راندين جي صنعت هڪ تمام وڏي شاندار صنعت آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو پئسو موجود آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ صرف راندين جا مقابلا ڪرائي راندين جا ميدان ٺهرائي ۽ رانديگر پيدا ڪري پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪري رهيا آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي نوجوان آباديءَ جو انگ 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، پر حڪومت انهن لاءِ اهڙا ڪي به ادارا نه جوڙيا آهن جتي اهي مختلف رانديون کيڏي ميرٽ تي اڳيان اچي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ۽ ملڪ لاءِ وڏا وڏا ٽائيٽل کٽي سگهن. اهڙي سڄي نا اميدي واري صورتحال ۾ پاڪستان جي عوام کي جيڪو هر طرح سان هر طرف کان پريشانيءَ ۾ ورتل آهي، ان پريشان حال عوام کي ارشد نديم پئرس ۾ 92.97 ميٽر پري نيزو اڇلائي سوني جو تمغو حاصل ڪري خوشيون ڏنيون آهن. ان لاءِ ارشد نديم کي واڌايون جنهن پاڪستاني عوام جي منهن تي مرڪون موٽايون. اولمپڪس ۾ هن ايونٽ کي جوولين ٿرو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن ۾ نيزو پري کان پري اڇلائڻ واري کي انعام ملندو آهي.
ارشد نديم اولمپڪس تاريخ جو 118 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي. ان تمغي جي حاصل ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ايئن چئجي ته پاڪستان جي اولمپڪس ڪميٽي کان وڌيڪ اڪيلي سر ارشد نديم جون محنتون، ڪوششون ۽ جذبا شامل هئا ته غلط نه ٿيندو. جڏهن پوري دنيا جي رانديگرن مان صرف 12 رانديگر فائنل مقابلي جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته انهن ۾ ارشد نديم پڻ شامل هو. ان وقت پوري ملڪ جون دعائون ساڻس گڏ هيون ۽ هن اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪنهن جي تصور ۾ نه هو. هن کان پهرين ارشد نديم 90 ميٽر پري تائين نيزو اڇلائي نه سگهيو هو، پر هن فائنل رائونڊ ۾ اولمپڪس تاريخ جو رڪارڊ ٽوڙيندي 92.97 ميٽر فاصلي تائين نيزو اڇلايو ۽ سوني جو تمغو حاصل ڪيو. پاڪستان جو عوام، حڪومتي نمائنده، صدر پاڪستان، چئني صوبن جا گورنر، وزيراعليٰ، آءِ ايس پي آر کيس مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري نه صرف ارشد نديم کي واڌيون ڏنيون آهن، پر سندس تقرير جو فوڪس انهيءَ ڳالهه تي پڻ هو ته ملڪ جي رانديگرن کي سرڪار طرفان گهربل سهولتون مهيا نٿيون ڪيون وڃن، جيڪا بجيٽ راندين لاءِ رکي وڃي ٿي انهيءَ جو بهتر استعمال نٿو ڪيو وڃي، اهو ئي وڏي ۾ وڏو سبب آهي جو پاڪستان جنهن جي آدمشماري 25 ڪروڙ جي آهي جنهن جي رانديگرن ۾ اهليت جي ڪابه کوٽ نه آهي، انهن کي ٽريننگ ۽ اها ٽريننگ به دنيا ليول جي برابري واري نٿي ڏني وڃي، انهن رانديگرن کي سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، رکيل بجيٽ مان اهي ماڻهو فيضياب ٿين ٿا جن جو راندين ۽ رانديگرن طرف بنهه ڌيان ڪونهي اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان هاڪي جو چئمپين رهي چڪو آهي، پر هينئر هاڪي راند ۾ اسان جي ٽيم دنيا ۾ ڪنهن به ڳاڻيٽي ۾ نه آهي. پاڪستان سالن جا سال اسڪوائش جو چئمپين رهي چڪو آهي، پر اها راند به اسان کان رسي وئي آهي. اسان وٽ فوٽ بال جو تمام گهڻو ٽئلينٽ ۽ شوق موجود آهي، پر حڪومت چاهي اها صوبائي هجي يا مرڪزي انهن جو ان طرف ڌيان بلڪل نه آهي. هاڻي جيڪڏهن بنا سهولتن ۽ بنا حڪومتي ڌيان جي هڪ رانديگر ذاتي محنتن ۽ ڪوششن سبب اولمپڪس ۾ سون جو تمغو حاصل ڪري سگهي ٿو ته پوءِ جيڪڏهن حڪومت ۽ حڪومتي ڪارنده مقرر ڪيل بجيٽ کي رانديگرن تي استعمال ڪن ته اسان دنيا ۾ راند جي هر مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي قابل آهيون. انهيءَ سلسلي ۾ بلاول ڀٽي زرداري جون تجويزون انتهائي غور جي قابل آهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته چئني صوبن جا صوبائي راندين جا وزير ۽ پاڪستان جو وفاقي راندين جو وزير گڏجي ويهي جامع پلاننگ سان ملڪ جي رانديگرن کي سهولتون ڏين، انهن جي لاءِ راندين جا ميدان جيڪي نه هجڻ جي برابر آهن، اهي نوان ٺاهيا وڃن ۽ جيڪي ميدان موجود آهن ۽ جن جي حالت بهتر نه آهي انهن جي حالت بهتر ڪري انهن کي بين الاقوامي معيار جو بڻايو وڃي.
رانديگرن کي نه صرف تربيت ڏني وڃي، پر کين روڪ معاوضو به ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي معاشي حالتن کان پريشان نه ٿين. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته لياري اندر جيترو فوٽ بال سان عشق آهي جيڪڏهن لياري جي رانديگرن کي بين الاقوامي معيار جي تربيت ۽ بين الاقوامي معيار جا گرائونڊ ڏنا وڃن ته اهو وقت پري ناهي ته اسان فيفا ورلڊ ڪپ کٽي سگهون ٿا. اسان به سندس انهن ڳالهين جي آجيان ڪريون ٿا ۽ سنڌ صوبي جي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته راندين جي بجيٽ جيڪا مقرر آهي ان کي نه صرف بهتر طور استعمال ڪيو وڃي، پر ان بجيٽ ۾ واڌارو پڻ ڪيو وڃي ته جيئن پوري ملڪ سان گڏ سنڌ جا رانديگر پڻ پاڻ کي دنيا اندر راندين ۾ مڃرائي سگهن.