سنڌ حڪومت پاران 60 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 19-2018 جي بجيٽ ۾ 60 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جي مد ۾ 14 ارب رپيا رکيا ويندا. تفصيل موجب نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت ايندڙ عام چونڊن جي ڪري موجوده حڪومتي دور جي آخري بجيٽ ۾ 60 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب سڀ کان وڌيڪ نوڪريون تعليم کاتي ۾ ڏنيون وينديون، جن جو انگ 16 هزار آهي، انهن ۾ استاد ۽ ٻيا ملازم به شامل آهن. اهڙي طرح پوليس ۾ ساڍا 9 هزار اميدوار ڀرتي ڪيا ويندا باقي کاتن ۾ پڻ مختلف انگن جون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت اينڊر سال جي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ روينيو بورڊ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو کاتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. جڏهن ته وصولين جو هدف 100 مان وڌائي 115 ارب رپيا رکيو ويو آهي. ان کان علاوه نئين بجيٽ ۾ پهرين ترجيح طور تعليمي شعبي، صحت کاتي، امن امان ۽ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام وارن منصوبن کي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن جي غير ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments