پاڪستان جي پاڻيءَ جي مسئلن ۽ ٻوڏن جي شدت وري هڪ ڀيرو ڪالا باغ ڊيم جهڙن تڪراري منصوبن کي بحث جو مرڪز بنائي ڇڏيو آهي. 2025 وارين ھاڻوڪين ٻوڏن جي دوران جڏهن ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڏي انداز ۾ تباهي آيل آهي، ڪجهه سياستدان ۽ نالي ماتر ٽيڪنيڪل ماهر هن “مئل گهوڙي” کي ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر حقيقت ۾ ڳالهه اها آهي ته ڪالا باغ ڊيم سميت سنڌوءَ تي ڪنهن به نئين بند جي تعمير يا رڪاوٽ نه صرف وفاقي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي، پر ماحولياتي، معاشي ۽ سماجي سطح تي ناقابل تلافي نقصان جو سبب بڻجندي. انھيءَ سلسلي ۾ پاڪستان جي ٽن ننڍن صوبن جي مخالفت، پنجاب ۽ وفاق جي تاريخي ناڪامين، ماحولياتي تباهي ۽ سياسي عدم اعتماد جي پسمنظر ۾ اسان جو موقف واضح آهي. اهڙن منصوبن جي بدران متبادل طريقا، جديد اڳڪٿي جا نظام ۽ صوبائي اتفاق راءِ تي ٻڌل متبادل حل ڳوليا وڃن.
ڪالا باغ ڊيم جي رٿ هميشه پاڪستان جي وفاقي جوڙجڪ کي چيلينج ڪيوآهي ۽ 2025ع ۾ هي تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين هن منصوبي جي مخالفت ۾ ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن، جيڪي ان جي اتفاق راءِ جي کوٽ جو واضح ثبوت آهن. هي مخالفت صرف سياسي نه آهي، پر عملي ۽ جائز خدشن تي ٻڌل آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت به هن تجويز جي مخالف آهي ۽ ننڍن صوبن سان ھر طرح سان سھمت آهي.
سنڌ، جنهن جي معيشت 100 سيڪڙو سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڀاڙي ٿي، ڊيم جي اڏاوت کي پنهنجي زراعت، ڊيلٽا ۽ معاشي ۽ معاشرتي بقا لاءِ خطرو سمجهي ٿي. سنڌ جو عوام ئي نه، پر ملڪ جي دانشورن، سياستدانن ۽ پاڻيءَ جي ماهرن جو وڏو حصو به اهڙين رٿائن جي سخت خلاف آهي. هن پسمنظر ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، حڪومت جو اتحادي هجڻ جي باوجود، هن تجويز کي بجا طور تي “سنڌ کي بنجر ۽ ناڪاره بڻائڻ جي سازش قرار ڏنو آهي ۽ پ پ جي هڪ ٻئي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. ڊيلٽا ۾ اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب ساحلي علائقن ۾ لوڻياٺي پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ۽ اضافي ڊيم ان کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندو.
خيبر پختونخواهه ۾ مخالفت اڃان به وڌيڪ شديد آهي. ڊيم جي اڏاوت سان نوشهرہ، پشاور، مردان ۽ صوابي جهڙا علائقا ٻوڏ جي خطري ۾ اچي ويندا ۽ اھا رٿا ھڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. خيبر پختونخواهه جي اسيمبليءَ ان کي بار بار رد ڪيو آهي ۽ حتيٰ ته تحريڪ انصاف جهڙي پارٽيءَ ۾ به ورهاڱو نظر اچي ٿو. چيف منسٽر علي امين گنڊاپور جي ذاتي حمايت جي باوجود پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت ۽ اي اين پي جهڙيون جماعتون ان جي خلاف آهن. اي اين پي جو چوڻ آهي ته هي منصوبو صوبائي مفادن تي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي بدران علاقائي تڪرارن کي ھشي ڏيندو.
بلوچستان جي مخالفت پاڻيءَ جي ورهاست ۾ بي انصافي ۽ ماحولياتي اثرات تي ٻڌل آهي، جيڪي هن صوبي جي گهٽ پاڻيءَ واري زراعت کي وڌيڪ تباهه ڪري سگهن ٿا. هي ٽيئي صوبا هڪ سڏ چئي رهيا آهن ته ڪالا باغ ڊيم پنجاب لاءِ بظاھر فائديمند آهي، پر حقيقت ۾ پنجاب سميت سمورن صوبن لاءِ نقصانڪار آهي. پاڪستان جو آئيني روح صوبائي اتفاق راءِ جو گهرجائو آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي وفاق کي نقصان پهچائيندي.
پنجاب ۽ وفاق جي پاڻيءَ جي ورهاست جو رڪارڊ عدم اعتماد جو بنياد آهي. انڊس واٽر ٽريٽيءَ کانپوءِ اوڀر وارن دريائن جو معاملو ۽ تربيلا، منگلا جهڙن ڊيمن جي ورهاست ۾ توازن جي کوٽ سبب صوبن وچ ۾ اعتماد جي کوٽ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. مخالفن جو چوڻ آهي ته ڪالا باغ ڊيم سان پنجاب کي 2.4 ملين ايڪڙ اضافي آبپاشي جو فائدو ملندو، خاص طور تي چولستان ۾ حڪمران اشرافيه جي زمينن کي، جڏهن ته ٻيا صوبا سوڪھڙي کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا. پ پ جهڙيون پارٽيون ان کي “پنجاب جي ھڪ ھٽي” قرار ڏين ٿيون ۽ تازن بحثن ۾ واضح آهي ته هي منصوبو سياسي راند ۽ بدعنوانيءَ جو شڪار رهيو آهي.
2025ع جي ٻوڏن دوران، خيبر پختونخواهه جي چيف منسٽر جي حمايت کي پي ٽي آءِ ذاتي راءِ قرار ڏئي ان بيانيي کان پاڻ کي ڌار ڪري بيهاريو آهي، جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هي تجويز ناڪامي ۽ نااهليءَ کي لڪائڻ جو حربو آهي. تاريخي طور تي، اهڙا منصوبا اشرافيه جي سازشن جو ثبوت رهيا آهن، جيڪي علاقائي تعصب کي وڌائين ٿا.
سنڌوءَ تي نيون رڪاوٽون ماحولياتي تباهيءَ جو سبب بڻجنديون. ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت سان 9,000 هيڪٽر زمين، جنهن ۾ ٻيلا ۽ ڳوٺ شامل آهن، ٻڏي ويندا، جيڪا بدلجندڙ ماحوليات واري صورتحال کي اڃان وڌيڪ خطرناڪ بڻائيندي. ڇو ته اهڙي وقت ۾ گاد جمع ٿيڻ جو وڌيڪ خطرو آهي. وڏا ڊيم ٻوڏن کي گهٽائڻ جي بدران ڪڏهن ڪڏهن ان جي شدت وڌائين ٿا، جيئن 2022ع جي ٻوڏن ۾ ڏٺو ويو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪالا باغ ڊيم اوڀر وارن دريائن (چناب، راوي، ستلج) جي ٻوڏن کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، جيڪي تازي تباهيءَ جو بنيادي سبب آهن.
ان کان علاوه، ڊيم مڇين جي قدرتي لڏپلاڻ کي روڪيندو، جيڪو ڊيلٽا جي حياتياتي تنوع ۽ مڇي مارڻ تي دارومدار رکندڙ برادرين کي متاثر ڪندو. بين الاقوامي ماهر، جهڙوڪ ورلڊ بينڪ جون رپورٽون، وڏن ڊيمن کي ناقابل عمل قرار ڏين ٿيون ۽ تجويز ڪن ٿيون ته ننڍا ڊيم پاڻيءَ جو متبادل اسٽوريج آهن. سنڌوءَ تي اڳ ۾ ئي تربيلا ۽ منگلا ڊيم موجود آهن ۽ ٽئين ڊيم جي نه گنجائش آهي ۽ نه ضرورت آهي، اهو ڪنھن لاءِ به فائديمند نه هوندو.
حامين جي دعويٰ آهي ته ڊيم 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري ٻوڏن کي ڪنٽرول ڪندو، 3,600 ميگا واٽ بجلي ۽ آبپاشي فراهم ڪندو، پر اهي دعوائون سياسي آهن ۽ ٽيڪنيڪي مطالعا به ان کي محفوظ نٿا قرار ڏين جيستائين صوبائي اتفاق نه هجي، تيستائين هن پروجيڪٽ کي زير بحث آڻڻ اجايو آهي. بهتر اهو آهي ته پاڻيءَ جي اسٽوريج لاءِ متبادل طريقا، سولر توانائي ۽ اڳڪٿيءَ جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اثرائتي سيڙپ ڪئي وڃي.
ڪالا باغ ڊيم ۽ سنڌوءَ تي نيون رڪاوٽون پاڪستان جي وفاقي سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ صوبائي خود مختاري کي خطري ۾ وجهنديون. ھي وقت آهي ته سياستدان سخت سوالن کي منهن ڏين. اتفاق راءِ جي کوٽ هن تڪرار کي جاري رکندي، جيڪو ملڪ جي بقا لاءِ خطرناڪ آهي. اسان کي ورهاڱي جي بدران اتحاد جي ضرورت آهي، اهڙن منصوبن کي دفن ڪري نوان رستا ڳوليا وڃن.