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هن کي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ درخواست ڪئي آهي. آمريڪا جي صدر وڌيڪ چيو ته هو پاڪ ڀارت لاڳاپن لاءِ به ڪوشش ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه  آمريڪا جي صدر چيو ته پاڪستان، افغانستان امن عمل ۾ اسان جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جا ماڻهو ڏاڍا سٺا آهن ۽ پاڪستان ۾ منهنجا گهڻا ئي دوست آهن. اسان افغانستان مان نڪرڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ پاڪستان  اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف عمران خان چيو ته وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ منهنجي خواهش هئي ته آمريڪا جي صدر سان ملاقات ڪريان. پاڪستان نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي. هيءَ ملاقات آمريڪا سان نَونِ لاڳاپن جي شروعات آهي. هوڏانهن ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رويش ڪمار چيو آهي ته آمريڪا جي صدر ۽ وزير اعظم عمران خان وچ ۾ ملاقات بعد معلوم ٿيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي جڏهن ته وزير اعظم مودي هن کي ڪڏهن به ڪشمير جي معاملي تي ٽياڪڙي لاءِ نه چيو آهي.