بلاگ

سپر پاور صرف خدا جي ذات آهي!!

ننڍي هوندي هڪ نعرو هڻندا هئاسين ته: نه روس، اسرائيل ۽ آمريڪا- بس سپر پاور آهي خدا. اڄ ان نعري کي عملي جامي ۾ ڏسي خداوند ڪريم جي ذات تي پڪو ۽ پختو يقين ٿي ويو آهي. جڏهن لاس اينجلس، جيڪو آمريڪا جو دنيا جي مشهور ۽ پوش شهرن مان هڪ آهي، سو اڱاري 7 جنوري 2025ع کان لڳل باهه ۾ سڙي رک ٿي ويو. قدرت جي هن حادثي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ گهر سڙي ختم ٿي ويا آهن ۽ 32 هزار ايڪڙ زمين تي آباد ٿيل شهر تباھه ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن هجرت ڪري ويا آهن. هي علائقو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو ۽ پوش علائقو سمجهيو ويندو آهي، جتي هالي ووڊ جا ستارا ۽ دنيا جا ارب پتي ايندا رهندا آهن. دنيا جون سڀ قيمتي شيون، ڪارون ۽ برانڊز، جيڪي هتي موجود هئا، اهي سڀئي باهه جي لپيٽ ۾ اچي سڙي رک ٿي ويا آهن. هيءَ باهه انسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته سپر طاقت صرف رب جي ذات آهي. ڪيترن سالن کان ظلم ڪندڙ انسان جيڪي پاڻ کي ناقابل شڪست سمجهندا هئا، سي ڪجهه گهڙين ۾ قدرت جي هڪ وار سان تباهه ٿي ويا. دنيا جي مال، دولت ۽ عيش و عشرت واري زندگي ڪجهه به ناهي، جڏهن رب جي رضا خلاف هلجي. قدرت هن واقعي ذريعي اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ جو انجام عبرت هوندو آهي، جيڪي فلسطين ۽ ٻين مظلوم قومن تي ظلم ڪندا رهيا، سي پاڻ اڄ قدرت جي عتاب جو شڪار بڻجي ويا. هي حادثو اسان سڀني لاءِ سوچڻ جو لمحو آهي ته دنيا جي اصل طاقت صرف ۽ صرف رب جي ذات ۾ آهي، پر اهڙا عذاب عقل وارن لاءِ سبق ڇڏي ويندا آهن.

الله تعاليٰ کي پنھنجي مخلوق تمام گهڻي پياري آهي، پر جڏھن اھا نافرمانيءَ جون حدون اورانگهي وڃي، ظلم و بربريت جي انتها ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پاڻ کي سپر سمجهڻ لڳندي آهي ته تباھي ۽ بربادي ان جو مقدر بڻجي ويندي آهي. اهڙا ڪيئي واقعا قرآن مجيد ۾ اڳواٽ ئي موجود آهن، پر انسان انهن کان غافل ٿي زندگي گذاري ٿو ۽ سڀ ڪجهه پاڻ کي سمجهڻ لڳي ٿو. قرآن مجيد رڳو مسلمانن جو مقدس ڪتاب نه آهي، پر پوري انسانذات لاءِ هدايت جو ڪتاب آهي. گذريل ڏينهن اسرائيل آمريڪا جي اشاري تي مشرق وسطيٰ کي جھنم بنائڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ عرب رياستن کي پنهنجي نقشي ۾ شامل ڪيو ته جواب ۾ قدرت لاس اينجلس کي جھنم بڻائي ڇڏيو. ھنن کي اھا خبر ناھي ته عارضي ۽ فاني سپر طاقت جي مٿان هڪ اھڙي طاقتور ذات موجود آهي جيڪا پوري دنيا جي خاتمي بعد به قائم رهندي. قرآن مجيد ۾ ته ابتدا کان وٺي قيامت ۽ روز محشر تائين جا سمورا قصا ۽ واقعا موجود آهن جن جي نگراني ھڪ اھڙي ڪن فيڪون واري سپريم طاقت ڪري رهي آھي، جنھن جو ھو تصور به نٿا ڪري سگهن۔ الله رحمان ۽ رحيم به آهي ته وري سندس ذات واحد القھار به آهي سندس لٺ بي آواز آهي. پوري دنيا ۾ ظلم ۽ بربريت جو باني اسلام جو ڪٽر دشمن آمريڪا هر دور ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري ڪڏهن افغانستان مٿان بمباري ڪري بيگناهه ماڻهو ماريا آهن ته ڪڏهن عراق جي مقدس سر زمين تي صدر صدام هٿان قتل عام ڪرايو، ڪڏهن فلسطين جي مظلومن مٿان بم ۽ راڪيٽ وسايا ته ڪڏهن ڪشميرين جا قيس ڪيا، ڪڏهن لبنان مٿان بمباري ڪئي ته ڪڏهن ايران سان مهاڏو اٽڪايو. مطلب ته پوري دنيا ۾ قتل عام ڪندڙ فسادي آمريڪا رهيو آهي، پر خدا ڌرتيءَ تي مظلوم جو حامي آهي. معصوم ٻارڙن جون ڪيهون ۽ مظلوم ماڻهن جون پڪارون عرش هِلائي وجهنديون آهن. سو ھن وقت آمريڪا خدا جي پڪڙ ۾ اچي ويو آهي ۽ لاس اينجلس ۾ باهه لڳڻ سبب هزارين گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته فلسطين سان ظلم ۽ ستم ڪري سندن نسل ڪشي ڪرائڻ ۾ آمريڪا ڌجال جو وڏو ڪردار رھيو آهي، پاڻ کي زميني خدا سمجھڻ وارا يھودي ۽ نصارا آمريڪا ۽ اسرائيل هڪ ڏينهن تباهه ٿيڻا ئي آهن. خداوند ڪريم پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته: اسان انهن کي (قيامت واري) وڏي عذاب کان اڳ ننڍي عذاب جو مزو چکائينداسين ته جيئن مڙي وڃن.

بيشڪ توهانجي رب جي پڪڙ نهايت ئي سخت آهي. هو خالق آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ سپر طاقت آهي. الله جو شان ۽ عظمت ايڏي بلند ۽ بالا آهي جنهن سان ڪابه طاقت مقابلو نٿي ڪري سگهي. آمريڪا جي هن علائقي کي تباهه ڪرڻ لاءِ انسان کي ڪيترائي سال هزارين جهاز ۽ ميزائيل توڙي ائٽم جي ضرورت هئي، پر ڪُن جي مالڪ (الله) صرف ارادو ڪيو ۽ آمريڪا سيڪنڊن ۾ تباهه ٿي ويو.

شيطان بزرگ آمريڪا جي ٻيهر بڻيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھفتو کن اڳ مشرق وسطيٰ جي مسلمان ملڪن کي عمومن ۽ حماس کي خصوصن ڌمڪي ڏيندي چيو ھو ته جيڪڏھن اسرائيل جا گرفتار ٿيل قيدي آزاد نه ٿيا ته پوءِ مان مشرق وسطيٰ ۾ اھڙي باهه لڳائيندس جيڪا مشرق وسطيٰ کي جھنم بڻائي ڇڏيندي. اڃان انھيءَ ڌمڪيءَ تي عمل ئي نه ٿيو ۽ اڃان ٽرمپ صدارتي حلف ئي ناھي کنيو ته سندس ملڪ جي اهم شهر کي اچانڪ لڳندڙ باهه پاگل ٿي پئي آھي ۽ “لاس اينجلس” جو سڄو شهر ساڙي رک ڪري ڇڏيو آھي، انھيءَ بي قابو ۽ بي لغام باهه آمريڪا جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. ھڪ طرف آسمان کان مٿن شديد طوفان ۽ برف پئي وسي جنهن سبب 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي آهي ته ٻئي طرف زمين کان باھه پئي نڪري، ھن وقت سموري علائقي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي چڪي آھي. سندن ٽيڪنالاجي به ڪم نٿي اچي. مون کي قرآن مجيد جي هڪ آيت ياد پئي اچي ته “سال سائل بعذاب واقعه” يعني سائل عذاب جو سوال ڪيو ۽ الله ان مٿان عذاب نازل ڪيو. مطلب ته اھا مڇريل باهه دنيا جي سپر طاقت کي روئڻ جھڙو ڪري ڇڏيو آھي، اھا باھه صرف آمريڪا لاءِ نه پر سموري انسانيت لاءِ درس عبرت آھي. انھيءَ ڀڙڪيل باھه منجھه سبق رکيل آھي ته الله سائين جي مخلوق مٿان ظلم ڪري ۽ بم وسائي الله سائين جي ڪاوڙ کي چئلينج نه ڪريو ۽ الله سائين جي عذاب کي دعوت نه ڏيو، سڌري ھلو ورنه الله جو عذاب (پڪڙ) ۽ امتحان سخت آهي.