سگهن سُڌَ نه سور جي، گهايل ڪيئن گهارين!
اسانجي پياري ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سال ٿي چڪا آهن، صرف 24 سالن کانپوءِ ان وقت جي پاڪستان جا ٻه حصا ٿي ويا، هڪ بنگلاديش ۽ ٻيو اسلامي پاڪستان کي 1973 ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. 1973 جي آئينِ پاڪستان تحت ان آئين کي به خير سان 50 سال ٿي ويا آهن، ملڪ ڇو ٽٽو ان جا سبب ڪهڙا هئا؟ اها ڳالهه هاڻي روشن ڏينهن وانگر چٽي ٿي پئي آهي، ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي، پر جيڪي ڪلور اسانجي اشرافيه پهرين 24 سالن ۾ ملڪ سان ڪيا، جنهن جي ڪري ملڪ جا ٻه ٽڪر ٿي ويا، اهي ڪلور اڄ به جاري آهن، اشرافيه پوءِ به نه سڌري آهي ۽ گذريل پنجاهه سالن کان ساڳيا ظلم ملڪ ۽ عوام سان ڪري رهي آهي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه“ اشرافيه روز بروز متاري ٿيندي ٿي وڃي ۽ ملڪ جو عوام روز بروز ڏٻرو. ان چوڻ ۾ ڪو عار نٿو محسوس ٿئي ته اسانجي اشرافيه ظالم آهي ۽ عوام مظلوم. اشرافيه ڪڏهن جمهوري آمريت جي روپ ۾، ڪڏهن آمريت جمهوريت جي روپ ۾ آڻي صرف پنهنجو مقصد حاصل ڪري رهي آهي، اها ڪوئي ٻلي واري راند آهي جيڪا ختم نه پئي ٿئي، اشرافيه کي ته ڪوبه نقصان نه آهي، پر نقصان ملڪ ۽ عوام جو آهي، وري چون ٿا ته عوام سڌري، پر عوام وٽ پاور ته آهي ئي ڪونه، اگر سڌري به پوي ته پاور وري به اشرافيه وٽ آهي ۽ طاقت ئي هن ملڪ جو اهو حال ڪيو آهي. هڪڙو جملو جيڪو ٻڌي ٻڌي اسانجا ڪن پچي پيا آهن ”ملڪ نازڪ موڙ تي آهي، سنگين حالتن مان گذري پيو قوم کي قرباني ڏيڻي پوندي“. هاڻي ته قوم قربانيون ڏئي ڏئي ٿڪجي پئي آهي، عوام جي جسم تي گوشت ته بچيو ئي ڪونهي بس هڏن تي کل آهي، ڪنهن مذهبي اسڪالر کان پڇجي ته ڇا اهڙي ڪمزور جانور جي قرباني جائز به آهي جنهن وٽ صرف کل ئي بچي هجي؟ پر ڳالهه اڃا اتي کٽي ڪونه ٿي، اشرافيه چاهي ٿي ته عوام کان اها کل به لاهي وٺجي ۽ پوءِ خبر ناهي ته هو انهي کل کي ڪهڙي ڪتب آڻيندا، شايد ان مان پنهنجي لاءِ جوتا ٺهرائي پائيندا ۽ وري عوامي ڀلائي جو راڳ آلاپيندا. اسان 1947 جي ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون، اسان 1973 جي ڳالهه ڪريون ٿا، جڏهن باقي بچيل نئون ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي نالي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وجود ۾ آيو، اهو انهيءَ ڪري چئون ٿا ته اصل ملڪ ته ٽٽي پيو ۽ وڏو حصو الڳ ٿي ويو، انهيءَ ڪري اسان هن کي وري نئون ملڪ سمجهون ٿا، ۽ پهرين ته 1971 ۾ عبوري آئين آيو ۽ 1973 ۾ متفقه آئين آيو، متفقه انهيءَ ڪري جو جيڪي به قومي اسيمبلي جا ميمبر هائوس ۾ موجود هئا، ان مان ڪنهن به اعتراض نه ڪيو، ها البته ڪجهه ميمبر اسيمبلي کان ٻاهر هئا، انهن اسيمبلي ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو، 1977 ۾ انهيءَ آئين کي طاقتور پٽ تي اڇلائي ڇڏيو ۽ انهيءَ وقت جي آمر جا اهي لفظ هئا ته آئين ڪهڙي شئي هوندي آهي، هڪ عام دستاويز آهي، جنهن کي مان جيڏي مهل به چاهيان ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي سگهان ٿو، هو ته آمر هو، پر انهيءَ آئين سان جيڪا ڇيڙڇاڙ آئين لکندڙن ڪئي اهو به تاريخ جو هڪ الميو آهي، چونڊيل 2 صوبائي حڪومتون ختم ڪيون ويون ۽ اتي گورنر راڄ نافذ ڪيو ويو، اها به آئين جي خلاف ورزي هئي، پر انهيءَ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، انهيءَ ڪري ته اسان مٿي جملو لکيو آهي ته اسان وٽ آمريت ۾ جمهوريت، ۽ جمهوريت ۾ آمريت رهي آهي. 11 سال آمريت ۾ به اسان نه سڌرياسين، 1988 کان 1999 تائين هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جمهوري طور چونڊيل 4 حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪيو، 1999 ۾ وري آمريت جيڪا پڻ 9 سال هلي، مطلب اسان جا ذهن ڪمزور آهن يا ڄاڻي واڻي ائين ٿا ڪريون، 2018 ۾ خير سان عمران خان صاحب جي ”جمهوري حڪومت“ آئي، جنهن کي ويس ته جمهوري پاتل هو، پر اندر ۾ آمريت هئس، انهيءَ آمرانه رويي جي ڪري عوام ۽ ملڪ جي جيڪا معاشي صورتحال هئي، اها ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب ٿيندي رهي، ماڻهن کي 2 وقت پيٽ ڀرڻ جي لاءِ پريشاني ڏسڻي پئي پوي، جيڪڏهن ٿورو اسان عمران خان تي ڳالهايون ته صرف انهيءَ جا 2014 کان 2018 تائين جون تقريرون ۽ انٽرويو ۽ 2018 کان 2022 تائين سندس حڪومت ۾ هوندي انٽرويو ۽ ان جا ڪم ڏسون ۽ وري اپريل 2022 کان اڄ تائين سندس ٿيندڙ تقريرون، انٽرويو ۽ سياسي جدوجهد کي غور سان ڏسون ته اسان کي جواب ملي ويندو، ته موصوف ڳالهه جمهوريت جي ٿو ڪري، پر سندس عمل هميشه ان جي ابتڙ رهيا آهن ۽ سندس چوڻ آهي ته سندس ڪوبه فيصلو سندس نه هو ۽ فيصلا هميشه اسٽيبلشمينٽ جا ڪيل هوندا هئا ۽ هاڻ وري ڇا چئي رهيو آهي ان کان وڌيڪ اسان ان تي نٿا ڳالهايون. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته عمران خان جي حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ختم ڪيو ويو پر آندو به ته کيس اسٽيبلشمينٽ هو نه!! نه ته ويچارن سياستدانن کي ڪهڙي طاقت آهي جو حڪومتون ٺاهين ۽ ڊاهين، اردو ۾ چوندا آهن ته ”ڪيا پِدي ڪيا پِدي ڪا شوربا“ اسان کي لڳو ته عمران خان سياستدان آهي، پر ائين هو ڪونه. جيئن چوندا آهن ته ”اٺ کي پڇ ٻڌي مهري ڪبو آهي“، ائين ئي هن کي طاقت ڏئي ليڊر بڻايو ويو، پوءِ جڏهن هن کان وزيراعظم جو عهدو کسيو ويو ته همراهه ته بنهه وائڙو ٿي پيو، ڇا ڇا نه چيو اٿائين، سياستدانن ته هن کان صرف مرڪزي حڪومت کسي، سا به طاقتورن جي طاقت سان گڏجي، پر هن ته پاڻ ئي رهيل حڪومتون پنجاب جي حڪومت، ڪي پي ڪي جي حڪومت کي هٿ وٺي ختم ڪيو ۽ ان کانپوءِ وري جيل ڀريو ناڪام تحريڪ شروع ڪيائين، جنهن به سندس مقبوليت جا پول کولي ڇڏيا، جيڪا شروع ڪرڻ کان پهرين ئي ختم ٿي وئي، ان جي پوزيشن توهان جي سامهون اچي چڪي آهي، تفصيل هتي ڪونه ٿا لکون. 2018 ۾ جڏهن عمران خان جي حڪومت آئي ۽ اپريل 2022 تائين رهي انهي دور ۾ معاشي حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون جو عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو، روزمره جا خرچ ۽ کاڌي پيتي جون سڀ شيون 2018 جي مقابلي ۾ 2022 ۾ ٻيڻيون ٿي ويون. ٺيڪ آهي عمران خان جون جيڪي به ڪوتاهيون هيون سي هڪ جاءِ تي رکون ٿا، پر هاڻ اچون ٿا اسانجي ”انتهائي تجربيڪار“، ”پڙهي لکي“، ”انتظامي طور تي پاڻ کي بهتر چوندڙ“، پي ڊي ايم جي 15 پارٽين ۽ انهن جي گڏيل حڪومت تي. اپريل 2022 کان فيبروري 2023 تائين روزمره جي استعمال جون شيون ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهه کي ٻيڻو ڪري چيلهه چٻي ٿيل عوام کي گوڏن تي آڻي ڇڏيو آهي، نه هو ويچارو اٿي سگهي ٿو، نه ڪو ويهي سگهي ٿو، نه ڪو کائي سگهي ٿو، نه ڪو چري سگهي ٿو، بس صرف ساهه کڻي رهيو آهي، جتي پئٽرول 272 هجي اتي عام موٽرسائيڪل وارو ويچارو موٽرسائيڪل ۾ تيل ڀرائڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيو آهي ۽ هو موٽرسائيڪل گهر ۾ بيهاري پيدل پنڌ ڪري رهيو آهي ۽ مزو وري پئٽرول گهرائندڙ ڪمپني جو ٿي پيو آهي، جيڪي پئٽرول کڻي ايندڙ جهاز کي هڪ هڪ هفتو کليل سمنڊ ۾ صرف انهيءَ ڪري بيهاري ڇڏين ٿيون ته پئٽرول جو اگهه وڌي رهيو آهي ۽ واقعي پئٽرول جو اگهه وڌيو 57 رپيا، ۽ صرف هڪ ڪمپني کي هڪ هفتي اندر صرف هڪ جهاز تي 3 ارب 80 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ منافعو مليو، ان ۾ ضرور پئٽروليم جا وزير به ڀاڱي ڀائيوار هوندا جيڪي روز ٽي وي تي اچي چون پيا ته پئٽرول جي قيمت ڪونه پئي وڌي. داليون، کاڄرو تيل، اٽو، مطلب ڪهڙي شئي هنن نه وڌائي آهي؟ بجلي ۽ گئس ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي وئي آهي، پوءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو بجلي چوري نه ڪن، هنن جي انهن پرڪارن جي ڪري 2022 اپريل ۾ زيرو ٿيل عمران خان 2023 فيبروري ۾ هيرو ٿي چڪو آهي، پر هو اهڙو ته سياڻو آهي جو پنهنجي ئي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻي، پاڻ کي زيرو بنائڻ جي پوري تياري ڪري رهيو آهي، شهباز شريف روز ٽي وي تي اچي ڊراما ڪري پيو ته اسان پوري ڪوشش ڪريون پيا ته عوام کي فائدو ڏيون، پر ان جو ڪهڙو فائدو؟ هڪڙي به قابل ذڪر ڪوشش ته ٻڌائي جيڪا هن عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪئي هجي؟ هنن جي پت سينيٽ ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ فنڪشنل جي ايم اين اي سانگهڙ واسڻ محترمه سائره بانو صاحبه وائکي ڪري رهيا آهن، سائره بانو صاحبه چيو ته 50 هزار رپيا ماهوار ڪمائڻ واري جي بجيٽ ٺاهي ڏيکاريو، محترمه سچ چوي ٿي، سفيد پوشي 50 هزار ۾ به برقرار نٿي رهي سگهي، جڏهن ته اسان وٽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب عوام آهي، جنهن جي پوزيشن ڇا هوندي، جيڪي ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري ڪار ڪن پيا، روزگار لڳي ته پيٽ ۾ چار داڻا پوندا ۽ جي نه لڳي ته ٻچن سميت سڄي رات بُک تي آسمان جا تارا ڳڻيندي الله پاڪ کي ستائيندي گذارين ٿا.
”مٽ جائيگي مخلوق تو انصاف ڪروگي
منصف هو تو حشر اٺا ڪيون نهي ديتي“
پر هن ظالم اشرافيه جيڪا راڪاس بڻيل آهي، جنهن ماڻهن جو رت ست پي ڇڏيو آهي، جنهن ان جي جسم تي موجود ان جو سڄو گوشت کائي ڇڏيو آهي، هاڻي هڏن تي وات وجهيو ويٺي آهي، اشرافيه جي اها پوزيشن آهي ته روز بروز انهن جي دولت، طاقت، حڪومت مضبوط کان مضبوط تر ٿئي پئي ۽ عوام جو حال پاڪستاني رپئي وانگر آهي، جيڪو ڊالر جي مقابلي ۾ روز بروز ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ملڪ جي آدمشماري 24 کان 25 ڪروڙ آهي، اشرافيه جيڪا مافيه جي روپ ۾ آهي، اهي پنهنجي اڳواڻن يا ڊان سميت ۽ انهن جي خاص خاص ڪارندن سميت ڳڻجي ته انهن جو انگ 24 کان 25 هزار کان وڌيڪ نه هوندو، جج، جرنيل، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ هاڻ ته خير سان صحافي حضرات به. اهي سڀئي مٿان کان هيٺ تائين مشڪل سان 24 کان 25 هزار هوندا، جيئن اسان مٿي ذڪرڪيو آهي، پر ڇو ته انهن جي ئي هٿن ۾ طاقت آهي، نظام جي اٿل پٿل ڪري سگهن ٿا، انهيءَ ڪري هو صرف پنهنجو پاڻ کي فائدو ڏين ٿا، پنهنجي فائدي وارا قانون اسيمبلين مان پاس ڪرائين ٿا، پنهنجي مرضي مطابق حڪومت کي هلائن ٿا ۽ عوام کي ڪوڙا آسرا ۽ ڪوڙا دلاسا ڏئي بُک مارين ٿا، 24 کان 25 ڪروڙ عوام جي سامهون 24 کان 25 هزار ماڻهن جو تناسب ڪڍجي ته 0.01 ٿئي ٿو، باقي 99.09 صرف ڀوڳين پيا. جيڪي چون پيا اليڪشن ڪرايو، اليڪشن ڪرايو، هاڻي اليڪشن کان ڀڄن پيا. ڇا ماڻهن جي ڀلائي ٿيندي؟ ڇا هنن سياستدانن ۾ ڪوبه سياستدان اهڙو ڪونهي جيڪو دنيا جي ترقي پسند ملڪن ۾ روز بروز وڃڻ باوجود، اتان جي عوام جون سهولتون ڏسڻ باوجود پنهنجي عوام کي جائز سهولتون نٿو ڏئي، ڇا بيوروڪريسي اهو نٿي سمجهي ته عوام نه رهيو، ملڪ نه رهيو ته حڪومت ڪنهن تي ڪندا؟ ڇا ججن کي ذهن ۾ ڪونه ٿو اچي ته ايترا فائدا وٺڻ جي باوجود ڪڏهن ته ڀل ۾ انصاف به ڪري وجهن ۽ ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏين؟ ڇا جنرل پرويز مشرف جي انجام تي به نٿا سوچين، ته نيٺ ته مرڻو آهي؟ ۽ صحافي حضرات عوام کي بجاءِ سجاڳي ڏيڻ جي انهيءَ کي مختلف حصن ۾، سوچن ۾ ورهائي اڃا وڌيڪ ڪمزور ڪري رهيا آهن؟ پر اهي سڀ نه سوچيندا، ڇو ته انهن کي ڪابه تڪليف ڪونهي، پوءِ سوچڻو اسانکي آهي، عوام کي آهي، ڪرڙ ڪانڊيري کي آهي، الله بندي کي آهي، الله ڏني کي آهي، الله وسائي کي آهي، جيڪو هاڻي بصر پٽاٽي ۾ ئي پورو ٿي ويو آهي، سو اچو ته سوچيون.