ننڍي هوندي هڪ نعرو هڻندا هئاسين ته: نه روس، اسرائيل ۽ آمريڪا- بس سپر پاور آهي خدا. اڄ ان نعري کي عملي جامي ۾ ڏسي خداوند ڪريم جي ذات تي پڪو ۽ پختو يقين ٿي ويو آهي. جڏهن لاس اينجلس، جيڪو آمريڪا جو دنيا جي مشهور ۽ پوش شهرن مان هڪ آهي، سو اڱاري 7 جنوري 2025ع کان لڳل باهه ۾ سڙي رک ٿي ويو. قدرت جي هن حادثي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ گهر سڙي ختم ٿي ويا آهن ۽ 32 هزار ايڪڙ زمين تي آباد ٿيل شهر تباھه ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن هجرت ڪري ويا آهن. هي علائقو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو ۽ پوش علائقو سمجهيو ويندو آهي، جتي هالي ووڊ جا ستارا ۽ دنيا جا ارب پتي ايندا رهندا آهن. دنيا جون سڀ قيمتي شيون، ڪارون ۽ برانڊز، جيڪي هتي موجود هئا، اهي سڀئي باهه جي لپيٽ ۾ اچي سڙي رک ٿي ويا آهن. هيءَ باهه انسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته سپر طاقت صرف رب جي ذات آهي. ڪيترن سالن کان ظلم ڪندڙ انسان جيڪي پاڻ کي ناقابل شڪست سمجهندا هئا، سي ڪجهه گهڙين ۾ قدرت جي هڪ وار سان تباهه ٿي ويا. دنيا جي مال، دولت ۽ عيش و عشرت واري زندگي ڪجهه به ناهي، جڏهن رب جي رضا خلاف هلجي. قدرت هن واقعي ذريعي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ جو انجام عبرت هوندو آهي، جيڪي فلسطين ۽ ٻين مظلوم قومن تي ظلم ڪندا رهيا، سي پاڻ اڄ قدرت جي عتاب جو شڪار بڻجي ويا. هي حادثو اسان سڀني لاءِ سوچڻ جو لمحو آهي ته دنيا جي اصل طاقت صرف ۽ صرف رب جي ذات ۾ آهي، پر اهڙا عذاب عقل وارن لاءِ سبق ڇڏي ويندا آهن.