يوڪرين جنگ کي ھڪ سال مڪمل، تلخيون وڌيڪ تيز
گذريل سال 2022ع جي 24 فيبروري اھا تاريخ ھئي جڏھن روس پنھنجي پاڙيسري ملڪ يوڪرين جي نيٽو ۾ شموليت جي ڪوششن ۽ يوڪرين ۾ آمريڪا ۽ نيٽو اتحاد جي وڌندڙ سرگرمين کي پنھنجي سلامتي خلاف ڀائيندي يوڪرين تي حملو ڪيو ۽ ھڪ نه ختم ٿيندڙ جنگ شروع ٿي. توڙي جو روس ھن جنگ کي Special Operation قرار ڏي ٿو، پر ھيءَ ھڪ اھڙي جنگ آھي جيڪا روس ۽ مغربي قوتن ۾ اڻ سڌي ريت يوڪرين جي ڌرتي تي وڙھي پئي وڃي. عالمي طاقتن جي ھڪ ٻئي کي ائٽمي حملن جي ڌمڪين ۽ روس کان وٺي پوري يورپ ۾ ائٽمي ھٿيارن کي ايڪٽو موڊ ۾ رکڻ، Arctic Sea ۽ Black Sea کان وٺي پوري يورپ سان لڳندڙ سمنڊن ۾ ائٽمي آبدوزن ۽ جھازن جي تعيناتي جي نتيجي ۾ يورپ ائٽمي حملن جي خطري جي نشان ۾ اچي ويو آھي.
خير، صورتحال ھيءَ آھي ته 24 فيبروري جي تاريخ يوڪرين سميت دنيا ۾ خوف جي علامت بڻيل آھي ته روس ڇا ڪرڻ وارو آھي؟ يوڪريني صدر زيلنسڪي لاءِ ته اھو خوف اڃان به وڏو آھي، جو ان کي ساٿ ۽ ھمدردي جتائڻ لاءِ آمريڪي صدر 21 فيبروري تي پولينڊ ۾ رٿيل دورو ڪرڻ بجاءِ ان ڏينھن اوچتو ئي يوڪريني گادي واري ھنڌ ڪيف پھچي، زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هٿيارن جي فراھمي جو يقين ڏياريو.
ھن جنگ ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ سڀ کان ڇتي ويڙھ يوڪرين جي سڀ کان وڏي شھر خيرسون ۾ ٿي. ھزارين ماڻھو ھي شھر خالي ڪري چڪا آهن. روسي حملن سبب يوڪريني گادي جو ھنڌ ڪيف اونداھ ۾ ٻڏل آھي، شھرين جو بجلي بنا رھڻ تقريبن ناممڪن آھي، ٿي سگھي ٿو ته يوڪريني شھر خيرسون جيان ڪيف مان به شھرين کي ٻاھر ڪڍيو وڃي.
روس جي راڪيٽ فورس جي حملن ۾ يوڪرين جا 13 شھر ته قبرستان بڻجي ويا آھن. روس جون ٽئنڪون يوڪرين کي سخت نقصان پھچائي مسلسل اڳتي وڌي رھيون آھن. نتيجي ۾ يوڪرين به نيٽو کان ٽئنڪون گھري ورتيون آھن.
ھن جنگ ۾ روس اگر نوان ھٿيار آزمائي رھيو آھي ته مزاحمت لاءِ مغربي ملڪن جا ھٿيار به يوڪرين کي ملي رھيا آھن. حالتن مان لڳي ٿو ته يوڪرين خطرناڪ ھٿيارن جي تجربي گاھ بڻجي ويو آھي. سال 2022ع جي نومبر مھيني جي ٻئي ھفتي ۾ خبر آئي ھئي ته آمريڪا يوڪرين کي روسي حملن کان بچائڻ لاءِ 8 نيسام ايئر ڊفينس سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. واضح رھي ته آمريڪا اڳ ئي لٿوانيا، آسٽريليا ۽ ناروي سميت ٻين ملڪن کي ان ايئر ڊفينس سسٽم سان ليس ڪري وڏي رقم ڪمائي چڪو آھي. يوڪرين کي نيسام ايئر ڊفينس سسٽم ملڻ بعد روسي حملن ۾ ويتر شدت آئي آهي.
گذريل سال 2022ع جي آڪٽوبر مھيني ۾ ايراني خودڪش ڊرونز جي به انٽري ٿي، روس ايران کان خودڪش ڊرونز حاصل ڪري جنگ ۾ يوڪرين کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا. ايتري قدر جو يوڪريني گادي واري شھر ڪيف تي باھ وسڻ لڳي ۽ ايراني ڊرونز جي يوڪرين ۾ مچايل تباھي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو جو عالمي ميڊيا ايراني خودڪش ڊرونز کيelement of surprise قرار ڏئي رھي ھئي.
ايران روس-يوڪرين جنگ ۾ جديد ڊرون واري طاقت رکندڙ ملڪ جي حيثيت سان سامھون آيو.
اطلاع آھن ته ھيستائين روس کي 700 ايراني خودڪش ڊرون مليا جن سان يوڪرين ٻري اٿيو ۽ ھاڻي 1800 وڌيڪ ساڳيا ڊرون روس پھچي چڪا آھن، امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته 24 فيبروري تي يوڪرين تي انھن سان برسات ٿيڻي آھي.
روس پنھنجو نئون ھٿيار به ٻاھر ڪڍيو آھي. ايس – 350، Surface to air missile system جنھن جي رفتار ٻه ڪلوميٽر في سيڪنڊ آھي.
انھيءَ دوران تازو ھنگري ۽ آسٽريا جي پرڏيھي وزيرن جي حوالي سان ھڪ مثبت خبر به آئي ته انھن يوڪرين کي ھٿيارن جي فراھمي کان انڪار ڪري ڇڏيو. آسٽريا ۽ ھنگري جو چوڻ ھو ته ان سان جنگ جا شعلا وڌيڪ ڀڙڪندا.
ھوڏانھن يوڪرين ۾ ھلندڙ جنگ جي سالگرھ جي تاريخ جيئن جيئن ويجھي ايندي وڃي، تيئن تيئن يوڪرين تي صدر پيوٽن جي ڪاوڙ ۽ روس جي سخت حملن جي خوف ۾ اضافو ٿيندو وڃي. ان جو اندازو يوڪرين جي بچاءَ واري وزير جي گذريل مھيني جنوري 2023ع جي 31ھين تاريخ تي آيل بيان مان لڳائي سگھجي ٿو، جنھن ۾ ان چيو آھي ته ”جنگ جي پھرين سالگرھ تي صدر پيوٽن 5 لک فوج سان يوڪرين تي حملي جي تياري ڪري رھيو آھي“ يوڪريني خفيه ايجنسي جي پڻ دعويٰ سامھون آئي آھي ته ”يوڪرين تي روسي حملي واري پھرين سالگرھ يعني 24 فيبروري کان اڳ روسي صدر پيوٽن ھڪ وڏي حملي جو اسڪرپٽ لکي ورتو آھي. روسي صدر پيوٽن جنگ جي پھرين سالگرھ 24 فيبروري کان اڳ 5 لک فوج سان ڪيترن ئي يوڪريني علائقن تي حملي لاءِ تيار آھي.“
اطلاع آھن ته 24 فيبروري ويجھي ايندي ئي روس ڳرا ھٿيار، راڪيٽ فورس به يوڪرين پھچائي ڇڏيا آھن.
روس آمريڪا ۽ نيٽو تي سخت ڪاوڙيل آھي جو ھو يوڪرين کي ھٿيارن جي فراھمي ڪن ٿا. تازو آمريڪا پاران اھا خبر به آئي جنھن ۾ ھن چيو تہ ”يوڪرين کي long range artillery جي ضرورت آھي. روس ايندڙ ڏينھن ۾ يوڪرين تي وڏي حملي جي تياري ڪري رھيو آھي“ آمريڪي پارليامينٽ جي Foreign relation committee جي اڳواڻ وشل ميڪال چيو ته ”آمريڪا جلد long rang weapon ٽرانسفر ڪري“
يوڪرين کي لانگ رينج ويپن ملڻ جو مطلب آھي روس جي شھرن تي حملو، ان ڪري روس عالمي جنگ جو ائٽمي الٽيميٽم جاري ڪري ڇڏيو. روس ته عالمي جنگ جي تياري به شروع ڪري ڇڏي آھي. روس پنھنجي گاديءَ جي ھنڌ ماسڪو ۾ پنھنجي سڀ کان تکي ايئر ڊفينس سسٽم ايس 300 ۽ ايس 400 جي تعيناتي شروع ڪري ڇڏي آھي. روس کي سندس ھڪ خفيه ايجنسي جي رپورٽ ملي آھي ته يوڪرين نيوڪليئر پاور پلانٽن ۾ ھٿيار لڪائي رھيو آھي. يوڪرين پاور پلانٽن جو استعمال دھشتگردي لاءِ به ڪري سگھي ٿو. روس خدشو ظاھر ڪيو ته يوڪرين Dirty bomb وانگر ڪنھن نيوڪليئر ڪارخاني جو استعمال ڪري سگھي ٿو. انڪري اولھ جي ملڪن کان ملندڙ ھٿيار اتي لڪائي رھيو آھي“ اگر ڪنھن پاور پلانٽ مان Radiation جو اخراج ٿيو ته ائٽمي جنگ شروع ٿي سگھي ٿي. شايد ان خدشي سبب روس ماسڪو ۾ ايئر ڊفينس جي تعيناتي شروع ڪئي آھي. ماسڪو ۾ ان ايئر ڊفينس سان مشق به ڪئي وئي آھي. ڊرٽي بم ھلڻ جي صورت ۾ روس جو defense and offense system ٻئي گڏ active ٿي ويندا.
ھوڏانھن برطانيا Challenger -2 ۽ جرمني Leopard ٽئنڪون يوڪرين کي ڏيڻ جا اعلان ڪيا آھن، جنھن سان روس ۽ نيٽو وچ ۾ تلخيون ويتر وڌنديون.
روس چيو آھي ته ”جنگ ۾ روس کي ھارائڻ جو سوچجو به نه. اسان کي ليوپرڊ ٽينڪ سان ڌمڪائي نه ٿو سگھجي، اسان خاموش نه رھنداسين، اسان ٽينڪ کان وڌيڪ خطرناڪ ھٿيار مورچي تي آڻينداسين. اسان وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ٻيا به طريقا آھن، ڳالھ پوءِ رڳو اتي ختم نه ٿيندي“
ھن جنگ جي تباھي جو انديشو برٽش ميڊيا جي ڄاتل سڃاتل شخص ايڊر رچرڊس به ظاھر ڪيو آھي. جنھن چيو آھي ته ”يوڪرين کي ٽينڪ ڏيڻ پوري يورپ کي نيوڪليئر قبرستان بڻائي سگھي ٿو. روس جو ائٽمي حملو ۽ آمريڪا جو موٽ ۾ وار پوري يورپ کي تباھ ڪري سگھي ٿو“
عالمي ميڊيا خبر ڏني ته برطانيا پاران يوڪرين کي فائيٽر جيٽ ڏيڻ جي امڪان تي روس چيو آھي ته برطانيا يوڪرين کي فائيٽر جيٽ ڏنا ته سڄي يورپ کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
يوڪرين کي ملندڙ ھٿيار ۽ روس تي وڌندڙ خطرو اھو ئي ظاھر ڪري ٿو ته دنيا ائٽمي خطري کان پري ڪونھي. عالمي ميڊيا ۾ باقاعدہ تجزيا پيا ٿين ته ائٽمي جنگ جي نتيجي ۾ يورپ جو نالو نشان مٽجي ويندو.
ٻئي پاسي تازو ئي عالمي ميڊيا جو چوڻ ھو ته آمريڪا پنھنجي شھرين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪندي انھن کي روس نه وڃڻ ۽ روس ۾ موجود پنھنجي شھرين کي روس ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي آھي. جڏھن ته فرانس به پنھنجي شھرين کي روس جي ساٿاري ملڪ بيلاروس ڇڏڻ جي ايڊوائزري جاري ڪئي آھي.
ھن سال جنوري مھيني جي 22 تاريخ تي عالمي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ جي حوالي سان دنيا ۾ مشھوري ماڻيندڙ آمريڪي ليکڪ نوم چومسڪي چيو آھي ته ”دنيا غير يقيني ۽ وڏي تباھي طرف پئي وڃي“
ھڪ ٻيو Thinker جنھن سڄي دنيا کي چڪرائي ڇڏيو، پھريون دفعو يوڪرين جنگ تي ايلون مسڪ وارننگ ڏني آھي ته ”ھي دنيا لاءِ سڀ کان خطرناڪ دور آھي. يوڪرين جنگ سان دنيا کي خطرو آھي“ ھن چيو ”آئون Super pro Ukraine آھيان، پر مسلسل جنگ سان دنيا کي خطرو آھي“ ھڪ ٽوئيٽر يوزر جي سوال تي مسڪ اھڙو جواب ڏنو.
ھن جنگ جي منفي اثرن جي سامھون اچڻ بعد يورپ جي ماڻھن ۾ سجاڳي به اچي وئي. مھانگائي خلاف فرانس، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ احتجاج ٿيا آھن، پر يورپ جي ڪجھ ملڪن ۾ جنگ جي خلاف به وڏا احتجاج ٿيا جن ۾ ھڪ ننڍي يورپي ملڪ مالدووا ۾ اجتجاج دوران اھو به ڏسڻ لاءِ مليو جو ماڻھن نيٽو جي فوجي گاڏين اڳيان احتجاج ڪيو.
جڏھن ته اٽلي ۾ نومبر جي پھرين ھفتي ۾ 30 ھزارن کان وڌيڪ ماڻھن احتجاج ڪيو آھي. اھو احتجاج اٽلي پاران يوڪرين کي ملٽري پيڪيج ڏيڻ خلاف ھو.
خير، 24 فيبروري يا ان بعد ڇا ٿيندو اھو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر ھاڻي صورتحال اھا آھي ته يوڪرين Point of no return واري صورتحال ۾ اچي ويو آھي..!!
***