عشق کان ڪوبه واندو ناھي ۽ عشق جو اڀياس به ھر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان جي روين ۽ اثرن تي بحث به ٿيندا رهن ٿا. عشق ۾ جدائي واري حالت ۽ احساس کي ناقابل برداشت عمل ۽ سوچ کي سمجهندڙ ماهرن/فيلسوفن “ميسوڪ ازم” چيو آهي. ميسوڪ ازم هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي، جنھن سوچ وارو ماڻهو محتاجي، بيوسي، لاچاري، بي ڪسي ۽ بي سمجهي وارين حالتن جو شڪار رهي احساس محرومي جو اظهار ڪندي هميشه ٻين ۾ پناھ وٺندو آهي. اهڙي عاشق کي ميسوڪسٽ چيو ويو آهي. ٻين ۾ روحاني طور پناھ وٺندڙ عاشق پاڻ کي معشوق سان دوستي واري رشتي ۾ برابري جوڙڻ کان محروم رهندي ان جو ذهني غلام ٿي ويندو آهي ۽ معشوق جي حڪم ۽ مرضي جو تعبيدار رھندو آهي ۽ غلامي جي اهڙي خطرناڪ احسان ۾ هو پنهنجي حيثيت، انفراديت، صلاحيت، شخصيت، راءِ ۽ وجود کان علاوه پنهنجي جسم ۽ جان تائين معشوق وٽ عشق جي ناتي ۾ گروي رکي ڇڏيندو آهي، ان جي حڪم ۽ اشارن تي هلندو رهندو آهي. عاشقي ۾ اهڙي سوچ رکڻ وارن ماڻهن جا معشوق گهڻو ڪري نخرا ڪندڙ، ضدي، انا پرست ۽ لاپرواهه بڻجي پوندا آهن. اڻٽر نتيجي ۾ عاشق جي انهن وٽ ڪا اهميت ۽ حيثيت نه رهندي آهي. اهڙي عشق ۾ عاشق ٻيون ته سموريون شيون وڃائي ويهندو آهي، پر پنهنجي آزادي به وڃائي ويهندو آهي. عاشقي ۾ ان جو حال اهڙي ٻار وانگر ٿي ويندو آهي، جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ پنهنجو ڌار جسماني وجود رکڻ باوجود مڪمل طور تي ماءُ جي سهاري جو محتاج هوندو آهي، ميسوڪ ازم لاءِ صنم پرستي يا مذهبي حوالي سان بت پرستي جا اصطلاح به استعمال ٿيندا آهن ۽ انهن مثالن ذريعي ميسوڪسٽ نالي واري عاشق جي عاشقي جي تشريح ڪري سمجهاڻي ڏني ويندي آهي ته ميسوڪسٽ جڏهن پنهنجي پوري ذهن جي سموري توانائي هڪ طرف لڳائي سست ۽ بيوس بڻجي ويندو آهي ته ان جا ٻيا اعصاب به ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ سندس جسماني، ذهني ۽ جنسي صحت به ٺيڪ نه رهندي آهي. زندگي جي سمورن روز مره جي ڪاروهنوارن ۾ ان جا فيصلا، هدايتون ۽ عمل به بي اثر ۽ بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن، ان ۾ يقين واري قوت گھٽجي ويندي آھي ۽ پنھنجو پاڻ تي ڪوبه اعتماد نه رھندو اٿس، اهڙا عاشق گهڻو ڪري تقدير تي ڀاڙيندا آهن، پنهنجي طور تي ڪجھ ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهندي جنسي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ به وڪوڙجي ويندا آهن. فرار جي راهه اختيار ڪندي نشي آور شيون واپرائي موالي به بڻجي پوندا آهن، ڳالهين ۽ ليڪچرن سان اهڙن عاشقن کي ڪوبه قائل نه ڪري سگهندو آهي. ڳالهيون سمجهي ماٺ به ڪري ويندا، پر پنهنجي ميسوڪ ازم واري سوچ ڇڏڻ جي معاملي ۾ اهي اندروني ۽ بيروني طور تي پاڻ کي لاچار، بيوس، بي پهچ سمجهي ڪجھ نه ڪري سگهندا آهن. عاشقي ۾ ميسوڪ ازم جي شڪار عاشقن جي سڀ کان وڏي خرابي اها هوندي آهي ته هو پنهنجي شخصي خود مختياري، آزادي، پنهنجي انا ۽ شخصيت ٻين ماڻهن جي قدمن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، جيڪي انهن جي اهڙي بيوسي لاچاري ۽ غلاماڻي سوچ واري انداز مان آقا بڻجي فائدا کڻندا رهندا آهن. عاشقي ۽ معشوقي وارو اهڙو رشتو سهاري ۽ مفاد جي ٻطرفي تعلق جي بنياد تي هلندو ۽ قائم رهندو آهي. عشق جو هي انداز ۽ قسم عاشق کي تخليقي ڪم ڪرڻ پنهنجي ۽ پاڻ تي دارومدار رکندڙ ٻين جي زندگين ۽ مستقبلن لاءِ تخليقي انداز ۾ سوچڻ کان پري رکي نتيجي ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي. عشق جو هي قسم جڏهن ماڻهن جي گهڻائي اختيار ڪندي آهي ته پوءِ قومون ترقي ۽ تخليق جون راهون ڇڏي تباهي ۽ تنزل طرف هليون وينديون آهن ۽ قومي وجودن کي به اتان بربادي نصيب ٿيندي آهي.