ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: قسط

قسط هڪ اهڙو لفظ جنهن سان ڪنهن وڏي شي ڳالهه يا ڪهاڻي جي حصي، ڀاڱي يا ٽڪري کي بيان ڪجي….!!

سب ايڊيٽر ٽيون ڀيرو اچي کيس ڪامڪ سيريز جي نئين قسط ڏيڻ جو چئي هلي وئي آهي…. هر ڀيري ان سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر کي ويندي ڏسي هن جي من ۾ عجيب ارمان اڀرندا رهيا آهن…. ايسي الجهي نظر  ان سي هٽتي نهين… هو سب ايڊيٽر کي ويندو ڏسي چپن ۾ جهونگاري ٿو… هن جي ڪامڪ سيريز جي گذريل قسط کي ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي…. ان قسط ۾ هن سرمائيداري جي حمايت ۽ پرچار ڪئي…. هن کي لڳندو آهي سرمائيداري ئي ترقي جي اصل راهه آهي…. ان گذريل هفتي واري قسط تي سڀني کان پهرين ته ان سب ايڊيٽر ئي اعتراض واري پنهنجي سوشلسٽ هجڻ جو ثبوت ڏنو…. ان قسط تي کيس سب ايڊيٽر جا اعتراض اجايا لڳا…. هو ڪجهه ڏينهن کان سب ايڊيٽر جي چيل جملي: جيڪڏهن مان اظهار جي آزادي جي قائل نه هجان ها ته ڪڏهن به تنهنجي ان قسط کي ڇپجڻ نه ڏيان ها…. کي نظر انداز ڪري رڳو هن جي جسماني بناوٽ ۽ سونهن بابت سوچيندو رهيو آهي…. هو اڪثر پاڻ کي اهو سمجهائيندو رهندو آهي ته سهڻين عورتن جي ڪنهن به ڳالهه سان اختلاف نه ڪرڻ گهرجي… ۽ هر وقت سهڻي عورت کي اهو احساس ڏيارجندو رهجي ته سهڻي عورت ڪڏهن به ڪنهن به معاملي ۾ غلط نه هوندي آهي…. سهڻي عورت جو چيل هر لفظ الهامي هوندو آهي…. جڏهن ڪا سهڻي عورت رات ڏي ته ان کي قبول ڪري ڇڏڻ گهرجي ان را کي منطق، دليل، فلسفي يا سائنسي سوچ جي پيماني ۾ تورڻ سهڻي عورت سان وڏي ۾ وڏي ناانصافي آهي… سهڻي عورت وٽ سڀ حق ۽ واسطا محفوظ هوندا آهن…. هن کي اهو به لڳندو آهي ته عورت عمر گذرڻ سان گڏ ويتر سهڻي ٿيندي ويندي آهي ۽ عمر گذرڻ سان گڏ مرد احساس محرومي جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي…. عمر گذرڻ سان گڏ مرد کي وڏي ۾ وڏي احساس محرومي جنس جي حوالي سان ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پنهنجي نامرداڻگي جي ڪري هو اخلاقي قدرن ۾ ڦاسڻ لڳندو آهي… روحانيت ۽ سياست جو قائل ٿي پوندو آهي… پنهنجي جنسي ڪمزوري جي ڪري عورت تي پابندي مڙهڻ جو قائل ٿي پوندو آهي…. مرد سدائين کان غير منطقي رهيو آهي…. ان وٽ مردانگي جي ڏينهن ۾ شين کي ڏسڻ جا ماپا ڪجهه ٻيا هوندا آهن…. جڏهن ته پنهنجي نامرادڻگي جي ڪري هن جا ماپا مٽجي ڪجهه ٻيا ٿي ويندا آهن…. پنهنجي نامرداڻگي کي لڪائڻ لا مرد دانشور، ڏاهو ۽ سماج سڌارڪ هجڻ جو ناٽڪ ڪندو آهي…. سانڊي جي تيل کان وٺي وئاگرا جي ايجاد تائين ان قسم جون سڀ شيون مرد جي ڪمزور هجڻ جو ثبوت آهن…. ان ڪري ئي مرد کان سهڻي عورت جي آزادي برداشت نه ٿيندي آهي…. نامرد ٿيڻ کانپو هو سهڻي عورت تي ڏاڍ ۽ جبر ڪرڻ لڳندو آهي…. هن کي لڳندو آهي جڏهن به ڪو مرد ڪنهن عورت تي هٿ کڻندو آهي ته پنهنجي لاچاري ۽ نامرداڻگي جو ثبوت ڏيندو آهي….گذريل هفتي کان هو وري وري ان سب ايڊيٽر بابت سوچيندو رهيو آهي…. هو هن جي ويجهو ٿيڻ گهري ٿو…. هو هن سان ڪجهه يادگار پل گذارڻ چاهي ٿو….. اها سب ايڊٽر هن کي نورا فاتحي جيان لڳندي آهي…. هو ڪامڪ سيريز جي هڪ قسط ۾ ان سب ايڊيٽر سان عشق جو ذڪر ڪرڻ گهري ٿو…. پر هي اها قسط ناهي….. هن جي اسڪيچ بُڪ جو پنو خالي آهي…. هو لڳاتار ان خالي پني کي ڏسندو رهيو آهي…. پر اڃان به هن جو ذهن ان اسڪيچ بُڪ جي پني جيان خالي آهي… هو ان سب ايڊيٽر کي خوش ڪرڻ لا زبردستي به ڪامڪ سيريز جي قسط پوري ڪرڻ چاهي ٿو…. هن کي چڱي نموني خبر آهي ته آرٽ جو عمل زبردستي نه ٿيندو آهي…. زبردستي رڳو جنسي ڏاڍائي ٿيندي آهي…. اها به مرد جي نامرد هجڻ جو ثبوت آهي…. هن هڪدم اسڪيچ بُڪ پاڻ ڏانهن سوري ورتو آهي ڄڻ کيس اوچتو ئي اوچتو ڪجهه ياد اچي ويو آهي….. هو ان تي پروفيسر لکي ان تي هڪ ڀريل جسم واري عورت جو ڪارٽون ٺاهڻ لڳو آهي… گول منهن….کاڏي ۾ کڏو…. ڳچي ۾ ڪاري ڏوري سان لڙڪندڙ عينڪ…. اها پروفيسر الڳ نموني سان سهڻي ۽ دلڪش آهي….. پر هو اداس آهي….. هو هڪ ٻئي پٺيان اسڪيچ ٺاهڻ لڳو آهي… انهن کي ڏسندي ڏسندي هڪ الڳ دنيا ۾ هليو ويو آهي….. هڪ ڪلاس جو ماحول…. جنهن ۾ ڪا پروفيسر ليڪچر ڏئي رهي آهي….

 ڪلاس اڄ اسان اسڪڊزوفرينيا جي حوالي سان هڪ اهم ڪيس اسٽيڊي ڪرڻ وارا آهيون. 22 سالن جو اجمل، جنس: مرد، پيشي جي حوالي سان آرٽسٽ. هي ڪيس اوهان غور سان ٻڌجو ٿي سگهي ٿو ان حوالي سان اوهان کي اسائنمينٽ ڏني وڃي.

سبجيڪٽ جي هسٽري مطابق جڏهن اجمل ما جي پيٽ ۾ هو، انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي هڪ مشهور آرٽ گيلري ۾ عالمي آرٽسٽن جي تصويرن جي نمائش لڳي هئي. انهن ۾ ڊاونسي جي مونا ليزا، لاسٽ سپر جهڙن فن پارن کي به نمائش لا رکيو ويو. ٿي سگهي ٿو اتان ئي اجمل کي آرٽ جو شوق پيدا ٿيو هجي. اهو چوڻ آهي سبجيڪٽ جي ما جو. سبجيڪٽ جي حوالي سان اسان کي وڌيڪ ڄاڻ ملي ٿي ته هن جي هٿن ۾ جادو هو. سبجيڪٽ آئل پينٽنگ ۽ اسڪيچنگ ڪندو هو. سبجيڪٽ جي ما موجب هن جي هٿن ۾ جادو هو. هو اکيون بند ڪري به ڪينواس تي برش جا اسٽروڪ هڻندو هو ته ڪينواس تي ڪانه ڪا خوبصورت تصوير ٺهي ويندي هئي. سبجيڪٽ جي حوالي سان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته هن جي اڪثر پينٽنگس ۾ اگهاڙيون عورتون هونديون هيون. جيڪڏهن ان کي اڃان به وڌيڪ کولي سمجهائجي ته سبجيڪٽ جي پينٽنگس ۾ اڪثر پڪي عمر جون عورتون هونديون هيون ۽ هن جي ڪيل ڇهن پينٽنگس ۾ هڪڙي ئي عورت جي صورت ملي ٿي. جنهن مان ان ڳالهه جو اندازو هڻي سگهجي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو هي سبجيڪٽ اوڊيپس ڪامپلڪس ۾ ورتل هو. اسان اڳواٽ ئي هن ڪامپلڪس بابت فرائيڊ جي ٿيوري پڙهي چڪا آهيون. هتي حوالي طور رڳو هڪ سٽ ورجائجي ٿي: هن ڪامپلڪس ۾ ڇوڪرو جيئن جيئن جوان ٿيڻ لڳندو آهي پنهنجي ما ڏانهن ڇڪجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ پيءُ کان ساڙ ڪرڻ لڳندو آهي. هتي اسان ان ڪامپلڪس تي وڌيڪ نٿا ڳالهايون. اسان کي سبجيڪٽ جي ان ذهني حالت تي غور ڪرڻو آهي جنهن جي ڪري سبجيڪٽ پنهنجي تخليق ڪيل آرٽ کان ڀڄڻ لڳو.

پيارا شاگردو! ڪنهن به سبجيڪٽ جو نفسياتي تجزيو ڪرڻ مهل سبجيڪٽ جي فيملي هسٽري ڄاڻڻ تمام ضروري هوندو آهي ۽ جڏهن اسين هن سبجيڪٽ جي فيملي هسٽري جي جاچ ڪريون ٿا ته سبجيڪٽ جي رڳو ما جي ڄاڻ ملي ٿي. هن جي باقي گهر ڀاتين بابت ڪوبه اتو پتو نٿو ملي ايتري تائين جو اها به خبر نٿي پئي ته سبجيڪٽ جو پيءُ ڪير هو. سبجيڪٽ جي خاندان ۾ ما کانسوا رڳو هن جي مامي اسلم جو ذڪر ملي ٿو. سبجيڪٽ جي ما ورڪنگ وومين آهي. هو ما سان گڏ هڪ سٺي علائقي ۾ فليٽ ۾ رهي ٿو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ پهرين تصوير ٺاهي ٿو، جيڪا هن جي ڪلاس ٽيچر جي تصوير آهي. ان ٽيچر جون اکيون جنسي تسڪين جي ڪري بند آهن ۽ هن جي ڀريل ڇاتين تي ٻه هٿ آهن جيڪي ان ٽيچر جا نٿا لڳن، ان پينٽنگ کي ڏسندي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي هٿ سبجيڪٽ جا پنهنجا ٿي سگهن ٿا.

ها ته شاگردو! اسان کي آرٽ جو وڏي ۾ وڏو حصو جنسي حوالي سان ئي ملي ٿو. پر اوهان کي ياد رکڻ گهرجي ته هر جنسي مسئلي پٺيان ڪونه ڪو ڪامپلڪس يا سنڊروم ضرور هوندو آهي. ڪامپلڪس ۽ سنڊروم ۾ فرق جي حوالي سان به اسان ليڪچر ڪري چڪا آهيون. جيئن ته سبجيڪٽ جي ما ورڪنگ وومين آهي ۽ ڏينهن جو وڏو حصو سبجيڪٽ کان پري رهي ٿي ان جي نتيجي ۾ سبجيڪٽ پاڻ کي هر پابندي کان آزاد سمجهي 15 سالن جي ڄمار ۾ نشي جو استعمال ڪرڻ لڳي ٿو. هو پنهنجي بلڊنگ جي هڪ سيڪيورٽي گارڊ سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، جيڪو هن کي چرس سان گڏ ٻيون نشي واريون شيون پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ سبجيڪٽ ڪراچي جي هڪ مشهور نجي آرٽس ڪاليج ۾ داخلا وٺي ٿو. هاڻي هن منهن تي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکڻ شروع ڪري ڏني آهي ۽ مٿي جا وار وڏا رکڻ شروع ڪئي اٿس. ڪلاسن جي دوران سبجيڪٽ ميڊم نيلوفر نالي هڪ ليڪچرار جي عشق ۾ ڦاسي ٿو. ميڊم نيلوفر شادي شده عورت آهي، جيڪا ان وقت پنجٽيهه يا ڇٽيهه سالن جي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٻيو ٻار ڄڻيو هئائين. ميڊم نيلوفر ڏانهن سبجيڪٽ جي جنسي طور ڇڪجڻ جو سبب هن جو وڌيل پيٽ هو، جنهن جي ڪري هن جون ڇاتيون اندر ٿينديون ٿي ويون. سبجيڪٽ ميڊم نيلوفر کي فينٽسائز ڪرڻ لڳو ۽ هن جا ڪيترائي اسڪيچ ٺاهيا. ميڊم نيلوفر سبجيڪٽ جي پاڻ ڏانهن جنسي طور ڇڪجڻ کي ماپي ورتو ۽ هن سان دوستي ڪيائين. هو سبجيڪٽ سان گڏ هن جي فليٽ تي آئي ۽ سبجيڪٽ سان جنسي طور انوالئو ٿي وئي. ڪجهه وقت ۾ سبجيڪٽ کي هن مان اها جنسي تسڪين نه ملي، هو نيلوفر جي پاسي ۾ هوندي ڪنهن ٻي عورت جي باري ۾ سوچڻ لڳو ۽ ڇهن مهينن ۾ اهي هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا.

سبجيڪٽ وڌيڪ نشو ڪرڻ لڳو ۽ وڌ کان وڌ وقت پنهنجي آرٽ کي ڏيڻ لڳو. ان وچ ۾ سبجيڪٽ ڪيتريون ئي پينٽنگس ۽ اسڪيچ ٺاهيا. ميڊم نيلوفر جي مدد سان ڪاليج جي گيلري ۾ هن جي تصويرن جي سولو نمائش رکرائي وئي. هو هڪ شام فليٽ تي اڪيلو هو ۽ نمائش لا تصويرن جي چونڊ ڪري رهيو هو، جو هن هڪ آواز ٻڌو:

تون ڪوڙو آهين…. اصل آرٽسٽ مان آهيان…. هي سڀ تصويرون منهنجون ٺهيل آهن.

اهو آواز ٻڌي هو ڇرڪجي ويو ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. فليٽ تي هن کانسوا ٻيو ڪير به نه هو. سبجيڪٽ ان آواز کي نظرانداز ڪري چرس سان ڀريل سگريٽ دکايو ۽ وري تصويرن کي ڏسڻ لڳو.

هي منهنجي ڪلا آهي، توکي ته برش پڪڙڻ به نٿو اچي…. سبجيڪٽ جي ڪنن تي وري آواز پيو: تون چور آهين…. هي سڀ تصويرون منهنجيون ٺهيل آهن… هن ڀيري جڏهن سبجيڪٽ وري ساڳيو آواز ٻڌو ته رنگ ۾ ٻڏل برش کڻي ڪاوڙ ۾ هوا ۾ لوڏڻ لڳو….

هاهاها… هر چور جي پڄاڻي اها ئي ٿيندي آهي، تون ڪڏهن آرٽسٽ هئين ئي ڪونه….

سبجيڪٽ تڪڙا تڪڙا چرس جا سوٽا هڻڻ لڳو… هن جيئن چرس جو آخري سوٽو هنيو هن جي سامهون هن جهڙو ئي هڪ ڇوڪرو اچي بيٺو.

ڪوڙا اجمل… مان ئي اصلي ڪلاڪار آهيان…

تون ڪير آهين؟

اهو ئي مسئلو آهي تون به مونکي نٿو سڃاڻي مان ئي حقيقي آرٽسٽ آهيان تون ٻهروپيو آهين… تون پنهنجي جنسي تسڪين لا منهنجي ڪلا جو استعمال ڪندو آهين… تو مونسان هڪ سودو ڪيو هو… پر هاڻي تون پنهنجي ڪوڙي ڪلا جي نشي ۾ انڌو ٿي سڀ واعدا وساري ويٺو آهين.

نه اهو ڪوڙ آهي…. سبجيڪٽ رڙ ڪندي چيس. ايتري ۾ در کليو ۽ سبجيڪٽ جي ما فليٽ ۾ اندر آئي، فليٽ جا حال ڏسي هو وائڙي ٿي وئي ۽ سبجيڪٽ کان پڇيائين:

ڪنهن تي پئي رڙيون ڪيئي…!

او هي حرامي چئي ٿو مان ڪوڙو آهيان، اصلي آرٽسٽ هو ئي آهي. سبجيڪٽ ڀت ڏانهن اشارو ڪندي ما کي چيو. هن جي ما حيراني مان ان طرف ڏٺو ۽ پڇيائينس:

ڪير!

او هي حرامي جيڪو ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي….

پر هتي ته ڪير به ناهي؟

تون چري ٿي وئين آهين ڇا؟ هو ڏس حرامي مون تي اڃان به ٺٺولي پيو ڪري.

اجمل مون توکي منع ڪيو آهي ته چرس نه ڇڪ…

ان ۾ چرس جو ڪو ڏوهه ناهي….

بس اجمل بس…. هن جي ما پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي.

سبجيڪٽ ويتر پريشان رهڻ لڳو ۽ هاڻي ڏينهن رات هن کي پاڻ جهڙو ڇوڪرو نظر اچڻ لڳو. جيڪو هن تي ٺٺولي ڪندو هو. سبجيڪٽ پوري طرح پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو. هو هلندي ڦرندي گاريون ڏيڻ لڳو…. ويٺي ويٺي رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ هر ڪنهن کي چوندو وتي:

هن حرامي مان منهنجي جان ڇڏايو، اهو ڪوڙو آهي مان ئي حقيقي آرٽسٽ آهيان…..

هر ڪلاس ۾ ڪي اهڙا شاگرد هوندا آهن جيڪي پاڻ کي شرلاڪ هومز سمجهندا آهن ۽ ميڊم زيب جي هن ڪلاس ۾ مان ئي اهو شرلاڪ هومز هئس. اجمل بابت ٻڌندي منهنجو تجسس وڌي ويو ۽ ميڊم کي چيم مونکي ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي، پر ميڊم زيب مونکي ان حوالي سان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. ويتر منهنجو تجسس وڌي ويو.

ڪا ته ڳالهه ضرور هئي ان ڪيس ۾ جو ميڊم زيب مون کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو! مون سوچيو. مان نظرون بچائي ميڊم جي آفيس ويس، ميڊم ليڪچر وارو فائل آفيس ۾ ڇڏي، واش روم ۾ ويل هئي. مون فائل کولي، موبائيل سان ان پني جو فوٽو ڪڍيو جنهن تي سبجيڪٽ جو پتو لکيل هو ۽ ٻلي پير ڪندو ميڊم جي آفيس کان ٻاهر نڪري ويس.

اهو شام جو وقت هو مان فائل ۾ ڄاڻايل پتي تي پهتس، اها اسڪائي اسڪرپر عمارت هئي… نيري وردي وارو چوڪيدار داخلي دروازي ٻاهران ڪرسي تي ويٺل هو…. هن ريڊيو تان هندستاني گانا ٿي ٻڌا…. هن جي هاٺي ڪاٺي ۽ وار ڏسي مونکي لڳو مون کيس اڳ به ڪٿي ڏٺو آهي…. پر ڪٿي اهو ياد نه آيو…. ڪجهه دير کيس چتائي ڏسڻ کانپو پاڻمرادو رڙ نڪري وئي اڙي هي ته اهو ئي آهي جيڪو اجمل کي نشو پتو ڏيندو آهي….. مان هن وٽ آيس ۽ نرم لهجي ۾ چيومانس: مون کي اجمل سان ملڻو آهي…..

ڪير اجمل…!! هن وائڙن جيان مونکي ڏسندي پڇيو…. مون کي حيراني سان گڏ ٿوري پريشاني به ٿي…. هڪدم کيسي مان موبائيل ڪڍي هن کي پتو ڏيکاريم. هن پتي جي تصديق ته ڪئي، پر ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو ته اتي ڪڏهن اجمل نالي ڪو ماڻهو رهيو آهي… مان هن تي زور ڀريندو رهيس…. هو ويتر بيزار ٿيڻ لڳو….. بيزاري ۾ پنهنجي ڪوٺڙي ۾ ويو ۽ انٽرڪام جو رسيور کڻي ڪو نمبر ملايائين…. مون کيس ڳالهائيندي ٻڌو: سر ڪو نوجوان آيو آهي هن وٽ اوهان جي فليٽ جو پتو آهي…. پر ڪنهن اجمل جو پڇي رهيو آهي…. جي سر…. ٺيڪ آهي سر…. هن رسيور رکي مون کي شڪي نظرن سان ڏسندي چيو انتظار ڪر…. منهنجي منهن تي مرڪ اچي وئي…. ڪجهه دير ۾ هڪ ٿلهو متارو اڌ گنجو ڳاڙهو ڳٽول همراهه لفٽ مان نڪري اسان ڏانهن وڌڻ لڳو…. اسان وٽ پهچي مونکي چتائي ڏسندي چيائين: جي….!!

هيلو سر مان زيوئير ڪاليج جو شاگرد آهيان ۽ هڪ خاص ڪيس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لا هتي آيو آهيان…. مون مرڪندي نرم لهجي ۾ چيو….

ڪهڙو ڪيس….!! هن مون کي اکيون ڏيکاريندي چيو.

سر سبجيڪٽ جو نالو اجمل آهي…. مون هن ڀيري هٻڪندي چيو.

ڪٿي تون زيب جو شاگرد ته نه آهين…..!! هن مون کي ويتر شڪي نظرن سان ڏسندي پڇيو..

جي سر  جي بلڪل…. مون هڪدم کيس جواب ڏنو…. اهو ٻڌي هن آهه ڀري ۽ نفي ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳو….

ڏس ميان توکي اجمل جي ڪهاڻي ۾ ڪجهه به ڪونه ملندو اها سدائين ائين ختم ٿيندي جيئن زيب ان کي ختم ڪرڻ چاهيندي…. ان همراهه هوريان مونکي سمجهائيندي چيو…. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو…. اجمل زيب جي هڪ خيالي ڪردار کانسوا ٻيو ڪجهه به نه آهي…. هن چيو…. مون کي ان همراهه جي ڳالهه تي ويساهه ڪونه آيو…. نيٺ هن مونکي پاڻ سان هلڻ جو چيو…. مان حيراني ۽ پريشاني ۾ هن سان هلڻ لڳس… اسان لفٽ ۾ اچي بيٺاسين. هن پنجين فلور جو بٽڻ دٻايو…. لفٽ جا در بند ٿي ويا ۽ مٿي وڃڻ لڳي…. لفٽ پنجين فلور تي بيٺي اسان ان مان ٻاهر آياسين…. مان ماٺ ڪري لابي ۾ هن جي پٺيان هلندو رهيس…. هو ناسي در وٽ بيهي رهيو ۽ چاٻي ڦيري در کوليائين… مان هن جي پٺيان فليٽ ۾ آيس… هو مون کي هڪ ڪمري ۾ وٺي آيو… ڪمري جو منظر ڏسي منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي…. منهنجي ڪنن تي هڪ عورتاڻو آواز پيو…. منهنجا ٻچڙا منهنجي ڳالهه ٻڌ…. تون مونکي سدائين پيارو رهيو آهين….. تون هن دنيا جو بهترين آرٽسٽ آهين…. انهن اجاين چڪرن ۾ نه پئو….. منهنجون وايون بتال ٿيڻ لڳيون…. اهو ميڊم زيب جو آواز هو…. هو بيڊ جي ڪنڊ تي ويٺل هئي ۽ وهاڻي کي زور ڏئي چئي رهي هئي: اجمل منهنجا ٻچڙا تون مون کي پيارو آهين…..

زيب جي ڪڏهن شادي ئي ڪونه ٿي آهي…. کيس 19 سالن جي عمر اسڪڊزوفرينيا ڊائگنوز ٿي هئي…. اسلم جو اهو جملو ٻڌي هو اکيون پوري فليٽ مان ٻاهر ڀڄڻ لڳو….

هو ڀريل ڪلاس ۾ اٿيو هو ۽ رڙ ڪندي چيو هئائين: ميڊم زيب اوهان فڪر نه ڪريو…. سڄي ڪلاس حيراني مان مڙي هن کي ڏٺو هو ايتري تائين جو پروفيسر اسلم به حيران ٿي ويو هو…. ڪاليج ۾ ميڊم زيب نالي ڪا پروفيسر هئي ئي ڪونه…..هن کي ڀوانٽي آئي هئي ۽ هيٺ اچي ڪريو هو…. هو ڪامڪ سيريز جي هن قسط کي وري وري ڏسڻ لڳو آهي…. هن ڪامڪ سيريز جي قسط کي خوشي مان ڏٺو آهي ۽ هڪدم اٿيو آهي…. کيس عجيب قسم جو بار محسوس ٿيو آهي…. هن سوچيو آهي ڪامڪ سيريز جي هي قسط ڦاڙي ڇڏي.. هرڪو هن کي ئي اسڪڊزوفرينيا جو مريض سمجهندو….. ايتري ۾ وري سب ايڊيٽر هن وٽ آئي آهي ۽ ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چيو اٿائينس: قسط….!! هو سهڻي سب ايڊيٽر کي منع نه ڪري سگهيو آهي….. هن هٿ ۾ جهليل اسڪيچ بڪ جا پنا سب ايڊيٽر کي ڏنا آهن…. ۽ کيس ويندي ڏسي رهيو آهي…..

***