بلاگنئون

ٽيسٽ چئمپين ڪير ٿيندو، آسٽريليا يا ڏکڻ آفريڪا؟

ڪرڪيٽ جي دنيا جي سڀ کان پراڻي ۽ باوقار فارميٽ، ٽيسٽ ڪرڪيٽ، جي نئين زندگي آءِ سي سي ٽيسٽ چئمپين شپ جي صورت ۾ آئي، جنهن جو ٽيون فائنل هن وقت لارڊز جي تاريخي ميدان تي ٿيڻ وارو آهي. آسٽريليا، جيڪو هن وقت جو دفاعي چئمپين آهي، ٻيهر فائنل ۾ پهتو آهي ۽ سندس مقابلو ڏکڻ آفريڪا سان ٿيندو، جيڪو پهريون ڀيرو فائنل تائين پهتو آهي.

تاريخ جي ورقن مان:

آءِ سي سي ٽيسٽ چئمپين شپ جو خيال ڪو نئون ناهي. 1996ع ۾ ڪلائيو لائيڊ جي تجويز کان وٺي 2017ع تائين ڪيترائي خيال پيش ٿيا، پر ان کي عملي صورت 2019ع کان ملي. مقصد هڪ ئي هو، ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي مقابلي جو رنگ ڏيڻ ۽ مداحن جي دلچسپي بحال ڪرڻ. پهريون فائنل نيوزيلينڊ کٽيو، جنهن ڀارت کي شڪست ڏني. ٻيو فائنل آسٽريليا ڀارت جي خلاف کٽي تاريخ رقم ڪئي. ڀارت ٻه دفعا فائنل ۾ پهچي به ناڪام رهيو ۽ هاڻ ٽئين فائنل ۾ سندس جاءِ ڏکڻ آفريڪا والاريندو.

ڏکڻ آفريڪا نئين اميد، نئون سفر:

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جي فائنل تائين رسائي سندن مضبوط ڪارڪردگي جو نتيجو آهي. 12 ميچن مان 8 فتحون ماڻي، سڀ کان وڌيڪ پوائنٽون حاصل ڪيون. ڪپتان ٽيمبا باوما جي قيادت هيٺ ٽيم منظم، پرعزم ۽ سهپ سان ڀريل نظر اچي رهي آهي. مارڪرم، اسٽبس، ڪوربن بوش ۽ مارڪو جانسن جهڙا نالا سندن طاقت جو محور آهن، جڏهن ته بالنگ ۾ ربادا، نگيڊي، مهراج ۽ پيٽرسن لارڊز تي اثر وجهي سگهن ٿا.

آسٽريليا پراڻو بادشاهه ٻيهر ميدان تي:

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ کي هميشه لاءِ مضبوط ڍانچي، تيز رفتار رانديگرن ۽ مستحڪم قيادت سان سڃاتو ويندو آهي. پيٽ ڪمنز جي ڪپتانيءَ ۾ هيءَ ٽيم ناقابل شڪست نظر اچي رهي آهي. بيٽنگ ۾ عثمان خواجه، اسٽيو سمٿ، مارنوس لابوشين ۽ سيم ڪونسٽن سان گڏ پاور فل مڊل آرڊر آهي ته بالنگ ۾ ڪمنز، اسٽارڪ، بولينڊ، هيزل ووڊ ۽ اسپن لاءِ نٿن لائن جي موجودگي سندن بالنگ لائن کي مڪمل بڻائي ٿي.

لارڊز جي پِچ بيٽسمين ۽ بالرن لاءِ آزمائش:

لارڊز، جيڪو ڪرڪيٽ جو “مَڪو” سڏيو وڃي ٿو، ان جي پچ هميشه متوازن رهي آهي. اڳڪٿي مطابق پهرين ٻن ڏينهن تي پچ تي تيزي ۽ باؤنس رهندو، جڏهن ته آخري ڏينهن تائين بيٽنگ جو موقعو به موجود هوندو. اهڙي متوازن پچ تي اصل مقابلو نفسياتي سگهه ۽ نظم و ضبط جو ٿيندو.

پاڪستان جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي:

بدقسمتيءَ سان پاڪستان ٽيم هن مقابلي مان مڪمل طور تي ٻاهر رهي. 14 مان رڳو 5 ميچون کٽيون ويون. غلط سليڪشن، غير ذميواراڻي رويي ۽ غير سنجيده منصوبابندي پاڪستان ٽيم کي آخري پوزيشن تائين کڻي آئي. اسپن پچز ٺاهڻ باوجود اسين ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش کان گهر ۾ هارائي وياسين، جيڪا وڏي بدقسمتي آهي.

فيصلي جي گهڙي ڪير ٿيندو فاتح:؟

ڏکڻ آفريڪا لاءِ ڪرڪيٽ جي تاريخ لکڻ جو هي پهريون موقعو آهي، جڏهن ته آسٽريليا لاءِ پنهنجي بادشاهي جي بچاءُ جو سوال آهي، ٻنهي ٽيمن وٽ طاقتور رانديگر، متوازن يونٽ ۽ مثبت فارم موجود آهن. فائنل فتح ان ٽيم جي حصي ۾ ايندي، جنهن جي همت ۽ حوصلي جو امتحان ڀرپور هوندو، اھو ئي ٿيندو ايندڙ ٽيسٽ چئمپين بادشاھ.