بلاگنئون

سياست ۾ گھڻو ٿو کپي

لفظي جنگ جي باھ ٻاري ڏني اٿن، ڪن ڪجھ نٿا، رڳو ڪانوَ وارو لڙ ڪيو ويٺا آهن. هڪڙي ڪورٽ عمران خان جي حق ۾ فيصلو ٿي ڏئي يا معافي تلافي زباني ڪلامي هلائي مڙئي عزت بچائي پٽڪو ڌوڙ ڪري، وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪورٽ وري اهو ٿي چئي ته 62 ون اي صحيح ناهي، اهو ڪارو قانون آهي. جڏهن نواز شريف جي لاءِ پاناما ليڪس واري ڳالھ ڪري هنن کيس ڪوڙو ۽ فاصد ثابت ڪري ڪورٽ مان نااهل ڪرائي اڊيالا مان لنڊن روانو ڪيو هئنس، تڏهن قانون صحيح هو هاڻي وري جڏهن عمران خان جو وارو آيو ته اهي قانون ڪارا ٿي ويا. مثال طور: توشا خانا ۽ فارين فنڊنگ جي ڪيس جا فيصلا محفوظ پيا آهن، جيڪي ڪنهن مهل به ملڪي سياست جي ڪايا ڦيرائي سگهن ٿا. ملڪي سياست بدلي واري سياست کانسواءِ ڪجھ به ناهي. جيئن پي ٽي آءِ وارا وقت ڪڍي ويا ائين هاڻي به شهباز سرڪار وقت ٽپائي ويندي. خان جي اڳ ۾ به اها ئي ڳالھ هئي ته رڳو نون ليگ ۽ پ پ کي نه ڇڏيندو، پر هاڻي وري نون ليگ جي به ساڳي ڳالھ لڳي پئي آهي ته اهي هاڻي فرح گوگي کان وٺي جهانگير خان ترين جي ڪرپشن جا ڪيس اٿلائيندا ۽ ٻيهر انهن جي جاچ ڪرائيندا ۽ عمران خان جي سڄي ٽولي کي نه ڇڏيندا، ان ڪري رڳو ڪورٽن ۾ پيش ٿيڻ شرط نه هو، پر توشا خانا، فارين فنڊنگ ۽ القادر يونيورسٽي جا محفوظ ڪيس جڏهن رڳو ٻڌائڻ جي حد تائين رڪيل آهن، جن جي ٻڌائڻ جي دير آهي. فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جڏهن محفوظ پيو آهي، جڏهن ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي پويان ورَ کڻي پئي آهي تڏهن عمران خان جي سياست ڄڻ داوَ تي لڳي پئي آهي. ان ڪري عمران جي سياست ۾ هاڻي ٿوري استقامت ۽ سچائي جو هجڻ به لازمي آهي، ڇو ته سياست جي پائيداري رڳو رياست ۽ سياسي پارٽين سان ويڙھ جو نالو ناهي. ساڳي تناظر ۾ ڏسون ته پ پ ڀلي ڪيتري به لچڪدار سياست ڪندي هجي، پر نون ليگ وري ان بدلي جي سياست ۾ زبردست يقين رکڻ واري به آهي، جيڪا ڳالھ عمران خان کي وسارڻ نه گهربي هئي، پر پي ٽي آءِ ته پرائي جنگ وڙهي ۽ پنهنجي روايتي سياست به ٻوڙي هلي وئي، ان ڪري راند ۽ سياست ۾ ڪجھ فرق ڪجي ته ڀلو آهي نه ته ٻي صورت ۾ سياست ڪوڙي ٿي ٿي پئي.

نواز شريف جي نرالي نعري ”ووٽ ڪو عزت دو“ عمران جي حقيقي آزادي ۾ ان ڪري به مماثلت ۽ هڪ جهڙائي آهي، جو ٻنهي جو روڄ راڙو رڳو ان ڪري به هو جو ٻئي ڪڍيا ويا هئا، ٻنهي کي پڪ هئي ته انهن جي پويان فوج لڳي پئي آهي، پر طريقا ٻنهي جا ٿورا کڻي مختلف به هجن، پر ڪورٽون پوءِ به ان عمل ۾ دخل ڏيکاري آئين جي بحالي ممڪن ڪري ويون. ان ڪري نواز شريف ته سيپٽمبر 2020 واري جلسي ۾ به عسڪري ادارن کي بدشد ڳالهائي پنهنجي سياست چمڪائي ويو هو. ان جلسي ۾ نواز شريف جنرل فيض تي سڌو سنئون 2018 جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا الزام به هنيا هئا، پر ڳالھ وري هن سان به ساڳي هئي ته هي خان به فوج کي نٿو ڇڏي، هي ته وري وڊيو ثبوتن جي به ڳالھ ٿو ڪري، هي ڦري گهري وري به ان ڳالھ تي آهي ته مداخلت ۽ سازش ۾ فوج به انهن آمريڪين يا يونائيٽيڊ اپوزيشن سان مليل هئي، ان ڪري عمران خان جو انقلاب ايندي ايندي رهجي ويو نه ته نواز شريف وانگي ملڪ ملير ٿي پئي ها ۽ ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان به سڀني سياسي پارٽين جي آئين ۽ منشور ۾ شامل آهي ته اهي هڪ ڏينهن ڪرپشن جون پاڙون پٽي ڍير ڪندا ۽ ملڪ ٺري پوندو، انصاف هر ڪنهن کي در جي چانئٺ تي ملندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاريندا، پر اهو به ديواني جو خواب آهي ته ۽ پرائي دهل تي ڌنو چريو لڳو پيو آهي ته هي ملڪ به خوشحال ٿي سگهي ٿو.

پر ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته هي (عمران خان) ڀلا جي پنهنجا پنج آئيني سال پورا به ڪري ها ته وري نئين سرڪار کي ان ڪري به هلڻ نه ڏئي ها جو هي چاهي پيو ته ”اِي وي ايم“ جي سهاري ووٽن جا سسٽم اهڙا ڪجن جو ووٽ هڪڙو ڪري ۽ نتيجو ٻيو، جو هن ملڪ جي غريب ماڻهن کي پريشاني ۾ پنهنجو گهر به نٿو لڀي اهي اليڪشن واري ڏينهن ڪهڙي ڪمپيوٽر جي پڇا ڪندا وتن ها، اهي ٺپو هڪ تي هڻن ها ته لڳي ٻئي تي ها، آسرا هڪڙا ته نتيجا ڪجھ ٻيا هجن ها، ان ڪري ته ادارن تي ڪهڙو ايمان آهي جو هاڻي ڪمپيوٽر ڊوائيسز تي ايمان آڻي سياست کي سرخرو ڪرائي ڇڏجي ها، ان ڪري ملڪي عوام ان مانند آهي جو انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين. ان ڪري عمران خان جيترو گوڙ ماضي ۾ ڪندو هو ۽ هاڻي ٿو ڪري، ٿوري گهڻي تي بين الاقومي عدالتن ۽ انصاف جي ڳالھ ٿو ڪري، اوترو گوڙ هي سڀاڻي به ڪندو ۽ اها به پڪ ناهي ته هن سياست جي آسري ۽ ادارن جي ملي ڀڳت جي اميد تي ۽ سڀاڻي اليڪشن هارائڻ جي صورت ۾ ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي ويندو، هي نون ليگ يا پ پ وانگي ناهي ته آڻ مڃي ۽ چپ ڪري ويهي رهي. اهو به آهي ته هي (خان) ڪنهن کي مڃي ئي نٿو، ڪنهن کي سمجهي ئي نٿو، خان سمجهي ٿو ته 13 پارٽيون پاڻ ۾ مليل آهن ۽ هي ويچارو سڀني کان الڳ آهي، ان ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ هي ڪنهن سان به اتحاد نه ڪندو. هي سمجهي ٿو ته سڄو ملڪ هن سان گڏ آهي، ادارا هن جا آهن، عسڪري شخص هن جي ها ۾ ها ملائيندا، ماڻهو گهرن کي تالا هڻي هن سان گڏ ڊي چوڪ تي نعرا هڻندا يا روڊ رستا ڀري نڪرندا جو پوئتي ڪو ماڻهو نه هوندو جيڪو پ پ ۽ نون ليگ کي ووٽ ڪري.

جيئن يونائيٽيڊ اپوزيشن اهو چوندي هئي ته هي سليڪٽيڊ آهي ۽ ساڳي طرح هي به چئي ٿو ته هي امپورٽيڊ آهن (ان ڪري امپورٽيڊ شيون ۽ سڀ ڪجھ صحيح آهن، پر رڳو حڪومت نه هجي) مڃون ٿا، پر جڏهن هي ڪنهن به اداري تي يقين نٿو ڪري (ڪورٽن ته اهو به اشارو ڏنو آهي ته اهي هن کي تاحيات نااهل نه ڪندا، پر ڪجھ سالن جي لاءِ نااهل ضرور ڪندس ان ڪري فارين فنڊنگ جو فيصلو هن جي لاءِ هڪ بريڪر ثابت ٿيندو) جنهن جي اچڻ سان هي جهڪو ضرور ٿي ويندو. هي حڪومت به ڪا کير جي ڌوتل ناهي نه ئي هنن ۾ به ڪو افعال آهي ته هي ڪو ٻوٽو ٻاريندا، ڇو ته هر ڳالھ پڇڻ جي لاءِ پاڪستان مان نون ليگ جي وزيرن جي ڊل وڃي ٿي لنڊن نڪري ته هاڻي ڇا ڪريون؟ پوءِ اهو ناڻي تي بار ناهي؟ يا عمري تي به ڄڃ وٺي ٿا هلن، ان ڪري ته شهباز سرڪار به سڌي پير ناهي، ائين به آهي ته ماڻهن جو سڄو ڌيان رڳو عمران خان جي جلسن يا سول نافرماني جي سڏ ڏي آهي، ان ڪري شهباز سرڪار اهو ٿي سمجهي ڪير ڪجھ نه چوندو يا مخالف ڌر (خان) ڪا ڌمڪي نٿو چاڙهي ان ڪري ته هو جيل جي ٽينشن ۾ آهي ته حڪومت جو ڪو مخالف ناهي ته پيٽرول، گيس ۽ بجلي جا اگھ نه واڌيو، نه هنن کي ڪير ٿو چئي ته هي پوءِ ڇا ڪن يا ڇو ڪن؟ هي شهباز سرڪار وارا سمجهن ٿا ته عمران خان جي سياست کي ائين سٽ ۾ ڦاسائي رکجي ۽ پنهنجا ڪم سڌا ڪري هلجن يا جيڪي به الزام هئا انهن مان جان ڇڏائجي.

جڏهن پنجاب ۾ اٽي جا هڪڙا اگھ ٿا هلائين ته ٻين صوبن ۾ پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھ ڪن، جيڪي شيون هڪڙي صوبي ۾ هلن ٿيون ته ٻين صوبن ۾ اهي شيون رائج ڪن. پي ٽي آءِ وانگي هي نون ليگ وارا اڃان پنجاب سينٽرڪ آهن، جي ائين ئي سياست هلي ته ڪم ڪيئن هلندو؟ پر اها به حقيقت مڃون ٿا ته شهباز سرڪار جا ٽپڙ ٽيشن تي آهن، ان ڪري ته پيپلزپارٽي کي هنن جي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي ۽ هاڻي ته نون ليگ جا وزير ان آڙ ۾ اچي سنڌ ۾ پريس ڪانفرنس به گڏ ٿا ڪن ته متان پيپلزپارٽي الڳ ٿي وڃي يا بلاول جي لاءِ لڳندڙ وزيراعظم جا نعرا سچا ثابت نه ٿين جو پي ڊي ايم جي اڳين سرڪار وانگي هي سرڪار به اڌ ۾ ڪري پئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جا وارا نيارا ٿي وڃن، پر ڳالھ ان تذبذب ۽ اضطراب ۾ به آهي ته هي سرڪار پريشان ضرور آهي جو آءِ ايم ايف جا معاهدا به نٿي ڪري سگهي، افغان بارڊر جا مونجهارا به حل نٿي ڪري سگهي، عزم استحڪام ۾ رڳو بلوچن جي مٿان هٿيار سڌا ڪيو بيٺا آهن ۽ ڪي پي ۾ علي امين گنڊه (غنڊه پور) فوج جي عملي کي به ڌمڪيون ٿو چاڙهي ته هتي نه اچو باقي رڳو بلوچن جو آپريشن ڪيو ۽ 20 ارب رپيا سڦل ڪري گولين ۾ ساڙي ڏيکاريو ۽ پنهنجن ماڻهن مٿان گوليون هلايو باقي خير آهي، پر حڪومت پوءِ به پنهنجو خير گهري جو پاسا پلٽڻ يا ڏينهن ڦرڻ ۾ دير ناهي يا آمريڪا جو هڪ اشارو به ڪم ڦيرائي سگهي ٿو. ان ڪري سڀاڻي ائين به ممڪن آهي ته جيڪي جيل ۾ آهن اهي ڪرسي تي هجن ۽ جيڪي ڪرسي تي آهن اهي ريل ۾ هجن يا جيل ۾.