15 ۽ 16 آڪٽوبر تي پاڪستان جي ميزباني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. ملڪ کي انهيءَ اهم تنظيم سان لاڳاپيل مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقات جو موقعو ملي رهيو آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته وفاقي سرڪار انهيءَ موقعي مان فائدو وٺندي. جڏهن اهم ملڪن جا سربراهه اسان جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا تڏهن ملڪ جي خارجا پاليسي کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ اهو بهتر موقعو هوندو. شنگهائي تعاون تنظيم اهم ملڪن تي مشتمل آهي جن ۾ چين، روس، ڀارت قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان شامل آهن. هڪ طرح سان اها تنظيم پاڪستان جي اهم پاڙيسري ملڪن جي آهي.
شنگهائي تعاون تنظيمSCO جا مقصد تمام اهم آهن جن ۾ سڀ کان پهريون مقصد ميمبر ملڪن جا هڪٻئي سان ناتا بهتر ڪرڻ آهي ۽ ٻيو بنيادي مقصد سياسي معاملن، اقتصادي ترقي، واپار، سائنسي، ٽيڪنالاجيڪل، ثقافتي ۽ تعليمي ميدانن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ انهيءَ تنظيم سان لاڳاپيل ملڪن جي بنيادي ذميداري آهي. اڃان به انهيءَ ۾ توانائي، مواصلات، سياحت ۽ ماحول جو تحفظ شامل آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جو سڀ کان اهم مقصد علائقائي امن جي تحفظ جي حصول کي يقيني بنائڻ آهي. اسان جي سرڪار ۽ ان جي وزارت خارجا کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته تنظيم سان لاڳاپيل اڳواڻ 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسان جي ملڪ ۾ اچن ۽ اسان کي مان بخشين. اهو سٺو لڳندو جيڪڏهن روس جو سربراهه ولادي مير پيوٽن ۽ چين جو صدر شي جن پنگ اسان جا مهمان ٿين. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته پاڙيسري ملڪ ڀارت انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انهيءَ جو وزير خارجا جئه شنڪر پاڪستان ايندو. اهو وڏي وقت کانپوءِ ٿي رهيو آهي ته ڀارتي وزير خارجا پاڪستان جو دورو ڪري رهيو هجي. گذريل سال مئي مهيني ۾ اسان جي وزير خارجا جناب بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعان تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو هو. اسان جي وزير خارجا انهيءَ شرڪت کي هڪ مثبت فيصلو قرار ڏنو. ان جي باوجود جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفا مسئلا آهن جن جو بنياد ڪشمير آهي. اسلام آباد جي ميزباني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ اجلاس خطي ۾ پاڪستان جي اثر و رسوخ کي ظاهر ڪري ٿو، هاڻي اسان جي وزارت خارجا کي ۽ اقتصاديات ۽ ماليات سان لاڳاپيل ٻين وزارتن جو اهو فرض آهي ته ميمبر ملڪن سان تعميري تعلقات کي فروغ ڏيندي علائقي جي امن ۽ ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. جن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي. اسان کي انهيءَ ڪانفرنس مان عالمي امن ۽ ترقي جا موقعا ڳولڻا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم پنهنجي تاريخ ۾ هڪ نئين تنظيم چئي سگهجي ٿي. جنهن کي 2001ع ۾ چين، قازقستان، ڪرغستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي رهنمائن قائم ڪيو. 10 جولاءِ 2015 تي انهيءَ ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو. پاڪستان هاڻي تنظيم جو مستقل رڪن بڻجي ويو آهي. چين ۽ روس جهڙن طاقتور ملڪن جو ان تنظيم جو ميمبر هجڻ اهميت ڀريو آهي ۽ موجود وقت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي. اهو اهڙو وقت آهي جڏهن اسان جي ملڪ کي افغانستان جي سرحد وٽان مسئلا آهن ۽ وچ اوڀر ۾ جنگ واري صورتحال به اسان لاءِ اهم آهي. ويجهڙ ۾ چين ۽ روس افغانستان جي سلسلي ۾ پنهنجي پاليسين کي نرم ڪيو آهي. هي موقعو آهي جڏهن شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي ته اسان جو وزيراعظم ۽ وزارت خارجا دوست ملڪن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته خطي ۾ مستقل امن ڪيئن اچي سگهي ٿو، جيئن سڀ پاڙيسري ملڪ ترقي ڪري سگهن.
هتي ڏک سان اها ڳالهه به ڪرڻي ٿي پوي ته اسان جي هڪ سياسي جماعت پنهنجي سياسي ڪاميابين لاءِ هڪ طرح سان ڄڻ سڄي ملڪ کي يرغمال ڪريو ويٺي آهي. دارالحڪومت اسلام آباد ڄڻ امتحان ۾ آهي. تازو ملائيشيا جي وزيراعظم جي دوري دوران به سڄي دنيا اهي منظر ڏٺا هوندا. انهيءَ سڀ جي باوجود شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ۽ تڏهن سرڪار ضرور سمجهندي هوندي ته موقعا روز روز نه ملندا آهن. انهيءَ ڪري موجوده حڪومت کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس مان فائدو وٺڻ گهرجي.