بلاگنئون

ايراني صدر جو دورو، اهميت جوڳو

ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو، پرڏيهي ترجمان موجب، ايراني صدر 2 کان 3 آگسٽ تائين وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو آهي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان ڇنڇر ڏينهن لاهور پهتو جتي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سندس استقبال ڪيو. ان بعد ايراني صدر شاعر مشرق علامه اقبال رح جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن کانپوءِ اسلام آباد پهتو جتي هن صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ايراني صدر سان گڏ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻيا وزير به شامل هئا. صدر مسعود پزشڪيان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هو، کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت وزيراعظم شهباز شريف ڏني هئي. ان کان اڳ شهباز شريف 26 مئي 2025ع تي ايران جو دورو ڪيو هو.

ايراني صدر جو هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جو پاڪستاني حڪومت پاران چهلم امام حسين عليه السلام لاءِ ويندڙ زائرين جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي، ايتري تائين جو بلوچستان حڪومت پنهنجي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ڪوبه زائر تفتان بارڊر ذريعي ايران نه وڃي سگهي. جڏهن ته رمدان بارڊر کي به زائرين لاءِ بند ڪيو ويو آهي. حڪومت جو خيال آهي ته اهو فيصلو دهشتگرديءَ جي روڪٿام لاءِ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ سيڪيورٽي ادارا ڇا پيا ڪن. ايراني صدر جو هي دورو ان لحاظ کان اهميت جوڳو رهيو جنهن ۾ ايراني صدر پاڪستاني حڪومت سان ضرور ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي. ڇو ته اسان جو پاڪستان جو ايران سان هڪ مذهبي تعلق به جڙيل آهي. ان سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويو.

ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته پزشڪيان جو هي دورو پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي وچ ۾ تازي سفارتي مصروفيتن جي پسمنظر ۾ ٿيو آهي.گذريل مهيني واشنگٽن ۾ پنهنجي ملاقات دوران، ڊار واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڳالهين کي آسان بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان جمعي ڏينهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي اسلام آباد جي رضامندي جي تصديق ڪئي، جيڪي ايراني ايٽمي پروگرام جي ڪري تازن تڪرارن ۾ وڌيا آهن. ان کان علاوه ڊگهي عرصي کان ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين تي اڳڀرائي تاحال رڪيل آھي. معاهدي جي پيچيدگي ۽ خدشن جي باوجود ته ايران ملڪ جي خلاف عالمي ٽياڪڙي جي پيروي ڪري سگهي ٿو. تهران پنهنجي اثر کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رٿا ذريعي وسيع اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ مقصدن کي ترجيح ڏيڻ جي چونڊ ڪئي آهي. هاڻي انھن ڪوششن اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي.

ذڪر جوڳي ڳالھه اها آھي ته گذريل سال ايران انڊس شيلڊ مشق ۾ حصو ورتو، هڪ وڏي ملٽي نيشنل هوائي مشق جيڪا پاڪستان ايئر فورس جي ميزباني هيٺ ٿي هئي تنهن ۾ اهم ڪاميابي پڻ حاصل ڪئي. هن وقت هندستان سان ايران جا تعلقات بلڪل خراب ٿيل آهن هاڻي ايران ۽ پاڪستان جو ساڳيو ئي دشمن آهي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي مضبوط دوستيءَ وارو رشتو قائم ڪرڻو پوندو. ايران ۽ پاڪستان لاءِ هڪ وڏو مسئلو دهشتگردي آهي. جنهنڪري ٻنهي ملڪن اندر هزارين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن. ايران ان دهشتگرديءَ جا پيرا آمريڪا ۽ اسرائيل طرف ٻڌائيندو رهيو آهي، پر پاڪستان آمريڪا جو قرضي هجڻ ڪري ڪڏهن بلوچ کي باغي قرار ڏئي ٿو، ڪڏهن پٺاڻن کي افغانستان کان دهشتگرديءَ جي سکيا وٺڻ جو طعنو ڏيندو رهي ٿو ته ڪڏهن وري ھندستان جي “را” جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڳولهيندو رهيو آهي. پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته دنيا اندر دهشتگردن جو سرپرست آمريڪا آهي پوءِ اهو مقامي ماڻهن کي پگهاردار رکي دهشتگردي ڪرائي ٿو يا ڊرون موڪلي حملا آور ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ سرڪاري سطح تي ان  مسئلي جي حل تي بار بار بحث ڪيو ويو آهي، پر ڪي مثبت نتيجا سامهون ناهن آيا. ويڙهاڪ گروپ ٻنهي ملڪن جي امن و امان کي خراب ڪرڻ لاءِ سدائين ڪوششون رهيا آهن. ان ڪري ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ وقت بوقت باهمي شڪ پيدا ٿيندا رھندا آهن، هر طرف ٻئي جي دشمن عنصرن کي پناهه ڏيڻ يا انهن جي حمايت ڪندڙ  طور  ڏٺو ويندو رهيو آهي. ان جي ابتڙ، دهشتگردي خلاف  سھڪار  پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل نقطو بڻجي چڪو آهي، ڇو ته ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت رکن ٿا.

تازو اسرائيل ايران جي خود مختياريءَ مٿان حملو ڪري سڄي دنيا کي ته خوفزده ڪيو، پر 12 ڏينهن جي هن جنگ ۾ ايران پنهنجي دوستن ۽ دشمنن کي سڃاڻي ورتو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان هميشه کان آمريڪا جو ساٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا وري اسرائيل جو ساٿي آهي، ان جي باوجود ايران اسرائيل جنگ ۾ پاڪستان ايران مٿان اسرائيل جي حملي جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪري حقيقي پاڙيسريءَ جو ڪردار اپنايو. ڇو ته اسرائيل بنا ڪنهن سبب جي ايران تي حملو ڪري ايران جي خود مختياريءَ مٿان حملو ڪيو. اهڙي وقت ۾ پاڪستان بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ايران سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو. آمريڪا جي سخت پاليسين باوجود پاڪستان هن وقت به ايران سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته اهو ڪنهن به ملڪ جي خود مختياريءَ کي چئلينج ڪرڻ واري ڪارروائي جي نه مذمت ڪندو ۽ نه وري ان ظلم جو حصو بڻجندو. پاڪستان ڪڏهن به ايران سان منافقاڻه دوستي نه رکي آهي، جيئن ڀارت ايران کي دوست جي روپ ۾ هڪ منافق طور دوکو ڏنو ۽ ايران اسرائيل جنگ دوران ڀارتي ايجنٽ اسرائيل لاءِ ڪم ڪندي پڪڙيا ويا جن کي ايران سزا ڏني.

هن وقت ايراني صدر پاڪستان جي حڪمرانن ۽ عوام جو شڪريو به ادا ڪرڻ آيو آهي جن سندس اخلاقي توڙي مالي مدد ڪئي. اهو هڪ پاڙيسريءَ جو حق به آهي ته فرض به آهي. ايران توڙي پاڪستان نه صرف خطي ۾، پر پوري دنيا ۾ سڀني ملڪن سان دوستاڻه تعلقات قائم ڪري انهن سان معاشي لاڳاپا ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، انهن ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسيءَ جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪن سان بهتر تعلقات جا خواهشمند آهن. خاص طور تي چين جو ڪردار ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت جو حامل رهيو آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ايران ۽ پاڪستان چين جو سي پيڪ پروجيڪٽ ۾ اهم پارٽنر آهن، جنهن جي ڪري ان ڳالهه تي هميشه نظر رکڻي ٿي پوي ته ٻنهي ملڪن جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڪنهن به قسم جا تعلقات خراب نه ٿيڻ گهرجن، جنهن جي نتيجي ۾ چين جي سي پيڪ پروگرام کي ڪو نقصان رسي. ايراني صدر جو هي دورو پاڪستان جي معاشي مسئلن مان نڪرڻ لاءِ سٺو ثابت ٿيندو ۽ جلد ٻئي ائٽمي ملڪ هڪ مضبوط معيشت بڻجي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪندا. ڇو ته تازوئي ٻئي ملڪ جنگي صورتحال مان نڪري آيا آهن، پر خطرو اڃان به برقرار آهي جنهن کي گڏيل طاقت سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.