عشق کان ڪوبه واندو ناھي ۽ عشق جو اڀياس به ھر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان جي روين ۽ اثرن تي بحث به ٿيندا رهن ٿا. عشق ۾ جدائي واري حالت ۽ احساس کي ناقابل برداشت عمل ۽ سوچ کي سمجهندڙ ماهرن/فيلسوفن “ميسوڪ ازم” چيو آهي. ميسوڪ ازم هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي، جنھن سوچ وارو ماڻهو محتاجي، بيوسي، لاچاري، بي ڪسي ۽ بي سمجهي وارين حالتن جو شڪار رهي احساس محرومي جو اظهار ڪندي هميشه ٻين ۾ پناھ وٺندو آهي. اهڙي عاشق کي ميسوڪسٽ چيو ويو آهي. ٻين ۾ روحاني طور پناھ وٺندڙ عاشق پاڻ کي معشوق سان دوستي واري رشتي ۾ برابري جوڙڻ کان محروم رهندي ان جو ذهني غلام ٿي ويندو آهي ۽ معشوق جي حڪم ۽ مرضي جو تعبيدار رھندو آهي ۽ غلامي جي اهڙي خطرناڪ احسان ۾ هو پنهنجي حيثيت، انفراديت، صلاحيت، شخصيت، راءِ ۽ وجود کان علاوه پنهنجي جسم ۽ جان تائين معشوق وٽ عشق جي ناتي ۾ گروي رکي ڇڏيندو آهي، ان جي حڪم ۽ اشارن تي هلندو رهندو آهي. عاشقي ۾ اهڙي سوچ رکڻ وارن ماڻهن جا معشوق گهڻو ڪري نخرا ڪندڙ، ضدي، انا پرست ۽ لاپرواهه بڻجي پوندا آهن. اڻٽر نتيجي ۾ عاشق جي انهن وٽ ڪا اهميت ۽ حيثيت نه رهندي آهي. اهڙي عشق ۾ عاشق ٻيون ته سموريون شيون وڃائي ويهندو آهي، پر پنهنجي آزادي به وڃائي ويهندو آهي. عاشقي ۾ ان جو حال اهڙي ٻار وانگر ٿي ويندو آهي، جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ پنهنجو ڌار جسماني وجود رکڻ باوجود مڪمل طور تي ماءُ جي سهاري جو محتاج هوندو آهي، ميسوڪ ازم لاءِ صنم پرستي يا مذهبي حوالي سان بت پرستي جا اصطلاح به استعمال ٿيندا آهن ۽ انهن مثالن ذريعي ميسوڪسٽ نالي واري عاشق جي عاشقي جي تشريح ڪري سمجهاڻي ڏني ويندي آهي ته ميسوڪسٽ جڏهن پنهنجي پوري ذهن جي سموري توانائي هڪ طرف لڳائي سست ۽ بيوس بڻجي ويندو آهي ته ان جا ٻيا اعصاب به ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ سندس جسماني، ذهني ۽ جنسي صحت به ٺيڪ نه رهندي آهي. زندگي جي سمورن روز مره جي ڪاروهنوارن ۾ ان جا فيصلا، هدايتون ۽ عمل به بي اثر ۽ بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن، ان ۾ يقين واري قوت گھٽجي ويندي آھي ۽ پنھنجو پاڻ تي ڪوبه اعتماد نه رھندو اٿس، اهڙا عاشق گهڻو ڪري تقدير تي ڀاڙيندا آهن، پنهنجي طور تي ڪجھ ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهندي جنسي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ به وڪوڙجي ويندا آهن. فرار جي راهه اختيار ڪندي نشي آور شيون واپرائي موالي به بڻجي پوندا آهن، ڳالهين ۽ ليڪچرن سان اهڙن عاشقن کي ڪوبه قائل نه ڪري سگهندو آهي. ڳالهيون سمجهي ماٺ به ڪري ويندا، پر پنهنجي ميسوڪ ازم واري سوچ ڇڏڻ جي معاملي ۾ اهي اندروني ۽ بيروني طور تي پاڻ کي لاچار، بيوس، بي پهچ سمجهي ڪجھ نه ڪري سگهندا آهن. عاشقي ۾ ميسوڪ ازم جي شڪار عاشقن جي سڀ کان وڏي خرابي اها هوندي آهي ته هو پنهنجي شخصي خود مختياري، آزادي، پنهنجي انا ۽ شخصيت ٻين ماڻهن جي قدمن ۾ رکي ڇڏيندا آهن، جيڪي انهن جي اهڙي بيوسي لاچاري ۽ غلاماڻي سوچ واري انداز مان آقا بڻجي فائدا کڻندا رهندا آهن. عاشقي ۽ معشوقي وارو اهڙو رشتو سهاري ۽ مفاد جي ٻطرفي تعلق جي بنياد تي هلندو ۽ قائم رهندو آهي. عشق جو هي انداز ۽ قسم عاشق کي تخليقي ڪم ڪرڻ پنهنجي ۽ پاڻ تي دارومدار رکندڙ ٻين جي زندگين ۽ مستقبلن لاءِ تخليقي انداز ۾ سوچڻ کان پري رکي نتيجي ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي. عشق جو هي قسم جڏهن ماڻهن جي گهڻائي اختيار ڪندي آهي ته پوءِ قومون ترقي ۽ تخليق جون راهون ڇڏي تباهي ۽ تنزل طرف هليون وينديون آهن ۽ قومي وجودن کي به اتان بربادي نصيب ٿيندي آهي.
اهڙي عشق جي انداز ۽ رويي جي بلڪل ابتڙ عشق جو هڪ ٻيو خطرناڪ ۽ تباھ ڪندڙ رويو به آهي جنھن ۾ عاشق، عشق ڪندي معشوق کي پنهنجو غلام بڻائي رکڻ چاهيندو آهي، عشق جي اهڙي رويي کي “سيڊ ازم” جو نالو ڏنل آهي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪندڙ عاشق کي وري “سيڊسٽ” چيو وڃي ٿو، معنيٰ اهڙو عاشق جيڪو سيڊ ازم واري عاشقي ڪندو هجي. سيڊسٽ عاشق پنهنجي اڪيلائي، مسئلن جي خوف، معشوق جي جدائي جي احساس کان بچڻ لاءِ معشوق کي پنهنجي طاقت، دولت ۽ ذهني صلاحيت جي آڌار تي پنهنجي ذات جو حصو بڻائي رکڻ چاهيندو آهي، ان طرح هو معشوق کي پوڄاري، غلام، بيوس لاچار، بي يارو مددگار بڻائي پوري دنيا کان ڌار ۽ اڪيلو ڪري پاڻ ان جو اڪيلو ديوتا، آقا ۽ حڪمران بڻجڻ چاهيندو آھي. سيڊسٽ عاشق هميشه پاڻ کان ڪمزور ماڻهن سان عشق ڪندڙ عاشق هوندو آهي، جيڪو معشوق جي ڪمزورين مان فائدو کڻي ان کي وڌيڪ ڪمزور بڻائي پاڻ کي ان آڏو وڌيڪ طاقتور ظاهر ڪري فائدا کڻندڙ هوندو آهي. عشق جي هن سوچ ۾ گهڻو ڪري ڊڪٽيٽر قسم جا ماڻهو، وڏيرا، جاگيردار، سرمائيدار ۽ حڪمران مبتلا ٿيندا آهن، جيڪي داخلي يا روحاني طور تي عشق جي معاملي ۾ ڪمزور ھوندي به طاقت جي آڌار تي پاڻ کي طاقتور ظاھر ڪندا آھن، جيڪي اجتماعي عاشقي ڪندي ڪمزور خلق کي خود تڪليفون ڏئي، انهن لاءِ مصيبتن وارا ماحول ۽ حالتون پيدا ڪري، ڏک ۽ ڏهنج ڏئي وڌيڪ ڪمزور بڻائي انهن آڏو پنهنجي اهميت وڌائي پنهنجي ضرورت جتائيندا رهيا آهن. جهڙي طرح ميسوڪ ازم ۾ عاشق پاڻ کي معشوق حوالي ڪري ان جو غلام بڻجي ٿو، تهڙي طرح سيڊ ازم جي سوچ وارو عاشق وري معشوق کي غلام بڻائي رکي ٿو. جدائي، اڪيلائي، تنهائي جي خوف ۾ مبتلا سيڊ ازم جو شڪار عاشق نه رڳو عاشقي جي ذريعي معشوق کي هيٺانهين سطح تي محدود رکي ٿو، پر ان سان هر موقعي تي ذلت ڀريو ورتاءُ به ڪري ٿو. هڪ اڻڄاتل خوف جيڪو هن قسم جي عاشق جو پاڻ پيدا ڪيل هوندو آهي، ان جو صحيح حل معشوق سان برابري قائم رکڻ، ان سان ملي هڪ ٿي وڃڻ ۾ آهي، جڏهن ته تنهائي جي خوف مٽائڻ لاءِ ٻئي کي تنها ڪري ڇڏڻ ۽ ان لاءِ مسئلا پيدا ڪري پوءِ انهن مسئلن جا اڻ پورا حل پاڻ ڏيڻ ۽ ٻڌائڻ واري ھي عاشقي به انتهائي خطرناڪ بڻجي ٿي. انفرادي ۽ عام سطح تي اهڙي عاشقي دوستن ۾ به رهي ٿي ماءُ يا پيءُ جي ٻارن سان به ٿي سگهي ٿي، جيڪي ٻارن کي پنهنجو سهارو بنائڻ جي لاءِ پنهنجي بزرگي ۽ محبت جو اظهار ان انداز ۾ ڪن ٿا جهڙو انداز ڪنهن سيڊسٽ قسم جي عاشق جو هجي ٿو. اهڙو ٻار جيڪو مائٽن جي سيڊسٽ هجڻ واري رويي جو شڪار ٿئي ٿو اهو ڪڏهن به پنهنجي آزاد مرضي سان زندگي ۾ ڪو تخليقي ڪم نٿو ڪري سگهي.
ڄاڻايل هي ٻئي عشق اهڙي قسم جا روڳ آهن جن ۾ مبتلا فرد، اجتماعي طور تي طاقتور ڌريون عاشقي جي نالي ۾ اڻ محسوس طريقي سان معشوق يا معشوقن جا ازلي دشمن بڻجيو پون. اهڙي خطرناڪ ۽ خوفناڪ دشمني فردن ۽ قومن جي ترقي ۾ شاهي رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿي.
عشق جو ٽيون خطرناڪ قسم پنهنجو پاڻ سان عشق ڪرڻ وارو آهي. جنهن کي نرگيسٽ يا نارس ازم جا نالا مليل آهن. ھن قسم جي عشق ۾ جڏهن ڪو عاشق، عشق ڪندي ٺڪرائجي ٿو تڏهن ان کي جيڪو ڏک رسي ٿو سو کيس ناڪامي جو سخت احساس ڏياري ٿو. چيو وڃي ٿو ته عاشق جي انا کي مجروح ڪرڻ سان ان ۾ ناڪامي جو جيڪو احساس اڀري ٿو ان سان ان کي پنھنجو پاڻ تي جيڪا ڪاوڙ اچي ٿي اها پنهنجو پاڻ سان ھن قسم جي عشق جو شروعاتي اظهار هجي ٿي. نارس ازم واري سوچ، ان قسم جي عاشقن ۾ ٻن قسمن جا جذبا اڀاري ٿي ھڪ اھو ته جڏهن ان جو طرف مخالف جنس ڏانهن هجي ٿو تڏهن اهو رخ ان کي جنسي عشق ڏانهن آڻي ٿو. جڏهن پنهنجي طرف وڃي ٿو ته پنهنجو پاڻ سان عشق ڪرڻ لڳي ٿو. ڪجھ ماڻهو هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ پاڻ کي مظلوم ۽ ٻين کي ظالم سمجهندا رهندا آهن ۽ ڏک واري ڪاوڙ جو اظهار اهڙن ماڻهن جي سڀ کان وڏي عادت ۽ سڃاڻپ رهندو آهي. اهڙن اظهارن ۾ جڏهن شدت ايندي آهي تڏهن اها هڪ نفسياتي بيماري واري شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. اهڙا ماڻهو عشق جي روين ۾ انا پرست، ڏاڍ آڏو جلدي جهڪي پوڻ وارا، هيڻن کي جهڪائيندڙ بڻجي ويندا آهن، جيڪا نرگيسٽ جي هڪ خطرناڪ شڪل آهي جيڪا سماج ۾ عاشقي جي عام مثالن ۾ ملي ٿي. اچو ته اھڙن سمورن ناڪاري روين کي وڌيڪ سمجھون ۽ انھن روين کان پاڻ به بچون ۽ ٻين کي به بچايون.