سنڌ ۾ وزير تعليم نه هجڻ جو انجام نئون تعليمي ڪئلينڊر به پراڻي سيشن مطابق هوندو

سنڌ ۾ تقريبن ڇهن مهينن تائين وزير تعليم نه هجڻ سبب تعليم کاتي اسڪول ۽ ڪاليج جي اسٽيرنگ ڪاميٽي جو اجلاس نه ٿي سگهيو جنهن کانپوءِ صوبائي اسڪول ايڊيوڪيشن کاتي گذريل سال 2019 جي اسٽيرنگ ڪاميٽي پاران طئي ڪيل اڪيڊمڪ ڪئلينڊر کي برقرار رکندي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن اسڪولن ۾ تعليمي سيشن پهرين جولاءِ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق سنڌ جي تعليمي سيشن 21-2020 گذريل سال 2019 جي طرز تي پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندا. اڱارو 4 فيبروري تي جاري ان نوٽيفڪيشن ۾ به 18 جنوري 2018 جي اڪيڊمڪ ڪئلينڊر جي حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏنو ويو آهي.