ايڊيٽوريلنئون

ناسا 2030ع تائين چنڊ تي هڪ نيو ڪليئر ري ايڪٽر منصوبي کي تيزيءَ سان اڳيان وڌائيندو

بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا چنڊ جي سطح تي انساني رهائش جي لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ اڏو قائم ڪرڻ جا مضبوط ارادا رکي ٿو ۽ هي منصوبو ان جو هڪ حصو آهي. ناسا جي عارضي سربراهه چين ۽ روس جي اهڙن منصوبن جو حوالو ڏيندي چيو ته اهي ٻئي ملڪ ممڪنه طور تي چنڊ مٿان هڪ پابند زون جو اعلان ڪري سگهن ٿا.

آمريڪا، چين، روس، ڀارت، جاپان سميت ڪيترائي ملڪ چنڊ جي سطح کي دريافت ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. جن مان ڪيترائي اتي مستقل انساني ڪالونيون ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن. صدر ٽرمپ طرفان عارضي طور تي مقرر ناسا جي سربراهه ۽ آمريڪي ٽرانسپورٽ سيڪريٽري شان ڊفي ناسا کي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته چنڊ جي مستقبل جي معيشت مريخ تي توانائي جي پيداوار ۽ خلا ۾ قومي سلامتيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن اهم ٽيڪنالاجيءَ کي بروقت اڳيان وڌائڻ ضروري آهي.

نيو ڪليئر ري ايڪٽر هڪ اهڙو مشيني اوزار آهي جيڪو ائٽمي طاقت کي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ان کي انسان جي فائدي جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. آسان لفظن ۾ ائين چئجي ته هڪ اهڙي مشين، جنهن ۾ ائٽمي عمل کي منظم طريقي سان هلايو ويندو، جنهن سان گهڻي مقدار ۾ گرمي پيدا ٿيندي آهي، جيڪا پوءِ پاڻيءَ کي ٻاڦ ۾ تبديل ڪري ٿي، جنهن سان جنريٽر هلي سگهي ٿو ۽ بجلي پيدا ٿيندي آهي.

چنڊ تي آمريڪا جو 2030ع تائين هڪ ننڍو نيو ڪليئر ري ايڪٽر لڳائڻ جو منصوبو آهي. هن منصوبي جو مقصد چنڊ تي مستقبل ۾ انسانن جي رهائش ۽ تحقيق لاءِ مسلسل پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ آهي. ڇو ته چنڊ تي رات جو سج جي روشني ناهي هوندي، ان ڪري شمسي توانائي استعمال نٿي ڪري سگهجي. چنڊ تي 14 ڏينهن رات ۽ 14 ڏينهن ڏينهن هوندو آهي. ڏينهن جي وقت سولر پئنلز ڪم ڪري سگهن ٿا، پر رات جو اهو ممڪن نه آهي.

نيو ڪليئر ري ايڪٽر سان بجليءَ جي فراهمي 24 ڪلاڪ جاري رهندي ۽ چنڊ تي قائم ٿيل بيس ڪئمپ کي آسانيءَ سان بجلي فراهم ٿيندي رهندي. ناسا هن منصوبي ۾ آمريڪي توانائي کاتي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪري ان بيس ڪئمپ جي تحقيق کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ هي منصوبو جوڙيو پيو وڃي ته جيئن ان کي مستقل بنيادن تي توانائي جي دستيابي ٿي سگهي ۽ خلا باز وڌيڪ تجربا ڪري سگهن.

جنهن ۾ چنڊ جي مٽيءَ مان آڪسيجن پيدا ڪرڻ ۽ ٻيا ضروري عنصر ڪڍڻ جا تجربا شامل آهن. ناسا لاءِ چنڊ هاڻي هڪ اسٽاپنگ پوائنٽ جي حيثيت رکي ٿو، جتان هو مريخ ڏانهن وڌيڪ آسانيءَ سان سفر ڪري سگهندا. مستقبل ۾ اهي تجربا مريخ جي مشنن لاءِ اهم ثابت ٿيندا. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن وقت ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ آمريڪا سڄي دنيا جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ خلا ۾ آمريڪا جي طاقت جي هڪ هٽي قائم ٿي وڃي، جيڪا آمريڪا کي خلا جي ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرو ڪري وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي.

في الحال هن ٽيڪنالاجيءَ سان ڪنهن به ملڪ کي سڌو سنئون نقصان پهچائڻ جو ڪو مقصد ناهي، پر اڳتي هلي اها ٽيڪنالاجي جيئن وڌيڪ منصوبن ۾ ورهائجي ويندي ته ان سان يقينن آمريڪا کي وڌيڪ طاقت ملندي. هونئن ته انٽرنيشنل فلاحي قانون به موجود آهن جيڪي خلا ۾ هٿيارن جي استعمال ۽ ٻين نقصانڪار سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، پر جيئن ڌرتيءَ تي انسان قانون ٽوڙيا آهن مستقبل ۾ انسان چنڊ تي يا مريخ تي به انهن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو.

ان جي لاءِ اڃان وڌيڪ قانونسازيءَ جي ضرورت پوندي. هونئن ڏٺو وڃي ته انسان جيترو نقصان هن ڌرتيءَ کي پهچايو آهي هاڻي اهو ساڳيو انسان ٻين سيارن تي پهچي پنهنجا منصوبا جوڙي جيڪڏهن پرامن طريقي سان ڪم ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ طاقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويو ته انسان ذات کي فائدو پهچڻ جي بجاءِ نقصان رسي سگهي ٿو. بهرحال هن منصوبي جا مقصد تمام سادا ۽ پرامن آهن، جنهن جو مکيه مقصد وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ڪري پاور پلانٽ هلائڻ لاءِ ٻارڻ مهيا ڪرڻ آهي.

ان سان گڏوگڏ اهو مقصد به آهي ته اتي گهٽ ڪاربان خارج ٿئي، جنهن سان ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ هڪ اهڙو مستحڪم ۽ گهٽ جاءِ گهيرندڙ ذريعو استعمال ڪجي جيڪو چنڊ جي ماحول کي گهٽ کان گهٽ متاثر ڪري سگهي. اميد آهي ته اهو منصوبو انسان جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ ان مان انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ورتا ويندا.