نئون

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پروٽو ڪول ڊيوٽين تي موجود 13600 پوليس وارا هٽايا ويا

چيف جسٽس ثاقب نثار جي حڪم تي سڄي ملڪ مان غير متعلقه ماڻهن جي ذاتي سيڪيورٽي تي موجود تقريبن 13 هزار 600 پوليس اهلڪارن کي واپس ٿاڻن تي گهرائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. هن فيصلي کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي وزير داخلا آفتاب احمد خان شير پائو سميت اعليٰ عهدن تي موجود پوليس اهلڪارن، بيورو ڪريٽن، غير ملڪي شهرين، ججن ۽ صحافين کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي. هن حڪم نامي کانپوءِ پنجاب مان 4 هزار 610 پوليس اهلڪار، سنڌ مان 5 هزار 5 سئو، خيبر پختونخواهه مان 3 هزار، بلوچستان مان 829 ۽ اسلام آباد مان 246 اهلڪارن کي واپس ٿاڻن تي آندو ويندو. ان کان علاوه اسلام آباد پوليس جي، آءِ. جي ڊاڪٽر سلطان اعظم تيموري پاران ڊي. آءِ. جي پوليس سيڪيورٽي سميت دهشتگردي ٽوڙ اداري نيڪٽا، خفيه ايجنسين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي جيڪا آئنده اهڙين مقررين جي جاچ ڪندي. سنڌ اندر به هن حڪم نامي کانپوءِ آءِ. جي پوليس اي. ڊي خواجه، صوبي اندر سيڪيورٽي تي موجود هزارين اهلڪارن جي واپسي جو حڪم نامون جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن باري ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته صرف ڪراچي اندر 4 هزار پوليس اهلڪار پنهنجين ڊيوٽين تي واپس اچي ويندا. ياد رهي ته ملڪ اندر هزارين پوليس اهلڪارن جي غير متعلقه فردن جي سيڪيورٽي تي موجود هجڻ جي خلاف سپريم  ڪورٽ پاران پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ويو آهي.