ھيءُ ڪتاب “جيون سرووَر” طارق قريشيءَ جو ڇھون ڪتاب آهي، ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن مئي 2023ع ۾ 208 صفحن تي ڇپايو آهي. ھن ڪتاب ۾ ڪُل نَو (9) ڪھاڻيون شامل آھن، جن مان ھڪ ڪھاڻي “مين فرام مئنڪنلينڊ” اوڻيھه سئو نوي واري دور جي آھي، باقي ڪھاڻيون ڪھاڻيڪار جي ذھن جون تازيون تخليقون آهن، جيڪي افسانوي دنيا جي پڙھندڙن لاءِ ھڪ خوبصورتي تحفي مثل آهن.
ھر ڪھاڻي ٻي ڪھاڻيءَ کان پنھنجي موضوع ۾ مختلف آهي، اھا ئي ڪھاڻيڪار جي ڪاميابي چئبي آهي، جو سندس ٻي ڪھاڻي پھرين ڪھاڻيءَ جو تسلسل نه لڳي… چوڻ جو مقصد ته اُھا ڪھاڻي پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ نئين دنيا کڻي اچي، ھر ڪھاڻيءَ جو ڪردار پنھنجي نفسيات مطابق ڪينواس تي حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ پنھنجي پرورش موجب پيش اچي ٿو، ڪردار جي ٻولي ان جي پنھنجي لڳي ٿي، جيئن ڪتاب ۾ ھڪ ديش ڀڳت، ھڪ مسلم ليگي، مذھبي ماڻھوءَ، چورَ، پنڊت، گروءَ ۽ ٻين ڪردارن جي ٻولي، لھجو ۽ لفظن جي چونڊ ھڪٻئي کان گھڻو پري آھي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ليکڪ ڪردارن کي ڪيتري جان بخشي آهي.
ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي “ڀري ٻيڙي- ٻڏل ٻيڙي” وطن سان بيھڻ ۽ نه بيھڻ، پنھنجي ديس جي تاريخ کان ڪنھن عقيدي تحت منھن موڙڻ ۽ انسان کي انسان نه سمجھڻ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، ڪھاڻيءَ جا مُک ڪردار ڏاڏو ۽ پوٽو آھن، ڏاڏي ۾ محمد بن قاسم جو واسو آهي ۽ پوٽي ۾ پيءُ جي علم، عقل ۽ ادراڪ جو نچوڙ آهي، جيڪو وطن ۽ انسان کي اتم سمجھي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ اکين تي پٽي ٻڌلن جا جيڪي عڪس چٽيا ويا آھن، سي اڄ به اوھان ۽ اسان جي آس پاس ماڻھن ۾ موجود آھن. ڪھاڻيڪار پنھنجي تخليقي فن جي ذريعي پڙھندڙ کي واضح ڏَسڻ چاھيو آھي ته: انسان اشرف المخلوقات آهي.
ڪھاڻي ويمينزم پنهنجي موضوع ۾ ھڪ انوکي ڪھاڻي آھي، ڪھاڻي پنھنجي موضوعَ ۽ پراسراريت جي ڪري پڙھندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلي ٿي ۽ ڪلائمڪس تائين ڪينواس تان ٿڙڻ نٿي ڏئي… ھيءَ ڪھاڻي ھڪ آقا ۽ اَٺن (8) غلامن جي آھي، آقا ٻن غلامن کي ھم جنسي پرستي ڪندي ڏسندو آهي ته کيس شدت سان غلامن جي جنسي ضرورت جو احساس ٿيندو آهي ۽ ھُو انھن لاءِ ھڪ عورت “ڪلارا” خريد ڪري ايندو آهي، جيڪا واري واري سان ساڻن جنسي ميلاپ ڪندي رھندي آھي، اڳتي ھلي وري آقا کي خيال ايندو آهي ته، اَٺ مرد ۽ ھڪ عورت، اھا عورت سان زيادتي آھي، ھُوءَ ڏينھن جي ڪم ڪار کانپوءِ رات جو به جاڳي ٿي، ٿڪجي پوندي ھوندي، ھڪ ٻي غلام عورت آڻيان جيڪا سندس ھٿ ونڊائي… پر اتفاق سان ان نئين ايندڙ ڪنواري ڇوڪريءَ جو قتل ٿي پوندو آھي… ڪھاڻي ان قاتل کي ڳولهي لھڻ تي مڪمل ٿئي ٿي… ڪلارا قتل ڪندي آھي، سندس اعتراف ھوندو آھي ته، ھن پنھنجي رياست جيڪا اٺن مردن تي مشتمل هئي سا ورھائڻ نه چاھي ھئي، تنھنڪري ھُن ان نئين عورت جو قتل ڪيو آهي. ڪھاڻي پنھنجي آرٽ ۽ ڪرافٽ ۾ ڪمال آھي، ھيءَ ڪھاڻي ھن وشال ڪائنات ۾ انساني عظمت ۽ جنسي گھرجن جي اڻ پورائي جو ھڪ جامع ڪيس آهي.
ڪھاڻين جا ڪردار پنھنجي زندگيءَ جي طويل، پراسرار ۽ ھوائن تي ھلڻ جھڙي سفر جي پڄاڻيءَ تي اھو کلي دل سان اقرار ڪندا آھن ته: زندگي ڪيئن گذري وئي آهي ۽ حقيقت ۾ ڪيئن گذارجي ھا!
ڪھاڻي يِن اين يان(Yin & Yang) ۾ ھڪ ڪردار زندگيءَ جي آخري ڏاڪي لھڻ وقت چئي ٿو: “گواھ رهجان ته، مان پنھنجي پارسائيءَ تي پشيمان ٿيس!” ھن ڪردار زندگيءَ جا مزا ماڻڻ کان ائين پرھيز ڪيو، جيئن ڪو شگر جو مريض مٺاڻ کان پڙھيز ڪندو رھي… پر حقيقت ۾ کيس اھو ڏک کائي رھيو ھو ته: زندگي عظيم تحفو ھئي، لطيف جذبن سان سرشار ھئي، پيار ۽ پاٻوھ مٿس مينھن جيان وسي رھيا ھئا، پر ھُو ھر موسم کي جنوري جھڙي موسم سمجھي پاڻ کي پاڻيءَ کان بچائيندو رھيو ۽ آخر ۾ تسليم ڪيائين ته: زندگي بي مقصد گذري وئي آهي! ھتي ڪھاڻي مان چونڊ پيش ڪجي ٿي، جنھن کي پڙھڻ کانپوءِ اوھان ڪھاڻي جي ڪينواس تان ائين گھمي ايندؤ، جيئن ڪنھن خواب ۾ ڪا اڻ ڏٺل وادي گھمي ايندا آھيو.
“اسدَ آخري ڀيرو اکيون ٻوٽيون ۽ مون ۾ جاڳيو. ھن چيو ته: وڏي گمراھي آھي، ٻئي کي گمراھ سمجھڻ! ھدايت يافته آهي اھو جيڪو ٻين جي بدران پنھنجي عاقبت جو فڪر رکي، احديث ئي حق آهي، مالڪ يوم الدين جي معنيٰ سمجھڻ وارو ڪنھن کي جھنمي قرار ڏئي ته ان کان وڏو ڪو مشرڪ ڪونھي.”
ڪھاڻي “ڦلھيار” جي ابتداءِ اتان کان ٿئي ٿي، جتي مک ڪردار مخالف جنس جي جسم جو سير ڪري واپس پنھنجي زندگيءَ ۾ اچي ٿو ته، کيس ڪنھن جي مري وڃڻ جو اطلاع ملي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي ازدواجي زندگيءَ جي معاملن جو ھڪ بنھه خطرناڪ، ڪربناڪ ۽ ذھني مريض ڪري ڇڏيندڙ منظر کڻي اچي ٿي… يعني راضپي کان سواءِ شادي زنا آهي. ڪھاڻيءَ ۾ انساني احساسن، جذبن ۽ خواھشن کي واضح سمجھڻ لاءِ ڪيئي اشارا ۽ منظر موجود آھن، ڪھاڻي پڙھندي ڪردارن جو ڏک پڙھندڙ جي دل کي ٻوڙي وجھي ٿو… ناپسنديده شخص سان جنسي عمل دوران پنھنجي تصور ۾ پسنديده شخص کي آڻڻ، ان جو خاڪو آڻي سنجوڳ سان سرشار ٿيڻ جو عمل اڌ عمر تائين ھلي تہ، انھن ڪردارن جي زندگي سراپا اذيت ھوندي… ڇا اسان جنھن انساني معاشري ۾ رھون پيا اتي اسان کي پنھنجو ساٿي چونڊڻ لاءِ ايتري آزادي آھي!؟ ھيءَ عورت جي استحصال جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھوءَ گونگي بڻجي عمر گذاري ڇڏيندي آهي، پر ٻاھر ھڪ لفظ به ناھي ڪڍندي.
ڪھاڻي “سيلف ميڊيڪيشن” ھڪ اھم موضوع تي آھي، پرائمري استادن پاران ٻارن تي جسماني تشدد بعد ٻارن جي ذھني ڪيفيت بدلجي ويندي آهي، اھي نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن، ان بيماريءَ ۾ کين پنھنجي مادري ٻوليءَ جا آسان لفظ به پڙھڻ ناھن ايندا، ائين دنيا ۾ لکين شاگرد تعليم کان پري ٿي ويندا آھن… ڪھاڻيءَ ۾ اھڙي ٽارچر مان گذريل ڪجھه شاگرد جوانيءَ ۾ ڪنھن ڏوھ سبب جيل ويندا آھن، پوءِ واپس اچي انھن استادن کي ڳولهي ڳولهي ماريندا آھن، جيڪي ٻارن تي جسماني تشدد ڪندا آھن، يا آسان طريقي سان تعليم ڏيڻ جو فن ناھن رکندا. ھتي ضرورت انھيءَ ڳالھه جي آهي ته پرائمري تعليم آسان کان آسان طريقي سان ڏني وڃي… ڪھاڻي پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ بيٺل سماج جو عڪس رکي ٿي.
ڪھاڻي “مين فرام مئنڪنلينڊ” ۾ ھڪ ملڪ ۾ ھڪ ڏينھن ملھايو ويندو آهي، ان ڏينهن تي ڪنھن سان زيادتي ڪرڻ، چوري ڪرڻ، ڦر ڪرڻ ۽ ڌاڙو ھڻڻ، ايستائين جو ڪنھن جي زال کي کڻڻ به شامل ھوندو آھي، اھو ان قوم جو ھڪ ثقافتي ڏينھن ھوندو آھي، پوءِ اھو ڏينھن ملھائڻ بند ڪيو ويندو آهي، ڪھاڻي جو مک ڪردار ھڪ پوڙھو آھي، جيڪو ڳالهه ٻڌائي ٿو… ان ديس ۾ ھڪ ماڻھو “مئنڪنلينڊ” مان مسافر ٿي ايندو آھي، جنھن تي انھن بي واجبين، زيادتين، جھيڙن ۽ چورين توڙي ڦرن جو ڪو اثر ناھي ٿيندو، اتي جا رھواسي پڇندا اٿس ته ائين ڇو آهي ته، چوندو آهي منھنجي ديس ۾ اھا ڪا نئين ڳالهه ناهي، ائين روز ٿيندو رھندو آھي… اھو مسافر ماڻھو دراصل سنڌ جو رھاڪو ھوندو آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ سنڌ جي حالتن کي ھڪ نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي “جيون سرووَر” عورت جي عظمت کي بيان ڪري ٿي، سچ اھو آھي ته ڪھاڻي پڙھي عورت جي احترام ۾ اٿي بيھڻ گھرجي… ان کان وڌيڪ مان ھن ڪھاڻيءَ تي ڪجھه به نه پيو لکي سگھان!
ان کان علاوه ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون “ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙن منجھان ڪو لھي” ۽ “ماءِ چيڪ ھيز ٽو اسٽرانگ ليگس” پڻ پنھنجي موضوع ۾ انفراديت رکن ٿيون.
ھيءُ ڪھاڻيون حساس انسانن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي پنھنجي آسپاس ڪنھن گونگيءَ کي ڏاج ۾ مليل ڏکن جھڙي زندگيءَ کي خاموشيءَ سان گھاري رھيا آھن… ھيءُ ڪھاڻيون ان سماج ۾ ھڪ آواز آھن، جتي سڀ ٻوڙا آھن… سچ ته طارق قريشي فرشتا صفت ڪردارن جو خالق آھي، سندس ھر ڪردار زندگيءَ جي معنيٰ ۽ مقصد جو پرچارڪ آھي، سندس ڪردار ٻڌائين ٿا ته، جيئن اسان آھيون ائين اسان کي ھجڻ نه گھرجي! اسان کي معاشري ۾ فطري گھرجن مطابق ھجڻ گھرجي… جيئن زندگيءَ کي ائين جي سگهجي جو ٻئي ڀيري زندگي خود اسان جي طلب ڪري!