ايڊيٽوريلٻيا موضوع

تڪراري ڊجيٽل آدمشماري 2023

پاڪستان ۾ آدمشماري، آدم ڳڻپ يا گهر ڳڻپ هڪ آئيني عمل آهي ۽ هن وقت ڳڻپ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ان لاءِ سنڌ جي هر سنڌيءَ کي پنهنجو پاڻ کي ان ڳڻپ ۾ شامل ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي. ڳڻپ جو عمل آئيني آهي، جنهن جو مدو آئين ۾ 10 سال لکيل آهي، مطلب ته هر ڏهاڪي کانپوءِ هن عمل کي پوري ملڪ ۾ دهرائي ماڻهن کي ڳڻيو ويندو ته جيئن وڌندڙ آدمشماري تحت ملڪ جا ادارا پنهنجي پلاننگ ڪري سگهن. 2023 جي ڊجيٽل ڳڻپ وقت کان اڳ متضاد بڻجي چڪي آهي ڇو ته هيءَ ڳڻپ وقت کان اڳ ٿي رهي آهي، ۽ هن لاءِ سنڌ جي دانشور طبقي کان وٺي هڪ عام ماڻهو جي ذهن ۾ ڪيترائي خدشا ۽ خوف موجود آهن ۽ انهن جو اظهار سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ مختلف سماجي پليٽ فارمن تي تمام منظم انداز سان ٿي چڪو آهي، پر وفاقي يا صوبائي حڪومت طرفان ان جو ڪوبه واضح يا اطمينان بخش جواب يا موقف سامهون نه آيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هو سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي دور ڪري ۽ شين کي واضح انداز ۾ پيش ڪري. 2017 جي آدمشماري تي اعتراض سنڌ حڪومت اٿاريو ۽ سنڌ جو وڏو وزير ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي ويو ۽ وفاقي حڪومت کي مجبور ڪيو ته ڳڻپ ٻيهر ڪرائي وڃي، هن وقت سنڌ جون سياسي جماعتون به ان مسئلي تي سياست ڪري رهيون آهن ته پيپلز پارٽي به خاموش رهي سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وقت سنڌ جي ماڻهن کي جنهن شيءَ تي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي آهي، اها ڳڻپ دوران شناختي ڪارڊ جو ضروري نه هجڻ آهي. ان معاملي تي سنڌ حڪومت کي پنهنجو موقف ضرور ڏيڻ گهرجي ته آخر ان فيصلي سان سنڌ کي ڪهڙا فائده يا نقصان ٿيندا ته جيئن ڳڻپ لاءِ درست راءِ قائم ٿي سگهي. ان کانسواءِ ڪجهه ماهرن جي راءِ اها آهي ته ڳڻپڪارن جو انگ به تمام گهٽ آهي ۽ وري ڪراچيءَ ۽ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڳڻپڪارن جو انگ به متضاد آهي، ڪراچي جتي آبادي گهڻي آهي ۽ ڳتيل آهي اتي ڳڻپڪارن جو انگ وڌيڪ آهي، ۽ جتي ٻهراڙين ۾ فاصلو وڌيڪ آهي ۽ ٻوڏ سبب لڏپلاڻ ڪري ويندڙ ماڻهن جي ڳڻپ به مشڪل مرحلو آهي، ان لاءِ ڳڻپڪارن جو انگ گهٽ رکيو ويو آهي. ان کان علاوه ڳڻپڪارن جي تربيت تي به سواليه نشان اُٿيل آهن، ڇا اُهي ايترا تربيت يافته آهن جو اهي ان عمل کي سولائيءَ سان سرانجام ڏئي سگهن، پر ٻڌڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته ڳڻپڪارن جون شڪايتون اچي رهيون آهن، ڪٿي انهن کي ٽيبليٽ هلائڻ ۾ دشواريون اچي رهيون آهن ته ڪٿي سندن ٽيبليٽ جون بيٽريون ڪم نه ڪري رهيون آهن ته ڪٿي وري هو ڊيٽابيس سان ڪنيڪٽ نه ٿي رهيا آهن.

1951 کان هيستائين پاڪستان ۾ صرف ڇهه ڀيرا ماڻهن جي ڳڻپ ٿي سگهي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، پر سڀ کان وڏا سبب هميشه سياسي رهيا آهن، جنهن جو گهڻو نقصان سنڌ کي پهتو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته هن وقت پاڪستان ۾ ڊجيٽل آدمشماري De facto ڳڻپ جي زمري ۾ ٿي رهي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪو به ماڻهو ڳڻپ دوران جتي به هوندو، ان کي اتي ڳڻيو ويندو. ان سان سنڌ اندر جيڪي به ماڻهو ٻاهرين صوبن کان اچي ڪنهن به سلسلي ۾ رهيل آهن ۽ ڪنهن به سبب جي ڪري هتي قيام ڪن ٿا، انهن کي فرد جي طور تي ڳڻيو ويندو يا رهائشي طور ڳڻيو ويندو، ان لاءِ اڃا تائين ڳالهه واضح نه ٿي سگهي آهي، ان ڳڻپ تي ڪيترائي سواليه نشان ضرور اڀرن ٿا، هڪ ته سڃاڻپ ڪارڊ جو لازمي نه هجڻ، جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ تشويش جو سبب آهي ۽ ٻي تشويش ان ڳالهه تي آهي ته ڳڻپڪارن جي ڳڻپ جو ڪوبه لنڪ نادرا جي ڊيٽابيس سان منسلڪ ناهي، ان لاءِ سوچي سگهجي ٿو ته ان ڊيٽا کي ڪيئن درست يا غلط ثابت ڪيو ويندو. سنڌ جو عوام هميشه وفاق کان مختلف معاملن تي شڪ جو شڪار رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا پنهنجا وسيلا سنڌ جي ماڻهن تي استعمال ٿيڻ بجاءِ ٻين صوبن تي استعمال ٿين ٿا ۽ سنڌ کي وفاق کان جيترو حصو ملڻ کپي هميشه گهٽ مليو آهي. نه رڳو ايترو پر لاهور ۾ پنجاب جي ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي، پشاور ۾ پختونن جو انگ وڌيڪ آهي، ڪوئٽا ۾ بلوچن ۽ پختونن جو انگ وڌيڪ آهي، صرف سنڌ اهو واحد گادي جو هنڌ آهي جتي اتان جا مقامي سنڌي ڳالهائندڙ ماڻهو 10.07 سيڪڙو ڳڻپ ۾ آهن، ڇا سنڌين جي ڳڻپ گهٽ ٿي رهي آهي يا واقعي سنڌين جو انگ ايترو گهٽ ڪراچي ۾ آباد آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه آهي. ان ڪري سندن منفي سوچ يا رد عمل فطري آهي. ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ افغان مهاجرن کي آباد ڪري سڄي سنڌ ۾ هٿراڌو پکيڙيو پيو وڃي، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ جي ڊيموگرافيءَ تي وڏو فرق پئجي رهيو آهي، پر سڄي سنڌ جي معاشي سرگرمين کي به اهو ڌاريو ماڻهو والاري رهيو آهي ۽ امن امان جي صورتحال قابوءَ کان ٻاهر ٿي رهي آهي، تازو ڪراچي پوليس آفيس تي ٿيل دهشتگردي جو حملو ان جو نتيجو آهي. اهڙي وقت ۾ اها ڊجيٽل ڳڻپ ماڻهن کي غير محفوظ هجڻ جو احساس ڏياري رهي آهي. سنڌ جي عوام جي اها گهر آهي ته انهن ڌارين کي ڌار ڪري ڳڻيو وڃي نه رڳو ڌار ڳڻيو وڃي، پر کين صوبي ۾ ڪنهن قانونسازيءَ تحت صوبي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ غير قانوني آباد ٿيندڙن جي ڊيٽا عوام جي آڏو رکي وڃي، ته جيئن ڌارين آبادي جي ڊيٽا سنڌ جي ماڻهن کي معلوم ٿي سگهي. اميد آهي ته ڳڻپ جي فارم ۾ ڌارين کي مستقل رهائشين کان ڌار ڪري ڳڻيو ويندو ۽ هر فرد جو اسٽيٽس جيڪو آئين ۾ واضح آهي ان تحت شمار ڪيو ويندو ۽ سياسي چالبازين کي رد ڪري عوام جي ڀروسي کي برقرار رکيو ويندو ۽ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس سنڌ جي عوام جي خدشن جو خيال رکندو ۽ ڳڻپ ۾ ڪنهن به غيرآئيني ۽ غير قانوني عمل کي جاءِ نه ڏيندو.