چيف سيڪريٽري چائنا جي ڪمپني کي ڏنل ڪراچي ۾ ڪچري کڻڻ جو ٺيڪو ختم ڪري ڇڏيو

سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه چين جي ڪمپني کي مليل ٺيڪو ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي، هن ٺيڪي مطابق چين جي ڪمپني کي ڪراچي اندر ڪچري کي کڻڻو هو. هي فيصلو سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي پرفارمنس کي چڪاسڻ واري ميٽنگ ۾ ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ڪراچي اندر ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي کان ڪراچي جي ڪمشنرن کي مطمئن ڪرڻ بعد ئي پنهنجون رهتون حاصل ڪري سگهنديون. هن موقعي تي ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شلواني چيو ته ڪراچي اندر عيدالاضحيٰ، يوم آزادي ۽ مون سون برساتن سبب صفائي جي ڪم ۾ رڪاوٽون آيون آهن پر سڀني مشڪلاتن باوجود به حڪومت سمورا ذريعا استعمال ڪيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *