ڇا ٻن طرفن اسڪرين وارو سمارٽ فون توهان پسند ڪندا
سامسنگ سمارٽ فون جي هڪ نئين ڊزائين جو پيٽنٽ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن کان اسڪرين موجود هوندي. سامسنگ لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سمارٽ فون جي اسڪرين واري ٽيڪنالاجي ۾ سڀ کان بهترين نمونا ڏيندي آهي يا وري اها ٻين کي ان مقابلي ۾ مات ڏيئي ويندي آهي، اها ئي ڪمپني آهي جنهن سمارٽ فون جي اسڪرين جي ڪنارن تي موڙ واريون سمارٽ فون به ٺاهي ڏيکاريون آهن. 2017 ۾ هن ڪمپني هڪ Curve اسڪرين واري سمارٽ فون به مارڪيٽ ۾ آندي هئي. هاڻي هيءَ ڪمپني سمارٽ فون جي ٻنهي طرفن اسڪرين واري سمارٽ فون به ٺاهڻ چاهي ٿي. هن وقت سامسنگ اهڙي سمارٽ فون جي پيٽنٽ کي رجسٽر ڪرائڻ لاءِ جمع ڪرايو آهي. هي ڊزائين رجسٽرڊ ٿيڻ بعد پروڊڪشن ۾ ويندي ۽ پوءِ ان کي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. هن فون جي هڪ خوبي اها به هوندي ته اها هر وقت ان جو صحيح اندازو رکي سگهندي ته ان کي استعمال ڪندڙ ان جو منهن ڪهڙي طرف رکيو آهي. ان جي لاءِ هن فون ۾ سينسرز لڳل هوندا جيڪي اهو سمجهي سگهندا ته ان جي اصل اسڪرين استعمال ڪندڙ جي طرف آهي يا ان جي سامهون واري پاسي آهي. ان کان علاوه فون جي ٻئي پاسي ڏسندڙ ماڻهو کي ايس ايم ايس اچڻ جي صورت ۾ اهو ان ئي اسڪرين تي نظر ايندو. هن کان اڳ ۾ ٻن ڪمپنين به اهڙيون سمارٽ فونون مارڪيٽ ۾ آنديون هيون پر اهي شهرت نه ماڻي سگهيون آهن. هن قسم جي فون رجسٽر ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي مارڪيٽ ۾ اچي ويندي.