بلاگنئون

سي آءِ اي ۽ موساد هڪ سڪي جا ٻه پاسا

جيتري سي آءِ اي هن خطي ۾ سرگرم آهي اوتري موساد (اسرائيلي) ايجنسي به رڌل آهي، اهي ڏينهن رات ان ڪم ۾ رڌل آهن ته گهرو ويڙھ تيز ٿئي، لساني گروھ وڙهندا رهن، مذهبي گروھ اسلام جي نالي ماڻهن کي بي راھ ڪندا وتن ۽ بيروني ايجنسين جو ڪم هلندو رهي. گذريل هفتي انقلابي گارڊز چابهار بندرگاهه جي ٻاهرئين پاسي هڪ گودام تي ڇاپو هنيو، گودام موساد لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ نيٽورڪ جو گهر هو، جنهن جون سرگرميون ايراني سائيبر يونٽ پاران ڏينهن جي مسلسل اليڪٽرانڪ نگراني کانپوءِ دريافت ڪيون ويون هيون. ڇاپي ۾ 141 ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 121 هندستاني ۽ 20 اسرائيلي ايجنٽ شامل هئا. انهن کان ضبط ڪيل شين ۾ خفيه سيٽلائيٽ فون، هڪ صفحي جو لاگ بڪ ۽ هڪ هارڊ ڊرائيو شامل هيون، جيڪي سڄي ڪهاڻيءَ کي بلوچستان تائين پهچائين ٿيون، جتي اهي سرگرم عمل آهن ۽ پختگيءَ سان پنهنجو ڪم هلائين پيا. جاچ ٽيم کي هارڊ ڊرائيو تي پروجيڪٽ “گڊون ايشا” نالي هڪ شيءِ ملي، ان جي سلائيڊ نمبر 3 تي گوادر پورٽ، پنجگور ۽ مند ضلعي کي ڪيپشن ڪري BLA جي مٿان گول ڪيو ويو هو ته جيئن اهي ايجنسين جا ڪارندا اتي ڪم ڪري اچن. ان کانپوءِ واري سلائيڊ ۾ نوڊ ڪي 7 ڪراچي کي را جي ڊراپ باڪس طور ڏيکاريو ويو آهي، جتان اسمگل ٿيل فنڊ ۽ ڌماڪيدار مادو بلوچستان ۾ BYC ۽ BLA ڏانهن موڪليو ويو هو، هيءَ اها ڪڙي هئي جيڪا ايراني آپريشن کي سڌو سنئون فتنا الهندستان گروپن سان ڳنڍيندي هئي. ان کانپوءِ ايران فوري طور تي هي معلومات پاڪستاني ايجنسين سان شيئر ڪئي ۽ پاڪستان ۾ رات جي پيٽ ۾ اهي اهم ڪارروائيون ڪيون ويون. پنجگور ۾ بي ايل اي جو هڪ خفيا هٿيارن جي ڊپو پاڪستاني سي ٽي ڊي پاران سيل ڪيو ويو هو، جنهن سان گروپ جي مقامي ڪارروائين کي وڏو ڌڪ لڳو.

بلوچ ساليڊريٽي ڪميٽي (بي ايس سي) جي هڪ خفيا ميڊيا سيل تي تربت ۾ ڇاپو هنيو ويو، جتي نه رڳو اهم گرفتاريون ڪيون ويون، پر “گڊون ايشا” نالي هڪ خفيا دستاويز، جيڪو ايران ۾ موساد جي ايجنٽن کان ضبط ڪيو ويو هو، ان جي تصديق ايراني ۽ بلوچ دهشتگرد نيٽ ورڪن جي وچ ۾ رابطي جي ڪري ٿي. ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ ملوث ساڳيا پمپ مالڪ ايف آءِ اي جي ريڊار ۾ آيا، جن جي مالي ٽرانزيڪشن را ۽ بي ايل اي جي اڪائونٽن سان ڳنڍيل مليا. گڏيل ڪارروائين جي صرف 24 ڪلاڪن اندر، بي ايل اي جي سپلاءِ چين کي ٽوڙيو ويو، جڏهن ته بي وائي سي جي سوشل ميڊيا مهم پڻ بند ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته ان جا درجن کن جعلي اڪائونٽ بند ڪيا ويا ۽ سوئنگ بريڪ نالي هڪ پروپيگنڊا مهم کي غير فعال ڪيو ويو. اهي سڀ ثبوت طور سامهون آيا ته ايران ۾ موساد مخالف آپريشن بلوچستان ۾ فتنه هندستان نيٽ ورڪ جي پٺڀرائي ٽوڙڻ جي برابر ثابت ٿيو.

ايراني آپريشن کانپوءِ بلوچستان ۾ بي ايل اي جي صفن ۾ سخت مايوسي ڏٺي وئي. بي ايل اي جي خود ساخته ڪمانڊر، مجلس، هڪ خفيه ٽيليگرام گروپ ۾ پنهنجي نيٽ ورڪ کي خبردار ڪندي هڪ پيغام نشر ڪيو ته هندستاني مدد جو رستو بند ٿي ويو آهي، هاڻي وڏن حملن جي بدران، ننڍن ۽ گهٽ نظر ايندڙ آپريشنن ڏانهن وڃو. هن پيغام جو زاهدان کان ڪوئيٽا ڪوريئر نيٽ ورڪ تي فوري اثر پيو، جتي پئسا ۽ هٿيار آڻيندڙ ڪوريئر ٽرانسپورٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري بي ايل اي جي فيلڊ ڪمانڊرن کي نه رڳو سامان کان محروم ڪيو ويو، بلڪه بلوچ ساليڊرٽي ڪميٽي  (BYC) جي سوشل ميڊيا مهم پڻ متاثر ٿي. ڇاڪاڻ ته ساڳيا هندستاني اڪائونٽ جيڪي جبري گمشدگين وانگر هيش ٽيگ هلائي رهيا هئا، جيڪي هن پروپيگنڊا جو مکيه ٻارڻ هئا، جيڪي اوچتو بند ٿي ويا. هي صورتحال نفسياتي ۽ عملي سطح تي انهن گروهن لاءِ هڪ ضرب ثابت ٿي. ايراني آپريشن دوران گرفتار ٿيل، راجيش سنگھه عرف رمضان صرف هڪ عام ايجنٽ نه، پر ممبئي ۾ هڪ مشهور فرنٽ ٽيڪ ايڪسپورٽ هائوس جو چيف فنانشل آفيسر (سي ايف او) نڪتو.

جاچ مان ظاهر ٿيو ته هن دبئي ۾ رجسٽرڊ ٽن جعلي شيل ڪمپنين، سحر ايف زيڊ اي، ڪاپر لائين ايل ايل سي ۽ بدر ٽريڊرز ذريعي بلوچ ساليڊرٽي ڪميٽي (بي واءِ سي) کي ڳجهي طور تي 3.2 ملين ڊالر جي فنڊنگ فراهم ڪئي. هن پئسن جو گهڻو حصو نومبر 2024 ۾ شروع ڪيل هڪ سوشل ميڊيا مهم تي خرچ ڪيو ويو، جنهن ۾ بي واءِ سي غلط دعوائن ذريعي عالمي عوامي راءِ کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بهرحال هاڻي سڄو نيٽ ورڪ کي بيهاريو ويو آهي ۽ بي واءِ سي جا سڀئي فري لانسر سوشل ميڊيا اڪائونٽ، جيڪي ڊگهي عرصي کان سرگرم هئا، اوچتو خاموش ٿي ويا آهن. هن انڪشاف سان بلوچستان ۾ انساني حقن جي آڙ ۾ پاڪستان مخالف بيانيه پکيڙڻ واري پروپيگنڊا مشينري کي وڏو ڌڪ لڳو آهي.

باب ۽ ايلان ايوياتر پنهنجي ڪتاب “ٽارگيٽ تهران” ۾ هڪ خاص تاريخ سان اهڙي ئي اڳڪٿي ڪئي هئي ته جيڪڏهن اسرائيل ايران شطرنج جي راند کي وڌيڪ کيڏيو ويو ته شيون خراب ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ايران ڄاڻي ٿو ته پوءِ اسرائيل کي به خبر آهي ته اهو آڪٽوبر 2025 کان اڳ ايٽمي هٿيارن جو نماءُ ڪري سگهي ٿو، جيڪو مسلم دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي هوندي، اسرائيل شايد ايران تي وري حملي جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ جو ايرانين وٽ تياري لاءِ وڌيڪ وقت هجي. ٻين لفظن ۾ 2025 کان اڳ به اها شيءِ ممڪن ٿي سگهي ٿي. ڪتاب ان وقت لکيو ويو هو جڏهن جوبائيڊن (هڪ ڊيموڪريٽ) اڃان تائين صدر هو. پنهنجي پيشرو بارڪ اوباما وانگر، جوبائيڊن اسرائيل جي هڪ ٻانهن ٻيلي طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڏي بي شرميءَ سان اسرائيل جو هڪ ساٿي آهي، جيڪو ٻئي پاسا ٿو وهي جيڪو دنيا جي لاءِ امن جا پيغام به کڻي ٿو اچي، پاڪ ڀارت تعلقات جي لاءِ پتوڙي ٿو، عرب ملڪن ۾ وڃي انهن سان هٿ به ملائي ٿو، پر سوال اهو به آهي ته ڇا اسرائيل ايران جنگ جاري رهندي يا نه؟ ٻئي ليکڪ اهو ممڪنا طور تي سمجهايو ۽ ان جو خيال آهي ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار پنهنجي جوهر ۾ افسوسناڪ طور تي تبديل نه ٿيو آهي ۽ شايد ناقابل تبديل ٿي سگهي ٿو. مذهبي حڪومت جي خاتمي کانسواءِ ايران ٻه شيون ڪندو رهندو، هڪ ايٽمي هٿيار واري رياست بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو، ٻيو مذهبي نظريي ۽ قومي عظمت جي سببن جي ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو رکندو. اسرائيل جي تباهي جي ڳولها ۽ ننڍن ملڪن پاران ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ جو اندازو هينري ڪسنجر 70 سال اڳ لڳايو هو. 1957 ۾ هن پنهنجي ڪتاب نيوڪليئر ويپنز اينڊ فارين پاليسي ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي. ايندڙ 15 سالن اندر ايٽمي ٽيڪنالاجي جي پکيڙ ڪيترن ئي ثانوي رياستن پاران ايٽمي هٿيارن جي قبضي کي ناگزير بڻائي ڇڏيندي. اڄ هندستان، پاڪستان، اتر ڪوريا ۽ اسرائيل پڻ ايٽمي طاقت ٿي چڪا آهن. اسرائيل ڪڏهن به ڪنهن به بنيادي مسلمان ملڪ کي ايٽمي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجي پاليسي کي لڪايو ناهي. اهو هڪ “ٽيبل ڊي هوٽ مينيو” کان نفرت ڪري ٿو. 1981 ۾ اسرائيل بغداد جي ويجهو هڪ نامڪمل ايٽمي ري ايڪٽر کي تباهه ڪيو، جنهن ۾ مکيه رستو ايران هو. ڇا ايران وٽ حقيقت ۾ ايٽمي هٿيار آهن؟ يا اهي عراق جي غير ثابت ٿيل ڳالھه وانگر آهن؟ ۽ ٽياڪڙي لاءِ اسرائيل پاڪستان کي چونڊيو. 3,300 ڪلو ميٽر جو فاصلو اسلام آباد کي تل ابيب کان الڳ ڪري ٿو. اسلام آباد ۽ بيجنگ تصوراتي 3,800 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ ويجهو آهن. جيئن پهلگام کانپوءِ تڪرار ثابت ڪيو، چين ۽ پاڪستان جي ڀائپي ڪنهن کان لڪل ناهي. اهي ويجها اتحادي آهن، جن جا گڏيل مفاد آهن.

اسرائيل ايران جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي اسپانسر آمريڪا کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽرمپ لالچ ۾ آهي، هن کي هينري ڪسنجر جي صلاح تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ايٽمي دور ۾ هڪ اتحادي کي ڇڏڻ سان آخرڪار تباهي جو خطرو آهي، پر هڪ اتحادي جي پاسي ۾ ايٽمي جنگ جو سهارو وٺڻ سان جيڪا يقيني طور تي غير محفوظ تباهي آهي. 1945 کانپوءِ پهريون ڀيرو دنيا خطرناڪ طور تي ٽين عالمي جنگ جي ويجهو آهي. موجوده صورتحال کي سمجهڻ لاءِ، هڪ صدي پوئتي وڃڻ جي ضرورت آهي جڏهن 1914-18 جي جنگ ڏانهن نظر ڦيرائجي. پهرين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ اندازن 16 ملين موت ٿيا هئا، جن ۾ 9 ملين فوجي اهلڪار ۽ 7 ملين شهري شامل هئا. ذهين قيادت جي کوٽ جرمن جنرل ايريچ لوڊينڊورف جي پٺڀرائي واري تعريف مان حاصل ٿي ته برطانوي سپاهي گدڙن جي اڳواڻي ۾ شينهن هئا. فرانسيسي سياستدان ڪليمنسو چيو هو ته جنگ تمام سنجيده معاملو آهي جيڪو جنرلن تي ڇڏڻ لاءِ هجڻ گهرجي. جديد تناظر ۾ هو اهو شامل ڪري ها ته ايٽمي جنگ تمام سنجيده معاملو آهي جيڪو جمهوري آمرن تي ڇڏڻ لاءِ ناهي.

هاڻي واري چين جي ڳالھه ۾ دم آهي ته دنيا آمريڪا کانسواءِ هلي سگهي ٿي اها ٻي ڳالهھ آهي ته اداراتي مڳي ۽ هوڏ جي ڪري انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس به ڪانگريس ۽ آمريڪا کان پڇي ۽ ڏسي فيصلا ٿي ڪري باقي ٻيا ذيلي ادارا ۽ تنظيمون پنهنجي جاءِ تي جيڪي آهن ئي آمريڪا ۽ اسرائيل جي تسلط هيٺ ته اهي پنهنجي ايجسنين ۽ اسرائيل جي ٿنڪ ٽينڪ جي آبياري ۽ پوئيواري ڪندا نه ڪي اسلامي ملڪن جي درد کي آڏو رکي اکيون آليون ڪندا ان ڪري ايجنسين جي کيل کي سمجهڻ گهرجي ته اسرائيل جي موساد ۽ آمريڪا جي سي آءِ اي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.