غزہ جي جنگ، جيڪا ھزارين زندگيون کسي چڪي آهي، هاڻي هڪ نئين شڪل اختيار ڪري رهي آهي. تازو هڪ دستاويز ليڪ ٿيو آهي جنهن کي “گريٽ ٽرسٽ”(Gaza Reconstitution, Economic Acceleration and Transformation Trust) چيو پيو وڃي. ھي منصوبو آمريڪا جي نگراني ۾ غزہ کي هڪ سامونڊي تفريحي ۽ معاشي جنت ۾ بدلائڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، پر اصل ۾ فلسطيني ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ جو ڳجهو منصوبو آهي. ان سان گڏوگڏ “غزہ هيومينيٽيرين فائونڊيشن “(GHF) جي حقيقت به سامھون اچي رهي آهي، جيڪا انساني امداد جي نالي تي تڪراري ڪارروائين ۾ ملوث آهي.
ھن سڄي منصوبي جو انڪشاف 2025 جي شروعات ۾ ٿيو، جڏهن واشنگٽن پوسٽ 38 صفحن تي ٻڌل هڪ دستاويز شايع ڪئي. اهو منصوبو ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه سان ڳنڍيل آهي، جتي ٽوني بليئر ۽ جيرڊ ڪشنر جا نالا به شامل آهن. خيال اهو آهي ته غزہ کي “ريوريا” ۾ بدلائي ڇڏيو وڃي، يعني هڪ اهڙو علائقو جتي سياحت، جديد صنعتون ۽ ڊيٽا سينٽر هجن. ان لاءِ فلسطيني ماڻهن کي عارضي طور تي ٻي جاءِ تي منتقل ڪيو ويندو ۽ ھر شخص کي 5 ھزار ڊالر نقد، چئن سال لاءِ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سبسڊي ڏني ويندي. پهرين سال 100 سيڪڙو، پوءِ آهستي آھستي اها رقم گهٽ ٿيندي ويندي.
منصوبي مطابق، غزہ جي جي ڊي پي 2.7 بلين ڊالر مان وڌائي 10 سالن ۾ 200 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جو ارادو آهي ۽ 10 لک نوڪريون پيدا ڪيون وينديون. هي علائقو انڊيا- مڊل ايسٽ- يورپ اڪنامڪ ڪوريڊور (IMEC) جو حصو بڻجندو، جتي 1.3 ٽريلين ڊالر جي قيمت وارا معدنيات موجود آهن. وڏن منصوبن جي فهرست به دلچسپ آهي: “ايم بي ايس رنگ” ۽ “ايم بي زيڊ هاءِ وي” (سعودي ۽ اماراتي اڳواڻن جي نالي تي)، “ايلون مسڪ سمارٽ مينوفيڪچرنگ زون”، ۽ “ٽرمپ ريوريا اينڊ آئيلينڊس” جتي مصنوعي ٻيٽ ۽ ريسورٽس ٺهندا. اهي سڀ ڪجھ AI ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل هوندا.
فنڊنگ جو معاملو به وڏو آهي: 70 کان 100 بلين ڊالر پبلڪ انويسٽمينٽ، جيڪا 35 کان 65 بلين ڊالر پرائيويٽ سيڙپڪاري آڻيندي. غزہ جي زمين کي ٽرسٽ ۾ وجھي بلاڪ چين ٽوڪنز ذريعي وڪرو ڪيو ويندو ۽ مالڪن کي اهڙا ٽوڪن ملندا جيڪي مستقبل ۾ نئين گهر لاءِ استعمال ٿيندا. شروعاتي طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل جو معاهدو ٿيندو، جيڪو بعد ۾ عرب ملڪن ۽ ٻين سان ملٽي ليٽرل بڻجندو. غزہ کي 10 سالن تائين آمريڪي نگراني ۾ رکيو ويندو، جيسين حماس ختم نه ٿي وڃي ۽ علائقو فوجي طاقت ۽ انتهاپسنديءَ کان خالي نه ٿي وڃي. پوءِ هڪ آزاد فلسطيني حڪومت کي اختيار ڏنو ويندو، جيڪا ابراھم اڪورڊز ۾ شامل ٿيندي.
پر ڇا اھو منصوبو واقعي سٺو آهي؟ ڪيترائي ماھر چون ٿا ته اھو فلسطيني ماڻهن کي زبردستي لڏائڻ جي ڪوشش آهي. لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آبادي، يعني 5 لک ماڻهن کي “رضاڪارانه” نقل مڪاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. گارڊين، Zeto ۽ مونڊوويس اخبارن ۽ ويب سائيٽن جهڙن ذريعن ان کي “نوآبادياتي زمين چوري” ۽ “ريڊيڪلس ريوريا پروپوزل” سڏيو آهي. اقوام متحده ان کي “پاڳل پن” چيو آهي ۽ فلسطيني اڳواڻ ان کي قبضي جي پکيڙ سڏين ٿا. حماس ته سڌي طرح ان کي آمريڪي سازش چيو آهي. سوشل ميڊيا تي به تنقيد جي ٻوڏ آيل آهي، ماڻهو ان کي “ڪيپيٽلسٽ ڊسٽوپيا” ۽ “سيٽلر فينٽسي” چون ٿا.
ھاڻي اچون ٿا GHF ڏانهن، جيڪا فيبروري 2025 ۾ آمريڪا ۾ هڪ غير منافعي بخش اداري طور ٺاهي وئي. هي GREAT ٽرسٽ جو پهريون مرحلو آهي، جيڪو 6 کان 12 مهينن تائين انساني امداد، عارضي رهائش ۽ محفوظ رستا مهيا ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. حماس کان پاڪ امداد پهچائڻ ان جو بنيادي مقصد ٻڌايو ويو، پر حقيقت بلڪل ٻي آهي.
مئي 2025 کان، جڏهن GHF ڪم شروع ڪيو، ته افراتفري پکڙجي وئي. اقوام متحده جا 400 فوڊ سينٽر بند ڪري صرف 4 قائم ڪيا ويا. ماڻهن کي ڪانٽيدار تارن جي پويان قطارن ۾ بيهاريو ويندو آھي ۽ امداد جانورن وانگر اڇلائي ويندي آهي. انهي امداد جي چڪر ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان سوين فلسطيني شهيد ڪيا ويا آھن۔ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مخصوص ڏينهن ۾ ماڻهن جي مخصوص عضون کي نشانو بڻايو ويو، اھا ڄڻ ‘رت جي هولي’ هجي، تنقيد به سخت آهي. آگسٽ 2025 ۾ اقوام متحده جي ماهرن GHF کي فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ان کي “غير انساني” ۽ “سياسي شو” سڏيو. 15 انساني حقن جي تنظيمن جون ڌمڪيون مليون ته جيڪڏهن آپريشن بند نه ٿيو ته قانوني قدم کنيا ويندا. ايمنسٽي انٽرنيشنل ان کي “ملٽريائزڊ ايڊ” ۽ “ويپنائزيشن آف ايڊ” سڏي ٿي، جنهن ۾ بک کي هٿيار بڻائي فلسطيني ماڻهن تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو. فنڊنگ جا ذريعا ۽ بورڊ ميمبر نامعلوم آهن. هيءَ تنظيم 24 ڪلاڪن ۾ ٺاهي وئي ۽ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپنين تي ڀاڙيندي آهي. ٿنڪ ٽينڪ ان کي “هيومينيٽيرين فياسڪو” سڏين ٿا، جيڪو غزہ ۾ بک کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي. غزہ جي جنگ 2024 کان جاري آهي ۽ اسرائيلي منصوبا اڳ به سامهون آيا هئا ته غزہ کي مقامي فلسطيني ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي، پر هاڻي اهو آمريڪي نگراني ۾ بدلجي ويو آهي. اردو ميڊيا جهڙوڪ: بي بي سي ۽ ڊي ڊبليو به ان تي بحث ڪري رهيا آهن، جتي اقوام متحده اسرائيل کي مڪمل قبضي وارو منصوبو ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هي پلان فلسطيني ماڻهن لاءِ فائديمند آهي يا صرف ڪارپوريٽ مفادن لاءِ مخصوص آهي.
هي هڪ اھڙو مسئلو آهي، جتي انساني حق، سياست ۽ معيشت سڀ گڏيل آهن. فلسطيني ماڻهن جو آواز ٻڌڻ ضروري آهي، ڇو ته غزہ سندن گهر آهي، نه ڪي سيڙپڪاري جي جڳھ. جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل سامهون آيا ته صورتحال بدلجي سگهي ٿي، پر هن وقت تائين هي منصوبو سخت تڪرارن جي ور چرهيل آهي.