شاهه سائين جي سموري شاعري ۾ انسان ذات لاءِ ڪو نه ڪو مقصد فلسفو ۽ ڏاھپ وارين ڳالهين جا اھم نقطا لڪل آھن نه صرف دنياوي زندگي جا پر روحاني زندگي ۽ تصوف جا به املهه راز سندس شاعري ۾ لڪل آھن، جنهن تي عمل ڪري ماڻھو پرسڪون زندگي گذاري سگهي ٿو. بلڪل اھڙو ئي خوبصورت نصيحتن سان سمايل شاهه سائين جو ھڪ سر آھي “ڪاپائتي”، جنهن ۾ “ڪتڻ وارين چرخو چوريندڙن” جو ذڪر ٿيل آھي. ڪاپائتي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آھي جنهن جي معنى آھي ڪاتار يعني ڪتڻ واريون، ڪپھ ڪتيندڙ، ڪاپو ڪندڙ.
شاھ صاحب ھتي انسان کي “ڪاپائتي” جي صورت ڏي ٿو ۽ سندس قلب روح کي “ائٽ” جو مطلب ته جيسين انساني جسم ۾ ساھ آھي تيئن “ڪتڻ” يعني ڌڻي جي عبادت ڪندو رھڻ گھرجي. ظاھري طرح ھن سر ۾ ڏسجي ته شاھ سائين نصيحت ڪندي نظر اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته “ھي زندگي تمام مختصر ۽ فاني آھي، وقت ڪيئن ٿو گذري بلڪل به خبر نٿي پوي سو بيڪار اجاين ڳالهين ۾ پنهنجو وقت نه وڃايو ۽ جيڪو وقت ملي اھو سجايو استعمال ڪريو ڌڻي جي عبادت ڪريو.” جيئن ھن سر ۾ پاڻ ڪتڻ وارين عورتن کي نصيحت ڪن ٿا ته ڀلائي انھيءَ ۾ آھي جو جيڪو وقت ملي اھو سٽ ڪتڻ ۾ گذاريو ايئن نه ٿئي جو ھي وقت ھٿن مان نڪري وڃي ۽ توھين صرف افسوس ڪندي رھجي وڃو. جڏھن ته روحاني پاسي کان ڏسجي ته ان ۾ به شاهه سائين اھو درس ڏئي ٿو ته زندگي نھايت مختصر آھي ھي دنيا تمام جلد ختم ٿيڻ واري آھي ۽ اسان سڀني کي ھڪ ڏينهن الله پاڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آھي ۽ اسان پنهنجي دنياوي زندگي ڪيئن گذاري ان جو به حساب ڏيڻو آھي.
شاهه سائين فرمائي ٿو ته جيڪي دنيا ۾ “ڪتڻ” واريون ھونديون مطلب ته جيڪي دنيا ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪندا اجايو وقت نه وڃائيندا ته اھي قيامت جي ڏينهن سرھا ٿيندا ۽ انعام ۾ جنت ماڻيندا.
“ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، ستي ساھين گڏ،
صبح ايندئي اوچتو، عيد اگھاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندي سينگار لئه”
“يعني ھن دنيا ۾ جيڪڏهن تون ڌڻي جي عبادت نه ڪندين نيڪ ڪم نه ڪندين ته تنهنجي آخرت خراب ٿيڻ جو انديشو آھي ۽ اوچتو ڪيڏي مھل به ايئن ٿي سگهي ٿو پوءِ تنهنجون سرتيون جن دنيا ۾ سٽ ڪتيو ھوندو مطلب ڌڻي پاڪ جي عبادت ڪئي ھوندي انھن کي انعام سان نوازيو ويندو، پر تون اھي انعام ڏسي سڪي ويندين.”
ھن خوبصورت بيت ۾ شاهه سائين چوي ٿو ته ڪھڙو به ڪم ڪريو پر دل سان ڪريو ۽ اھو ڪيئن به ٿئي، پر توھين ان ۾ لڳا پيا ھجو ته ان جو ضرور اجورو توھان کي ملندو بلڪل ايئن الله پاڪ جي عبادت ڀلي ٿوري ئي ڪريو، پر دل سان ڪريو ته پوءِ توھان جو عمل بنا ترڻ جي ئي اگھامي ويندو.
“سي تو ويھي وڃايا، جي ڪتڻ سندا ڏينھن،
ارٽ اوڏي نه ٿئين ڀوري! ڀوري سيئن،
ڪنڌ کڻندين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.
مطلب جيڪي توکي وقت مليو سٽ ڪتڻ لاءِ اھو تو اجاين ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيو وري اھي ڏينهن موٽندا ڪونه، توکي ھڪ ساعت گھڙي جو به احساس نه ٿيو ته “اڱڻ عجيبن” يعني محبوب جي اڳيان تون ڪنڌ ڪيئن کڻي سگھندين؟
ھي سڄو سر شاهه سائين جي اھڙين نصيحت ڀرين ڳالھين سان سنواريل آھي، جنهن کي پڙھي ذھن تي عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿيو وڃي ٿي ۽ انسان ھنن ڳالهين تي حقيقي عمل ڪرڻ جو سوچي شاھ جي شاعري ۾ سمايل رازن ۾ گم ٿيندو وڃي ٿو.