پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان جي داخلي فيصلن ۾ دخل اندازي جو الزام غلط آهي: آمريڪي پرڏيهي ادارو

آمريڪي پرڏيهي اداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي داخلي فيصلن ۾ دخل اندازي جو الزام غلط آهي. آمريڪي پرڏيهي اداري جي ترجمان ميٿيوملر ميڊيا بريفنگ ۾ آمريڪي ويب سائٽ تي سامهون ايندڙ سائفر جي متن بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته هن دستاويز جي تصديق هئڻ جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهان، پر جيڪڏهن ان رپورٽ ۾ ڪيل سموريون ڳالهيون درست به آهن تڏهن به اهو ڪٿي نٿو ظاهر ٿئي ته آمريڪا اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ قيادت ڪنهن وٽ هئڻ گهرجي.