بلاگنئون

جيجي زرينه بلوچ جي ڪتاب جو جائزو

ڪهاڻين جو مٿئين عنوان وارو ڪتاب مشهور فنڪار، ڪهاڻيڪار، سنڌيڪار، شاعرا، سماجي ۽ سياسي شخصيت جيجي زرينه بلوچ جو آهي.

جيجي زرينا بلوچ محمد موسيٰ جلالاڻيءَ جي گهر 29 ڊسمبر 1937ع تي ڳوٺ الهداد چنڊ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو آمنا آهي. 1960ع ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿي ۽ 1997ع ۾ رٽائر ڪيائين. سندس شادي مشهور قوم پرست اڳواڻ رسول بخش پليجو سان ٿي. زرينا بلوچ ادب ۾ ڪهاڻيون، فيچر ڊراما ۽ مضمون لکيا. ان کانپوءِ سندس ڪيل ترجما اهميت جا حامل آهن جن ۾ ديوار (سارتر)، “ناچ” (ٽالسٽاءِ) “ايمان جي سلامتي” (جيلاني بانو) ۽ ٻيا آهن. هن جون ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون جن ۾ “جيجي” ڪهاڻي تمام گھڻي مقبول ٿي. ان کانسواءِ اهم ڪهاڻين ۾ “ليلا مليس ڪنوار”، “هاڻي آءُ ڏاهو ٿيو آهيان”، “تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” ۽ ٻيون آهن.

“تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” سندس ڪهاڻين جو مجموعو 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن شايع ڪيو، جنهن جو انتساب سندس گھرڀاتين ۽ والد جي نالي آهي. ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو پيش لفظ سندس پياري ساهيڙي خيرالنساءِ جعفري لکيو آهي.

7 ڪهاڻيون طبعزاد ۽ 7 ترجمو ڪيل آهن، ڪهاڻين جا عنوان، “بابا آءُ ڏاهو ٿيو آهيان”، “تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون”، “ليلا مليس ڪنوار“، “جيجي”، “جھونو بڙ”، “وڻ تان پکي”، “لکيو پئي لوڙي”، “جڙ جنين جي جان ۾”، “ورچي نه ويٺي”، “ايمان جي سلامتي”، “ناچ کانپوءِ”، “ايلسا”، “سورمو”، “ديوار”، “بوند بوند لئه ڀٽڪي ڀٽڪي” آهن. (آخري ڪهاڻي شرون ڪمار روما جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو آهي جا سندس پهرين ڪهاڻي آهي ۽ 1964ع ۾ مهراڻ ۾ ڇپي هئي). خيرالنساءِ جعفري سندس گھڻ رخي شخصيت کي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته، “انيڪ دفعا ٽي وي ڊرامي دنگيءَ منجھ درياءَ ۾ “ساماڻا ساماڻا” ڪندي، راڻيءَ جي ڪهاڻي ۽ جنگل ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندي تنهنجو هر ڪمال… تنهنجو هر ثواب فن جي منزل تي رڳو تڪميل جو حسن رکي ٿو، پر پنهنجي وقت جو هڪ مڪمل سچ.”

اڳيان لکي ٿي ته: “تون سچ جو ثمر آهين، سموري سنڌ تنهنجي ساهن ۾ تنهنجي گلي ۾ پاتل آهي. تون ئي آهين جنهن قوم کي “جيئي سنڌ” جهڙو لازوال گيت ڏنو. تنهنجي فن، سچ ۽ ايمان کي محسوس ڪري آمريڪا، ڀارت، انگلينڊ ۽ دبئيءَ جي سنڌين توکي سنڌ جو سونو نقشو گلي ۾ ميڊل طور پارايو.” (صه-10 ۽ 11).

جيئن ته مٿي ڄاڻايو اٿم ته هن ڪتاب ۾ ڪي ڪهاڻيون طبعزاد آهن ته ڪي ترجمو پر پڙهڻ بعد اصل ۽ نقل يعني (ترجمي) جو فرق نٿو لڳي اهي ترجمو ڪيل ڪهاڻيون مڪالماتي آهن ته ڪجھ ڪهاڻين ۾ ليکڪا هڪ گلوڪار ۽ شاعرا هئڻ جي حيثيت ۾ مشهور سنڌي ڪافين ۽ واين کي پنهنجي ڪردارن واتان جهونگاريندي ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ سندس موسيقي ۽ شاعريءَ جو ذوق ظاهر ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي لحاظ کان هنن ڪهاڻين ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيل آهن ۽ گڏ ڪيتريون چوڻيون، پهاڪا ۽ اصطلاح موقعي جي مناسبت سان ڪتب آيل آهن جيئن، “ٻه ته ٻارنهن”، ۾اڳيئي هيوسين ٻه هاڻي ٽلي ٿيوسين ٽي”، “لکيو لوڙڻ” ۽ ٻيا آهن. جيجي زرينا جي ڪهاڻين مان چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا.

“اڄ شام کان مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم دل ڪنهن به ڳالھ ۾ نٿي لڳي سو به وري جيل ۾، انسان آزاد هوندو آهي ته بک، ڏک، غم ۾ به سرهو پيو لڳندو زندگيءَ جون حقيقتون به ڪيتريون نه بي رحم ۽ دل ڏکوئيندڙ ۽ اذيت ڏيندڙ ٿين ٿيون کن پل ۾ ڪيئن نه ماڻهوءَ کان ويٺي ويٺي اوچتو ئي اوچتو سندس سڪون کسيو وٺن.” (جهونوبڙ صه-46).

“ڪالهونڪر ماني ڳڀو نصيب نه ٿيو هئم. هاڻي ته بک ڪري پيٽ ۾ وٽ ٿي پيا ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ وَر وَر ڏيو پاڻي ٿي پيتم ته ڪجھ هانوَ جهل ٿئي، پر پاڻي ته مرڳو پيٽ ۾ ولوڙا ڏيئي وڍ ٿي ڏنا ۽ هاڻي ته هيڻي ٿي پئي هيس.”

“زال ته لکن ۾ هڪڙي، مهل تي مڙسن کان وڌ مڙس ماڻهو بس ڏاڙهين جو مٽ خالي ڪا نه موٽائيندي” (سج ٻه پاڇا، صه 68 ۽ 69).

هيءُ هڪ وڻندڙ ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌي سماج جي هيٺين ۽ وچولي طبقي جي گهرو حالتن جا عڪس آهن.

جيجي زرينا سياست ۾ حصو ورتو هوءَ هڪ بهادر عورت هئي سندس نياڻي اختر بلوچ سنڌ جي اها پهرين باشعور نياڻي شمار ٿئي ٿي جنهن ووٽن جون لسٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع نه ٿيڻ تي ۽ سنڌي شاگردن سان ٿيل عقوبتن خلاف آواز اٿاريو ۽ سنڌ دشمن ڪمشنر حيدرآباد مسرور حسن جي رويي خلاف ويٺل هڙتال تي هن نياڻيءَ کي وڏي پوليس اٽالي سان گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو جو سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهم واقعو آهي. اختر بلوچ جيل ۾ پنهنجو وقت سجايو ڪندي “قيدياڻيءَ جي ڊائري” عنوان سان ڊائري لکي جنهن ۾ جيجي زرينا جا کيس همٿائڻ ۽ حوصلي ڏيارڻ وارا شاندار خط موجود آهن (جنهن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو ۾ ڪيو آهي) انهن خطن ۾ هڪ ماءُ جي ممتا آهي ته سنڌ جي صدا آهي هڪ سجاڳ سياسي خاتون جو احتجاج رڪارڊ ٿيل آهي ته اختر کي پنهنجي عزم تي اٽل رهڻ جي تلقين آهي زرينا بلوچ “جيجي” جي نالي سان سنڌي قوم ۾ سڃاتي ويندڙ هڪ قربائتي عورت رهي پنهنجي ساهيڙين سان، مٽن مائٽن سان، اولاد سان ۽ ريڊيو جي هر ڪم ڪندڙ سان سندس سڀاءُ مهربانيءَ وارو هوندو هو. هن موسيقيءَ جي ميدان ۾ 1960ع ۾ قدم رکيو راڳ جي سکيا محمد جمن کان ورتائين سندس پهريون رڪارڊ زمان شاھ جي ڪافي “عمر آهيان اُڪنڊي ويڙهچن لاءِ” جي ڪاميابيءَ بعد هوءَ تيزيءَ سان فن جي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪندي وئي لوڪ گيت ۽ سهرا ڳائڻ ۾ سندس ڪوبه ثاني نه هو. سندس ايوارڊ يافته ٽي وي ڊرامي “دنگيءَ منجھ دريا” ۾ ليکڪ علي بابا خاص سندس لاءِ هڪ ٽائيٽل گيت لکيو “اُترڙو ٿو لڳي” جو تمام گهڻو مقبول ٿيو. ان کانسواءِ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ قومي شاعريءَ ۾ ڪيترائي گيت آهن جيئن “جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” (حيدر بخش جتوئي) “مان توکي گيت ڏيان او ڌرتي تون مون کي زنجير وجهين” (شيخ اياز) “او ڪاڪ ڌڻي” (فتاح ملڪ) “جنگ جنگ آ” (ابراهيم منشي) “جهان کي ڏيو مبارڪون”، (رسول بخش پليجو) ته لوڪ گيتن ۾ “مور ٿو ٽلي”، “ڇلڙو ڪري پيو کوھ ۾”، “راڻا جي رجپوت”، “راڻل گهوٽ گهوريئين نوٽ” ۽ ٻيا آهن. زرينا بلوچ جون خدمتون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ٽيليويزن جي لاءِ لازوال آهن. کيس سندس انهيءَ ڪم تي حياتيءَ ۾ ئي وڏي مڃتا ملي انيڪ ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي هر قومي ڪارڪن توڻي عوام کي جيجي زرينا لاءِ وڏي عزت آهي. سندس باري ۾ نصير مرزا ڪتاب “جيجي” عنوان سان ترتيب ڏنو، جو سندس فن ۽ شخصيت کي سهڻي ڀيٽا آهي.

25 آڪٽوبر 2005ع تي 71 سالن جي عمر ۾ بيماريءَ سبب جيجيءَ جي وفات ٿي آهي سندس فن هميشه قائم رهندو.