ايڊيٽوريلنئون

سعودي ولي عهد ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ رابطو

            سعودي عرب وچ اوڀر جو اهم ملڪ آهي، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي. وچ اوڀر جي تازي صورتحال جي ڪري اهو رابطو تمام اهم آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين غزا ۾ ٿيل جنگبندي جي سلسلي ۾ به انهيءَ جي اهميت آهي. آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ جنگون نه ٿو چاهي ۽ دنيا جا امن پسند عوام هن جي جنگ مخالف بيانن ۽ خيالن جي حمايت ڪن ٿا. اڳتي هلي جيڪڏهن دنيا ۾ جنگون ختم ٿي وڃن ٿيون ته انهيءَ جو داد موجوده صدر آمريڪا ڏانهن ويندو. سعودي عرب ۽ آمريڪا جا تعلقات هميشه بهتر رهيا آهن.

            سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو آغاز 1933 ۾ ٿيو. تڏهن مڪمل سفارتي تعلقات قائم ٿيا. انهن تعلقاتن کي هڪ وڏو سياسي ۽ مالياتي پسمنظر آهي. 1951 ۾ باهمي دفاعي تعاون جي معاهدي کي باقاعده شڪل ڏني وئي. سعودي عرب جي دفاع ۾ آمريڪا جو اهم ڪردار رهيو آهي. آمريڪا دنيا جو اهم جمهوري ملڪ آهي ۽ سعودي عرب ۾ بادشاهت آهي. ٻئي ملڪ انهيءَ فرق جي باوجود هڪٻئي جا اتحادي آهن. تعلقات جو بنيادي منطق واپار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جون معيشتون آهن. يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا تيل جي قابل اعتماد ترسيل جي بدلي سعودي عرب کي هر قسم جو تحفظ فراهم ڪري ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ سعودي تيل جون قيمتون ڊالر ۾ رکيون وڃن ٿيون. انهن معاشي ۽ مالياتي تعلقات جي ڪري ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ مئي 2017 ۾ سعودي عرب جو دورو ڪيو جنهن سان تعلقات مضبوط ٿيا. سرد جنگ جي دوران جڏهن روس ۽ آمريڪا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا، تڏهن سعودي عرب آمريڪي اتحاد ۾ هو ۽ افغانستان ۾ روس جي حمايت يافته حڪومت ۽ اتي موجود روسي فوجين جي خلاف آمريڪا هڪ طرح سان اعلان جنگ ڪيو ۽ اسانجي ملڪ پاڪستان به انهيءَ سرد جنگ ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي پاليسين جو ساٿ ڏنو. نتيجي ۾ سرد جنگ ڄڻ افغانستان ۾ ختم ٿي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ يو ايس ايس آر به ٽٽي ويو. آمريڪا وچ اوڀر جي ملڪن ۽ پاڪستان سان گڏ خطي ۾ اهم پيش قدميون ڪيون آهن. جڏهن کان سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان بادشاهه جو ولي عهد ٿيو آهي. تڏهن سعودي حڪومت ان جي اڳواڻي ۾ هلي رهي آهي. سعودي عرب ۽ آمريڪي تعلقات کي سعودي عرب جو عوام پسند ڪري ٿو. جولاءِ 2022 جي هڪ سروي ۾ 92 سيڪڙو سعودي نوجوانن آمريڪا کي پنهنجي قوم جي اتحادي طور ڏٺو آهي. 1933 کان هلندڙ تعلقات اڄ سال 2025 تائين به گرم جوش آهن. آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپاري تعلقات طويل عرصي کان ٻن مرڪزي تصورن جي چوڌاري گهمي رهيا آهن سلامتي ۽ تيل. سعودي عرب کي تيل جي دريافت کان وٺي پيداواري عمل تائين آمريڪي تعاون هميشه کان حاصل رهيو آهي. 1951 کان سعودي عرب کي آمريڪي تعاون حاصل رهيو آهي. انهيءَ ۾ آمريڪي هٿيارن جي خريد ۽ سعودي فوجين جي آمريڪي فوجين جي رهنمائيءَ ۾ تربيت پڻ شامل آهي. تازو اسرائيل ۽ غزا جنگ جي ڪري سعودي عرب ڄڻ امتحان ۾ رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جنگ يمن کان وٺي لبنان ۽ ايران تائين پکڙجي وئي هئي. 7 آڪٽوبر 2023 کان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته وچ اوڀر ۾ امن جو سج اڀري رهيو آهي، پر 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزا ۽ اسرائيل تعلقات جنگ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري خطي جا ملڪ جنگ جي ڪري متاثر ٿي رهيا هئا. وچ اوڀر جا ملڪ جيڪي جنگ ۾ شامل نه به هئا ته به انهن جو واپار ۽ ترقي متاثر ٿي رهي هئي. آمريڪا جيئن ته دنيا جي سڀني کان وڏي معيشت آهي. انهيءَ ڪري اهو چاهي ٿو ته دنيا ۾ آزاد واپار ٿئي. آزاد واپار جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن ملڪن جي وچ ۾ امن قائم هوندو.

            غزا ۽ اسرائيلي جنگ بندي کانپوءِ لڳي ٿو ته سعودي عرب ۽ آمريڪي تعلقات اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌ سماءَ جي ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته سعودي ولي عهد ۽ آمريڪي صدر جي وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ گفتگو ۾ ٻن طرفن تعلقات ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شهزادا محمد بن سلمان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ آمريڪي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي رهنمائن سرمائيڪاري ۽ تجارت جي واڌ جي ڳالهه ڪئي آهي. ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب ايندڙ چئن سالن ۾ آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد کي چيو ته آمريڪا سعودي عرب سان تمام شعبن ۾ تعلقات کي فروغ ڏيندو. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته جنگن کان بغير دنيا ئي اسان جي اميد آهي. پاڪستان کان وٺي وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا تائين سڄي دنيا جا عوام بهتر تجارتي تعلقات چاهين ٿا. ملڪن جي وچ ۾ تعلق جو بنياد امن آهي.