ايڊيٽوريلنئون

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي منصوبن ۾ سنڌ شامل ڇو نه آهي؟

            قومي شاهراهه جيڪي سڀني صوبن کي هڪٻئي سان ڳنڍين ٿا يا صوبن اندر ئي مواصلات جو ذريعو بڻجن ٿا انهن کي ٺهرائڻ لاءِ، مرمت ڪرڻ لاءِ جيڪو ادارو ٺهيل آهي ان جو نالو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پوري ملڪ کي ملائيندڙ روڊ ٺاهي ٿو، جنهن ۾ موٽروي پڻ شامل آهن. خبر ناهي ڇو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو سنڌ صوبي سان خدا ڪارڻ جو وير نظر اچي ٿو، ان جي باوجود ته پوري پاڪستان جي ٽريفڪ جو دٻاءُ سنڌ صوبي جي روڊن تي پوي ٿو جنهن جو سبب سنڌ اندر سامونڊي بندرگاهه هجڻ آهي. هيوي ٽريفڪ پوري پاڪستان مان مختلف شيون کڻي ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ٿي ۽ وري ٻاهران ايندڙ جهازن ۾ درآمد ٿيندڙ شيون بندرگاهه تان کڻي پوري ملڪ تائين پهچائي ٿي.

            ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ صرف نيشنل هاءِ وي آهي جيڪو هن وقت ان هيوي ٽريفڪ جو بار کڻڻ جي قابل نه رهيو آهي. ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين نيشنل هاءِ وي سنڌ صوبي جي حدن ۾ اچي هو، اهو نيشنل هاءِ وي جڏهن پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو ته سندس شڪل مٽجي وڃي ٿي، پر سنڌ اندر ساڳي قومي شاهراهه جي حالت زبون آهي. ان کانپوءِ انڊس هاءِ وي آهي جيڪو پڻ گذريل ٽيهن سالن کان ٺهي رهيو آهي، پر اڃان تائين سنڌ اندر ٻطرفي ٽريفڪ هلائڻ جي قابل نه ٿيو آهي. اهو پروجيڪٽ سنڌ گورنمينٽ وفاق سان ڪيو هو ته ڄامشورو کان جيڪب آباد تائين انڊس هاءِ وي کي ٻٽو روڊ ڪري ٺاهيو ويندو. سنڌ سرڪار پنهنجو حصو ته ڏنو، پر وفاقي سرڪار مختلف حيلن بهانن سان گهربل حصو نه ڏنو آهي، جنهن سبب اڃان تائين انڊس هاءِ وي جو ڪم رهيل آهي. سنڌ جي وزيراعليٰ وزيراعظم پاڪستان کي خط لکي هن سال جي ٿيل نيشنل هاءِ وي اٽارٿي طرفان سنڌ سان ويڌن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. وزيراعليٰ اهو ٻڌايو آهي ته هن سال جي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي سنڌ لاءِ پنج سيڪڙو کان به گهٽ بجيٽ رکيو ويو آهي ان جي مقابلي ۾ گلگت بلتستان ۾ نيشنل هاءِ وي جي بجيٽ وڌيڪ آهي. پنجاب سان ڪهڙي ڀيٽ ڪجي، انهيءَ جي بجيٽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 40 سيڪڙو رکي آهي. حيدرآباد ۽ سکر موٽروي کي پڻ نظر انداز ڪيو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ٽيڪس ڏيڻ ۾ جڏهن سنڌ صوبو سڀني کان اڳتي آهي ته پوءِ ترقياتي ڪمن ۾ پڻ صوبي کي اوليت ملڻ گهرجي.

            نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٽول ٽيڪس ذريعي جيترا پئسا سنڌ مان ڪمائي رهي آهي ڪوبه صوبو کيس ٽول ٽيڪس جي مد ۾ ايترا پئسا نه ڏيئي رهيو آهي، ان جي باوجود سنڌ جي عوام کي دانهون ڪرڻيون ٿيون پون، بجاءِ انهيءَ طرفان ڌيان ڏيڻ جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي نوان نوان ٽول ٽيڪس ٺاهڻ ۾ مصروف آهي. اهڙو ئي غير قانوني ٽول ٽيڪس هن وقت مٽياري ضلعي اندر ٺهي رهيو آهي. وزيراعليٰ صاحب جو وزيراعظم کي خط لکڻ هڪ بهتر قدم آهي. ڏسون وزيراعظم صاحب انهيءَ طرف ڪيترو ڌيان ڏئي ٿو ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پابند ڪري ٿو ته سنڌ کي پنهنجي حصي مطابق منصوبا ڏنا وڃن ۽ انهن تي بجيٽ رکي وڃي. پر پيپلز پارٽي کي صرف خط لکي احتجاج ڪرڻ کان اڳتي جو قدم کڻڻو پوندو. هن وقت (ن) ليگ سرڪار پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي ووٽن تي بيٺل آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجي حمايت واپس وٺي ته (ن) ليگ سرڪار هڪدم ڊهي پوندي، پر شايد پيپلز پارٽي ان ڪري محتاط آهي ته کيس آسرو آهي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم پيپلزپارٽي جو هوندو، پر هڪ ڳالهه پيپلزپارٽي جي اڳواڻن لاءِ واضح ڪريون ته پنجاب حمايت ڪري يا نه ڪري، پر جيڪڏهن سنڌ صوبو پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيندو ته پوءِ ڪنهن به صورت ۾ پيپلزپارٽي جو وزيراعظم نه ٿي سگهندو انهيءَ ڪري پيپلزپارٽي بجاءِ پنجاب کي راضي ڪرڻ جي سنڌ صوبي کي سندس آئيني حق ۽ حصا وٺي ڏئي راضي ڪري، سنڌ صوبو ئي آهي جيڪو هميشه پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن ۾ موڪليندو رهندو آهي.