بلاگنئون

ڪرپشن: سبب، اثر ۽ روڪ

1. تعارف
دنيا جي جن به ملڪن ۾ ڪرپشن حاوي آهي. اُتان جا ماڻهو تمام گهڻي ڏک ۽ پيڙا واري زندگي گذارين ٿا. ڪرپشن ڪنهن به سماج لاءِ ناسور برابر آهي. حقيقي دنيا ۾ ڪرپشن ۽ ڏوھ گڏوگڏ هلن ٿا ۽ ڪرپشن بِذاتِ خُود هڪڙو ڏوھ آهي. ڪرپشن سڀني انساني قدرن کي پڻ ختم ڪري ٿي ۽ اها سماج کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ٿي. اٽڪل 2500 سال پهريائين يونان جي مشهور فلاسافر افلاطون پنهنجي ڪتاب رعيتي راڄ ۾ فلاسافرن کي صلاح ڏني هئي ته هُو ڪرپشن کان پاڻ کي بچائين.
جنهن به ملڪ ۾ ڪرپشن گهڻي آهي اُهي عالمي برادري ۾ تذليل جو باعث بڻجن ٿا ۽ اُهي ملڪ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور تي تباھ ٿين ٿا، پر جتي به ڪا سٺي حڪمراني اچي ٿي، اُتي ڪرپشن ختم ڪرڻ سندن پهريون هدف هوندو آهي. ان ڪري گڏيل قومن جي پائيدار ترقي مقصد 16 ۾ ڪرپشن جو خاتمو به ڏنو ويو آهي. اڀياس ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ناڪام رياستون، بنانا رياستون، نشي واريون رياستون ۽ غير جمهوري حڪومتن ۾ اڪثر ڪري ڪرپشن تمام گهڻي ٿيندي آهي.
پر جن به سماجن ۾ ڪرپشن نه هئڻ جي برابر آهي اتي جا ماڻهو بهتر کان بهترين زندگي گذاري رهيا آهن. مثال طور؛ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 2022 جي رينڪنگ مطابق هي 10 ملڪ جنهن ۾، ڊينمارڪ (1)، فنلينڊ (2)، نيوزيلينڊ (2)، ناروي (4)، سينگاپور (5)، سوئيڊن (5) سوئيزرلينڊ (7)، نيدرلينڊ (8) جرمني (9)، ۽ آءِ لينڊ (10) انهن ملڪن ۾ سڀ کان گهٽ ڪرپشن موجود آهي. ان جي برعڪس ڪيترائي ملڪ ان رينڪنگ ۾ هيٺائين سطح تي آهن. مثال طور؛ شام ۽ سوڊان (178), صوماليه (180) ۽ پاڪستان جي ڪرپشن ۾ رينڪنگ 180 ملڪن مان 140 نمبر تي آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪرپشن جي خلاف سخت سزا ڏني وڃي ٿي. مثال طور: آمريڪا ۾ سرڪاري آفيسر جي سزا ۾ رشوت جي ثابتي ۾ قيمت کان ٽيڻو ڏنڊ ۽ 15 سال قيد جي سزا ۽ گڏوگڏ عهدي تان هٽائڻ جي سزا به ڏني وڃي ٿي. جاپان ۾ ڪرپشن جي 3 سال سزا سان گڏ انهن جي سڪي جي مطابق تمام گهڻو ڏنڊ آهي، چين ۾ ڏوھ جي مناسبت سان عمر قيد سان گڏ ڏنڊ ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ واري ڪرپشن ڪرڻ واري کي ڦاهي جي سزا به ملي سگهي ٿي. انگلينڊ ۽ جرمني ۾ 10 سال سزا سان گڏ ڏنڊ پڻ شامل آهي، سينگاپور ۾ 5 سال سزا سان گڏ 1 لک ڊالر ڏنڊ ۽ پاڪستان ۾ 4 کان 12 سال سزا سان گڏ ڏنڊ به شامل آهي.
2. ڪرپشن جي وصف
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي مطابق “قانوني اختيار کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ کي ڪرپشن چيو ويندو آهي”. مختلف شعبن ۾ ڪرپشن ماڻهو مختلف طريقن سان ذاتي فائدي لاءِ ڪندا آهن. پوءِ اهو چونڊيل سياسي نمائندو هجي، حڪومتي اهلڪار هجي، صحافي هجي، اسڪول جو سنڀاليندڙ هجي يا ڪو ٻيو ماڻهو جنهن کي ڪنهن اداري جو اختيار هجي.
رشوت وٺڻ، سرڪاري پئسي جي چوري ڪرڻ، پنهنجا نوازي، ٽيڪس لڪائڻ، نااهل ماڻهوءَ کي نوڪري ڏيڻ، رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪرڻ، ٺيڪن ۾ ڪميشن وٺڻ، عدالت ۾ ڏوهاري کي بچائڻ، سرڪاري وسيلن کي ناجائز استعمال ڪرڻ، سرڪاري ذميواري پوري نه ڪرڻ، هٿرادو قيمتون وڌائڻ ۽ قانون جي حڪمراني جي ابتڙ ڪم ڪرڻ جهڙا عمل ڪرپشن جي زمري ۾ اچن ٿا.
مٿين ڏوهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ اختيار ڌڻي جڏهن پنهنجو اختيار ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪندا آهن ته ان جا عوام لاءِ ڪيڏا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا آهن. مثال طور؛ ڪنهن اسپتال جو منتظم دوائون چورائي، نااهل ڊاڪٽرن کي مقرر ڪري يا پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري ته سندس انهيءَ عملن جو مريضن تي ڪيترو خراب اثر پوندو.
سنڌ ۾ خاص ڪري صرف پئسي جي رشوت کي ڪرپشن چيو ويندو آهي. پر مٿي ذڪر ڪيل ڪرپشن بابت جيڪي عمل ٻڌايا ويا آهن جنهن سبب ڪرپشن جو دائرو ڪيترو نه وسيع بڻجي ٿو. جڏهن به سماج ۾ ڪرپشن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته ان جي شڪل اڄ جي سنڌ جيان نظر اچي ٿي. جتي ڪنهن جو به احتساب نٿو ڪيو وڃي. سياسي نمائندن کان وٺي هيٺئين سطح تي ڪرپشن سبب عام ماڻهو ذهني، جسماني، سماجي ۽ مالي تڪليف ۾ آهي. پوءِ ڇو نه اهي عدالتون هجن، اسڪول هجن، اسپتالون هجن، روڊ رستا هجن، ٽرانسپورٽ هجي يا امن امان هجي، هر شعبي ۾ عام، هيڻو ۽ بي پهچ شهري قيمت ادا ڪري ٿو. ان ڏک ۽ پيڙا جو احساس صرف ان شهريءَ کي معلوم آهي. جيڪو اِنهيءَ پيڙا مان گذري ٿو.
اهو بي پهچ شهري صبح جو اٿڻ کان وٺي رات جي سمهڻ تائين ڪرپشن جي ايترن ته مسئلن سان منهن ڏئي ٿو جو هن جي زندگي مان سڪون ۽ خوشي ختم ٿي وڃي ٿي، پوءِ اها گهٽ آمدني هجي، ننڍا گهر هجن، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجي، ٻارن جي ناقص تعليم هجي، بيمارين جي علاج لاءِ پئسو نه هجي، بجلي ۽ گئس ان کي مهيا نه هجي گهٽ آمدني ڪري صحيح کاڌو نه هجي ۽ دنيا سان رابطي لاءِ موبائل جي اڻپوري سهولت هجي انهن سڀني شين جي اڻاٺ جي ڪري شهريءَ جي جيڪا پيڙا آهي. اها لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي.
3. ڪرپشن جا سبب
ڪرپشن جا مختلف سبب آهن جنهن جي اصلي جَڙ ضرورت ۽ لالچ تي ٻڌل آهن. ڪرپشن هيٺين حالتن ۾ وڌي وڃي ٿي:
رشوت خوري، بدعنواني ۽ خراب حڪمراني جو طاقتور ڪلچر
خراب سياسي نظام جي موجودگي
آئين ۽ قانون جي ڪمزور حڪمراني
تمام گهڻي مهانگائي، غربت ۽ بي روزگاري
ڪرپشن کي روڪڻ وارا بي اثر ادارا
ڪمزور عدالتي نظام
ڪرپشن وارو طاقتور سياسي ۽ سماجي نظام
سياسي، سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ احتساب نه هجڻ
4. ڪرپشن جا اثر
ڪنهن به سماج يا ملڪ ۾ جڏهن ڪرپشن وڌي وڃي ٿي ته اُتي هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:
رشوت خوري، پنهنجا نوازي، بد انتظامي ۽ سرڪاري خزاني تي ڌاڙو وڌي وڃي ٿو.
انصاف پئسي تي وڪامي ٿو.
وڏي پئماني تي انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي.
اقتصاديات ترقيءَ بجاءِ تنزلي جو شڪار ٿئي ٿي.
امن امان خراب ٿئي ٿو ۽ شهرين جي جان و مال ۽ عزت خطري ۾ اچي وڃي ٿي.
شهر ترقيءَ بجاءِ تباهي جي رستي تي نظر اچن ٿا.
اهليت جي بجاءِ سرڪاري نوڪريون پئسي تي نيلام ٿين ٿيون.
شهرين جي سماجي ۽ سياسي حقن تي ڌاڙو لڳي ٿو.
عورتون، اقليتون ۽ ڪمزور طبقا پيڙجندا رهن ٿا.
خراب حڪمراني جو راڄ قائم ٿئي ٿو.
شهري بنيادي سهولتن جن ۾، تعليم، صحت، روڊ رستا، پيئڻ جو پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين سهولتن کان محروم ٿي وڃن ٿا.
قدرتي وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿئي ٿو.
نوجوانن ۾ بي روزگاري وڌي وڃي ٿي.
سماجي ايمانداري ۽ ڀائپي جا قدر ختم ٿيندا وڃن ٿا.
سرڪاري عملدار سياسي حڪومت جا ذاتي ملازم ٿي ڪم ڪن ٿا.
آئين ۽ قانون جي حڪمراني ڪمزور ٿئي ٿي.
قدرتي آفتن کان بچاءَ جا جوڳا قدم نه کڻڻ سبب تباهي ٿئي ٿي.
سماج ۾ ايمانداري، رواداري ۽ هڪ ٻئي سان ڀلائي ڪرڻ جهڙا قدر ختم ٿي ان جي جڳھ تي رشوت، بي ايماني، هڪ ٻئي کي دوکو ڏيڻ، چوري، ٺڳي ڪرڻ جهڙا عنصر ڦهلجي وڃن ٿا ۽ سماج ۾ رهڻ ڏُکيو ٿي پوي ٿو.
5. ڪرپشن جي روڪ
جن به ملڪن ۾ ڪرپشن نه هجڻ جي برابر آهي انهيءَ جي تجربن مان اهو سکجي ٿو ته ڪرپشن کي هيٺ ڏنل طريقن سان روڪي سگهجي ٿو:
سياست ۾ هر قسم جي ڪرپشن جو خاتمو
قانون ۽ آئين جي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ
صحيح جمهوريت جو قيام
عدليه جي آزادي
شفافيت جي واڌ
هيٺئين سطح تي اختيارن جي منتقلي
آزاد پريس
انساني حقن جي حفاظت
معاشي ترقي
ڪرپشن خلاف ادارن جي بهتري
حڪومتي ادارن ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جو وڌيڪ استعمال
ڪرپشن خلاف سخت سزائن جي قانون سازي
ڪرپشن ڪندڙ فردن کي خوار ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ
ايمانداري جي ڪلچر جو ڦهلاءُ / وڌاءُ
5. پڄاڻي
سڌريل دنيا ۾ ڪرپشن جي ڪا به جڳھ نه آهي جن به ملڪن ۾ ڪرپشن نه هئڻ جي برابر آهي انهن جي عالمي برادري ۾ تمام وڏي ساک آهي ۽ انهن ملڪن جا شهري تمام بهترين زندگي گذارين ٿا. پر ان جي برعڪس جن ملڪن ۾ ڪرپشن وڌيڪ آهي انهن جي عالمي برادري ۾ تمام گهڻي تذليل ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ انهن جا شهري بدترين زندگي گذارين ٿا. هر اداري ۾ انهن جا سربراھ، قانوني اختيارن کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪري شهرين جي زندگي عذاب بڻائين ٿا.
جتي ڪرپشن وڌيڪ آهي اتي سماجي قدر تمام ڪمزور ٿيندا آهن ۽ خودغرضي، لالچ، رشوت خوري، ڦرلٽ واري نفسيات وڌي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ جن به ملڪن ۾ ڪرپشن گهٽ آهي انهن جو سياسي، سماجي، حڪومتي اڀياس ڪري جيڪي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهي پنهنجي ملڪ ۾ رائج ڪري. سماج مان ڪرپشن جي مڪمل روڪ ڪري سگهجي ٿي ۽ شهرين کي پُرامن، خوشحال ۽ سٺي زندگي ڏئي سگهجي ٿي.
***