بلاگنئون

صحافي طرفان ميڊيا ذريعي ڪيس وڙهڻ جي جائز في جو تصور ڇو پيدا نه ٿي سگھيو آهي؟

ھي خيال ڪنھن زماني ۾ ھڪ صحافي دوست شبير نظاماڻي پھريون ڀيرو پيش ڪيو ھو ته سڀني شعبن جي ايڪسپرٽيز خاص طور ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ اسٽامپ وينڊرن جي ڪم جون فيون مقرر آھن ۽ ان جي ادائگي ۾ ڪوبه پريشان نٿو ٿئي ۽ نه ئي ڪو ڪنھن ڊاڪٽر، وڪيل يا اسٽامپ وينڊر جي في بابت ڪو سوال اٿاري ٿو، ان ڪري به جو سڀ سمجھي ويا آھن ته وڪيل يا ڊاڪٽر جي في ٿيندي آھي، اھا اگر ھو ڪنھن کان وصول نٿو ڪري ته اھا ان جي ذاتي ٿوري واري مھرباني سمجھي ياد رکي وڃي ٿي، پر ھتي صحافي جي ڪنھن جائز في جو ڪوبه تصور ناھي يا ڪا گنجائش نه رھي آھي، اگر صحافي پنھنجي ڪم جي ڪا في وصول ڪري ٿو يا گُھري ٿو ته ان وصولي ۽ گُھر کي برو سمجھي بليڪ ميلنگ به چيو وڃي ٿو، ھڪ طرح جي ايڪسپرٽ وانگر صحافي به فردن، ادارن ۽ تنظيمن جا لکڻ ذريعي ڪيس وڙھي ٿو، انھي ويڙھ ذريعي فردن ۽ ادارن کي ڪاميابيون ۽ معاشي فائدا ڏياري ٿو، مگر صحافي جي اھڙي ڪنھن ڪم جي ڪابه في مقرر نه آھي، ڪو جونيئر وڪيل ڪنھن ايڪسپرٽ کان رڳو ڪا سادي بيل ايپليڪيشن تيار ڪرائي ٿو ته ان تي به ان کي في جي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي، اھو به ھڪ پورھيو تصور ٿئي ٿو، پوءِ چاھي اھا بيل ايپليڪيشن منظور ٿئي يا نه ان جو في سان ڪوبه تعلق نٿو جڙي.

ان جي مقابلي ۾ صحافي ميڊيا جي ذريعي جنھن انداز ۾ ماڻھن جا مختلف ڪيس وڙھي ٿو ان جي ڪنھن کان سڌي طرح يا جائز سمجھي ويندڙ معنيٰ ۾ ڪا في طئي ڪري وصول نٿو ڪري، پر ڪيس وڙھڻ جي نتيجي ۾ کيس جنھن ردِ عمل کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، ان ۾ ان جو ڪوبه ساٿي ٿي نٿو بيھي، ڪنھن فرد يا اداري جو لکڻ ذريعي ڪيس وڙھڻ، ڪيس وڙھي معاملي کي اڳتي وڌائڻ، لکڻ جي فن ذريعي مسئلي کي سرڪار، ايوانن ۽ مجاز اختيارين جي ڪنن تائين رسائڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري فائدا پھچائڻ واري صحافتي پورھئي جي ڪابه في مقرر نه ھجڻ ڇا ھن طرح جي پورھيت سان معاشي ناانصافي نه آھي؟؟ جيئن ڊاڪٽر علاج لاءِ ڪيلنڪون ۽ وڪيل ڪيس وٺڻ لاءِ آفيسون کولي ويٺل آھن، تيئن صحافي به خرچ ڪري پنھنجون آفيسون کولي ويٺل ھجن ٿا، پر انھن کي انھن جي ڪم جي اڳواٽ يا پوءِ ڪنھن به جائز في يا ايڊوانس جو ڪوبه جائز تصور موجود ناھي، ڪڏھن ڪنھن اھو ڇو ناھي چيو ته فلان وڪيل في طئي ڪري ايڊوانس وٺي پوءِ ڪيس وٺي ۽ وڙھي ٿو يا ڊاڪٽر به في وٺي پوءِ علاج ڪري ٿو؟

پر صحافي جيڪو لکڻ ذريعي ڪيس وڙھي ٿو ان طرفان اگر ڪنھن في جي گھر ٿي ٿئي ته ان بابت چيو وڃي ٿو ۽ شڪايت ڪئي وڃي ٿي ته پئسا ٿو وٺي، وڪيل في يا ايڊوانس وٺي پنھنجو ڪم شروع ڪري ٿو، ڪيس کٽڻ جي ڪابه خاطري نٿو ڪرائي، ڪيس ھارائڻ جي صورت ۾ به ھو في جو حقدار رھي ٿو، ڇو ته اھا في ان جو پورھيو به تصور ٿئي ٿي، ڊاڪٽر علاج جي في وصول ڪري مريض لاءِ دوائون تجويز ڪري سمورين ذميدارين کان مڪمل طور تي آجو رھي ٿو. اگر مريض ٺيڪ نه رھي وري ساڳي شڪايت ساڳئي ڊاڪٽر وٽ کڻي اچي ٿو ته ان موقعي تي مريض وري نئين سر في ادا ڪري ٿو، انھن سمورن عملن کي ڪنھن به طرح برو نٿو سمجھيو وڃي، پر صحافي ڊزنن جي حساب سان ڪنھن پروگرام جي ڪوريج لاءِ رڳو فون ڪال يا گڏيل دعوت جي بنياد تي گڏ ٿيو وڃن، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي انتظار ۽ رپورٽنگ ۾ لڳايو ۽ ڦٽايو ڇڏين، پر انھن جي اِن ڊور توڙي آئوٽ ڊور جي انفرادي يا اجتماعي طور تي ڪنھن به جائز في جو ڪوبه جواز يا حق نه آھي. ماڻھن سان انفرادي يا اجتماعي ظلمن کي سرڪار جي ڪنن تائين رپورٽنگ يا آرٽيڪلز جي صورت ۾ صحافي رپورٽ ڪري ازالا ڪرائي ٿو، فائدا پھچائي ٿو، ڪيترن ئي ڪمرشل معاملن ۾ به صحافي بنا معاوضي ۽ بنا في جي مطلوب ٿئي ٿو ۽ ان طرفان ڪجھ وٺڻ يا گھرڻ کي سٺو نٿو سمجھيو وڃي.

مثال طور: اگر ڪو ذاتي طور تي ناراض نه ٿئي ته ھي مثال ڏيئي سگھجي ٿو ته آبادگارن جي ڪا تنظيم پاڻي، ٻج، ڀاڻ جي ضرورتن يا فصلن جي گهٽ اگھن بابت ڪا مھم ھلائي ٿي ته ان معاملي کي ڪو صحافي ڪيس جي صورت ۾ لکڻ جي فن سان سرڪار آڏو رکي مسئلو سرڪار کي سمجھائي حل ڪرائي ٿو يا حل جي ويجھو رسائي ٿو ته ان صحافي کي سندس ان طرح جي پورھئي جي في يا معاوضي کان محروم ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ان کي رڳو دعوت جو 2 رپين وارو سادو لفافو موڪلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڇو ٿو سيڙھائي ويھاريو وڃي؟؟ آبادگارن جي تنظيم جا سرڪار سان معاملا انھن جا نج ذاتي جائز معاشي مفادن جا معاملا ٿين ٿا انھن جا اھڙا معاملا حل ٿين ٿا ته کين مجموعي طور تي ڪروڙن جا فائدا به رسن ٿا ته پوءِ ڪنھن قابل، لکڻ جو فن رکندڙ، اخلاقي ۽ قانوني دليلن سان سرڪار جي مجاز اختيارين کي لکڻ ذريعي ڳالھيون سمجھائيندڙ صحافي کي سندس پورھئي جو اجورو يا في ڇو ادا نٿي ڪئي وڃي؟ ان طرح جي اجوري جو تصور ڇو نه پيدا ٿي سگھيو آھي.

ھاڻ ته اھو دور به ختم ٿي ويو آھي جو ڪنھن پروگرام جي پبلسٽي لاءِ ڪنھن ھڪڙي شھر جي سمورن صحافين کي گھرائجي، ھاڻ ته اھو آھي جو جنھن جي ضرورت آھي ان کي ئي گھرايو وڃي ٿو، ھن دور ۾ به صحافين کي ڪوريج جي ايئن دعوت ڏني وڃي ٿي جنھن طرح خيرات جي ڀَت جي دعوت ڏني ويندي آھي، پر پوءِ به صحافي جي پورھئي جو ڪوبه ملھ طئي نه آھي، جڏھن ته صحافي ٻين ڪم ڪندڙن جي مقابلي وڌيڪ ڪم ڪري ٿو، وڌيڪ ٽائيم ڏي ٿو، وڏي سروس ڏي ٿو، ان کان ھٽي ڪري اھو به چئجي ٿو ته ڪم ڪندڙ ۽ لکڻ جي فن ذريعي فائدا رسائيندڙ صحافين سان ھي به روش رکي پئي وڃي ته انھن کي مس ڪالون ڪري انھن کان بيڪ رنگ ڪرائي انھن کي ڪا خبر ڏئي انھن تي ٿورو ڪيو ويندو آھي.

صحافين جي حالت اها به آھي جو اھي جيترو پئسن جي حصن پتين تي وڙھندا آھن ان کان وڌيڪ ويڙھ جا مظاھرا خبرون نه ملڻ تي به ڪندا آھن. ھڪ رپورٽر کي ھڪ شخص فون ڪري پنھنجي مفاد جي ھڪ خبر ڏني، ان جي شايع ٿيڻ تي خبر ڏيندڙ جو جيڪو مسئلو ھو سو حل ٿيڻ تي ان رپورٽر کي فون ڪري ان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته توھان جي وڏي مھرباني جو توھان خبر ھلائي اسان جو مسئلو حل ڪرايو، ان تي ان رپورٽر جو ھي رپلائي ھو ته مھرباني ته توھان جي، جو توھان مون کي اھم خبر ڏني، اگر اھا خبر مون کان رپورٽ ٿيڻ کان رھجي وڃي ھا ته منھنجو ادارو منھنجي موڪل ڪرائي سگھيو ٿي، ھي سارو موضوع ھڪ کليو بحث آھي، جنھن ۾ پنھنجا رايا رکڻ لاءِ سمورن دوستن کي گذارش ڪجي ٿي. ھن موضوع تي وڌيڪ لکجي يا نه اھي رايا اچڻ کانپوءِ طئي ڪري سگھبو ته ڇا ڪجي؟