پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ 18 سيپٽمبر 1947 تي قائم ٿي هئي. هيءَ اها ئي ڪمپني آهي جنهن کي سال 2002 ۾ دنيا جي بهترين اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو ويو هو. ملڪ جا اهي ادارا جن هن ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. انهن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج شامل آهي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 28 نومبر، 2024 جي ڪاروبار ۾ هن وقت تائين جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي نظر آئي ۽ انڊيڪس 790 پوائنٽس جي اضافي سان 1 لک پوائنٽن جي نفسياتي حد عبور ڪري تاريخي سنگِ ميل حاصل ڪيو. هڪ موقعي تي ته 100 انڊيڪس 1 لک 59 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺي وئي. ملڪ جون سياسي حالتون سڀني جي سامهون آهن. تازو ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد تي چڙهايون ۽ هڪ سياسي پارٽي جي پاران “مرو يا ماري ڇڏيو” واري تحريڪ جنهن ۾ ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي، ملڪ کي سياسي عدم استحڪام جي طرف ڌڪڻو هو، پر ائين نه ٿيو. اسين سڀني سياسي ڌرين کي اهو ضرور سمجهائينداسين ته رياست ۽ ان جو انتظام طاقتور هجي ٿو ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل انهيءَ ڌرڻي، مارچ جو خاتمو جهڙي نموني ٿيو ۽ رياست ۽ پاڪستان جي عوام جهڙي نموني انهيءَ سازش کي ناڪام بڻايو. انهيءَ سان انهن سياسي ڌرين جون اکيون کلي وڃڻ گهرجن ته هن ملڪ کي هر مهيني هڪ ڌرڻي ۽ هڪ مارچ جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي ۽ هڪ سياسي جماعت جڏهن چاهي، تڏهن ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري. سياسي بيچيني پيدا ڪندڙ ڌرين لاءِ اسلام آباد جي ڌرڻي جو انجام هڪ پيغام آهي ته اهي جيڪڏهن چاهين ته ملڪ جي استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا. انهن وٽ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. ڇاڪاڻ جو انهن کي هاڻي اهو يقين اچي ويو هوندو ته هي ملڪ سازشن لاءِ نه ٺهيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپار جي موجوده صورتحال ملڪ جي صنعت، زراعت ۽ واپار سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هڪ واضح پيغام ۽ سٺو سنئوڻ آهي ته هن ملڪ کي ڪابه ناڪاري قوت ترقي جي راهه تي هلڻ کان روڪي نه ٿي سگهي. اها ڳالهه به روز روشن جيان عيان آهي ته اسان جو ملڪ وڏي آبادي وارو ملڪ آهي. 24 ڪروڙ کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ ملڪ ترقي چاهي ٿو. جيئن انهيءَ جي عام عوام لاءِ روزگار هجي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون هجن ۽ اهو سڀ صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ ترقيءَ کانسواءِ ممڪن نه آهي. هي ڪهڙيون سياسي ڌريون آهن، جيڪي ملڪ جي ترقيءَ تي خوش ڪونهن. ڇا اهي چاهين ٿا ته هن ملڪ جو عوام بيروزگار هجي ۽ غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهبو رهي، 28 نومبر، 2024 وارو ڏينهن روشن اميد جو ڏينهن آهي ۽ اسين انهيءَ يقين ۾ آهيون ته اسانجي ملڪ کي ترقي کان ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي. اهي سياسي پارٽيون به نه جن جا پنهنجا ايجنڊا آهن. ملڪ جي عوام جي ترقيءَ جي ايجنڊا رياست جي ذميواري آهي ۽ موجوده سرڪار انهيءَ انتظام کي يقيني بڻائي رهي آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ڏسون ته پنهنجي واپاري برتري ۾ ڪاروبار جي آخري گهڙين ۾ ڪٿي ٿي وڃي پهچي، پر اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سودن جي صورتحال انتهائي بهترين آهي ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار، معيشت ۽ ماليات جي ڄڻ هڪ نئين تاريخ لکي پئي وڃي ۽ واپار کانسواءِ پويان ڏينهن يا گذريل مهينا جيڪڏهن اسين اسٽاڪ ايڪسچينج جي واپار تي نظر وجهون ته اهو اسان کي بلنديءَ تي ويندو نظر اچي ٿو.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي ملڪ جي واپار تي تنقيد ڪرڻ وارن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ بيروميٽر آهي جيڪو ملڪ جي واپار، ماليات ۽ معيشت کي بيان ڪري ٿو. جنهن ملڪ لاءِ 2 سال پهرين اها ڳالهه پئي ڪئي وئي ته اهو ڊيفالٽ ڏانهن وڃي رهيو آهي، هاڻي جيڪڏهن اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروباري بلندين تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي خوشي ٿئي ٿي ته ملڪ يقيني طور تي ترقي جي راهه تي هلي رهيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج انهن 17 مهينن ۾ جڏهن ملڪ ۾ ڊيفالٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وئي 40 هزار کان هڪ لک پوائنٽس جو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. ملڪ جي عوام کي ملڪ جي ترقي سان واسطو آهي. ملڪ استحڪام سان اڳيان وڌندو رهندو ته هر شعبي ۾ ترقي ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا ملندا رهندا. 28 نومبر، 2024 اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروباري ڏينهن جنهن ملڪ جي ڪاروبار جي تاريخ بدلائي ڇڏي آهي. ملڪ جا عوام انهيءَ تي مبارڪباد جا مستحق آهن.