بلاگنئون

جيستائين اٻوجهه زنده آهن تيسين مڪار نٿا مري سگهن

ليڊرشپ تي وڏو سوال آهي، ان ڪري ته خلق کي اونداهه ۾ رکي هنن پي ٽي آءِ وانگي صدارتي آرڊيننس پاڻ پاس ڪرايو ته جيئن اهي ٻيٽن وانگي درياءَ جي پاڻي تي به ڌاڙو هڻائي سگهن، پر ڳالھه سمجھه کان بالاتر آهي ته پاڻ چون ٿا ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جون سطحون مٽي جمع ٿيڻ جي ڪري پاڻيءَ جي سطح گهٽجندي ٿي وڃي ته پوءِ گليشر جيڪي تيزي سان پگهرجن پيا، انهن جي پگهرجڻ سان جيڪو پاڻي ڳري هيٺ لهي ٿو، اهو ڪاڏي ٿو وڃي؟ ته پوءِ سرڪار جي ڪهڙي ڳالھه تي پت ڪيون ته ڊيم ماحول جي لاءِ خطرناڪ آهن ۽ دنيا متبادل توانائي جي ذريعن جي ايجاد ۽ جاکوڙ ۾ آهي، هنن وري ڊيمن ۽ ڪئنالن جي صورت ۾ خلق کي کڻي چريو ڪيو آهي. اها ڳالھه به اسان کي سمجھه ۾ اچي پئي ته ٻيٽن جي بدلي ۾ جيڪا ترقي ٿئي ها ان ۾ سنڌ صوبي جي ڪيتري مداخلت يا صوبي جو ڪيترو حصو هجي ها. اسان کي ترقي سٺي ٿي لڳي، پر اها ترقي جيڪا سنڌين جي حق ۾ هجي. بحريا ٽائون، اي ايس ايف سٽي، ڪمانڊر سٽي، ٻيٽن جا سودا، بحري اڏن جا سودا ۽ هاڻي درياءَ جي پاڻي جا سودا، ڳالھه وڏي ڏک واري آهي ۽ شديد غم غصي واري آهي، ڇو ته سنڌي جڏهن درياءَ ۾ پاڻي نٿا ڏسن ته انهن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي. اسان کي پنهنجي سول سوسائٽي تي انتهائي فخر آهي ته اسان جا وڪيل، استاد، شاگرد، عورت اڳواڻ، سول سوسائٽي جا نمائندا، قومپرست اڳواڻ سڀ اڳ کان اڳرا آهن ۽ بين الاقوامي ڌرين تائين آواز پڄائين ٿا ڇو ته متنازع پروجيڪٽن جي لاءِ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻيا فنڊنگ ڪرڻ وارا ادارا آخر مددگار ثابت ڇو ٿا ٿين. ڇو ته رڳو پنجاب جي حق ۾ ڪيل فيصلا، انهن جي ماڻهن جي لاءِ پاس ڪيل آرڊيننس ٻين صوبن جي لاءِ زندگي موت جو سامان کڻي ٿا اچن.

بهاولپور ۾ پنجاب جي قائم مقام وزيراعليٰ 26 هزار ايڪڙ جيڪي بهاولپور، بهاولنگر ۽ رحيم يار خان جي ماڻهن ۾ ورهايا آهن ۽ باقي جيڪي 4 لک ايڪڙ زمين رهي ٿي سا ڇهن بااثر ماڻهن ۾ ورهائي آهي جيڪا 1978 کان الاٽمينٽ جي چڪرن ۾ التويٰ ۽ دير جو شڪار هئي. چولستان جي رهواسين کي پنجن سالن لاءِ ليز تي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هر درخواست ڏيندڙ کي 12.5 ايڪڙ ملي رهيا آهن، پر سوال اهو به آهي ته ساڳي زمين جيڪا ٿر ۾ لکين ايڪڙ ٿيندي، ان جي لاءِ ڪوٽڙي بيراج مان واھ وهايا وڃن ها، جيڪي زمينون ڄامشور کان پٺتي هيٺ دادو تائين، ڄامشورو کان ڪراچي تائين آهن انهن جي لاءِ ڪينال وهايا وڃن ها، پر حيرت اها به آهي ته اهو درد پنجاب جو ناهي، جيڪا زمين زرخيز هوندي به پاڻي جي اڻاٺ جي ڪري تباھ ۽ بنجر ٿيندي پئي وڃي، پاڻي جي کوٽ جي آباد زمينون به وڃن پيون غيرآباد ٿينديون. ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري هرسال سمنڊ لکين ايڪڙ زمين کاري ڪري ڳڙڪائيندو پيو وڃي، جنهن جي ڪري سامونڊي علائقن کي سڀاڻي سونامي جو خطرو لاحق آهي. اهو سور ڪنهن موسمي ڄاڻوگر ۽ تحقيقدان جو شايد ناهي، انهن جو درد رڳو اهو آهي ته ڊفينس ۽ بحريا ٽائون جا نوان فيز ٺهن ۽ جيڪي زمينون عسڪري ادارن جي عقاب هيٺ آهن اهي ڪنهن صورت آباد هجن.

پنجاب کي ڇڏي اسان ٽنهي صوبن سان هڪ اهو حشر ضرور آهي ته به اسان وٽ نه زرعي سيڪٽر فائديمند رهيو آهي ۽ نه ئي صنعتي سيڪٽر ڪنهن طرح واڌ ويجھه ۾ آهي. سرڪاري ٽيڪس، قانوني وٺ پڪڙ جي ڪري، بجلي اڻ هوند، بجلي مهانگي هجڻ جي ڪري، صنعتي سيڪٽر کي گيس جي اڻ هوند ۽ وقت سر فراهمي نه هجڻ جي ڪري وڏن شهرن مان صنعتون يا ته پنجاب يا بنگلاديش ڏانهن منتقل ٿينديون پيون وڃن ۽ اهو تناسب وڌندو پيو وڃي، پر هتي حڪمرانن کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي لڳي پئي آهي، اتي وري اسان جي وزيراعليٰ جو بيان به لکڻ ۽ ساراهڻ جهڙو آهي ته اسان جي صوبي ۾ زراعت فائدي واري ناهي رهي ۽ ايتري زور سان سدائين چوندو رهيو آهي ته ڪينال نٿا ٺهن ۽ 6 ڪينال ڪڏهن به نه جڙندا. هوڏانهن وري اربين رپيا مختص ڪري انهن ڪئنالن جي اڏاوت تي ڪم جاري ۽ ساري آهي، جنهن ۾ چولستان (جيڪو ڏکڻ پنجاب جو ٿر آهي) ان کي هاڻي هنن آباد ڪرڻ جو سوچيو آهي، پر ان کي آباد ڪري هي ٻيا آباد صوبا غيرآباد ڪندا.

درياءَ جي پاڻي تي زراعت رڳو زراعت ناهي، پر صنعتون به پاڻي گهرن ٿيون، رهائشون به پاڻي گهرن ٿيون، ٻيلا، جهنگ جر، جانور، وڻ ٻوٽا، ماڻهو ۽ سموري جيوت به پاڻي ٿي گهري. ان ڪري جيستائين ۽ جتي جتي پاڻي وڃي ٿو، اتي اتي آبادي ٿئي ٿي، اتي اتي زندگي آهي. حيرت اها به آهي ته ٿر ۾ جڏهن سوڪهڙو هوندو آهي ته اهو ڪنهن کي نظر ناهي ايندو. هاڻي ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ واري ٿي اڏامي، جتي جي آبي زندگي ۽ زراعت داوَ تي لڳل آهي، اتان جا ماڻهو ۽ جانور پکي پکڻ به لڏپلاڻ ڪري شهري زندگي جا حصا بڻجي چڪا آهن، جنهن لڏپلاڻ جو وڏو نقصان ماحول ۽ آبي جيوت کي آهي، جنهن جي ڪري پکين ۽ مڇين جا ڪيترائي نسل اڻ لڀ ٿي پيا آهن، جيڪي ملڻ مشڪل آهن. ان ڪري درياءَ زندگي آهي، پاڻي نعمت آهي، اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، جي پنجاب جي ڏاڍائي اها به آهي ته جڏهن به بارشون وسن ٿيون ته اهي ان ڳالھه جي وڪالت ٿا ڪن ته ڊيم ٺاهيون، پر بارش جڏهن ڪراچي، حيدرآباد يا سکر ۾ وسي ته پاڻي به انهن علائقن ۾ جمع ٿيڻ گهرجي يا بارش وسي ڪراچي ۾ ۽ ڊيم وري پنجاب جي علائقن ۾ جڙندا، جيڪو وڏو سوال آهي؟ پر هاڻي دنيا ۾ متبادل توانائي جي ذريعن جي ايجاد زندگي آسان بڻائي ڇڏي آهي، ان ڪري بجلي رڳو ڊيمن مان حاصل نٿي ڪري سگهجي، پر دنيا 10 هزار کان مٿي ڊيم ڊاهي ڊيلٽا ۾ وهائي ڇڏيا آهن ته جيئن اتي زندگي روان دوان ٿي سگهي.

گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت زرعي مقصدن لاءِ 4.8 ملين ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. تفصيلن موجب هاڻي تائين 0.9 ملين ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ 811,619 ايڪڙ، سنڌ ۾ 52,713 ايڪڙ، بلوچستان ۾ 47,606 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 74,140 ايڪڙ شامل آهن. چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي تائين ٻه لک ايڪڙ زمين جو معاهدو ڪيو ويو آهي. سي ڊي اي اختيارين فوج کي 74,000 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي، جيتوڻيڪ مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته اهو انگ 400,000 ايڪڙ جي ويجهو آهي. ان کان علاوه ”ايڇ آر سي پي“ موجب زمين غير ملڪي ادارن، جن ۾ ابوظهبي جا شهزادا ۽ چيني سيڙپڪار شامل آهن. جون 2023 ۾ پنجاب حڪومت گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت چولستان جي زمين کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو هو. 19 آڪٽوبر 2023 تائين 700,000 ايڪڙ زمين ميسرز گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ کي 20 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي هئي، جنهن ۾ اختياري 10 سالن جي واڌ شامل هئي، جڏهن ته چولستان جا ماڻهو زمين لاءِ بي انتها جدوجهد ڪندا رهيا، پر هزارين ايڪڙ زمين خاموشي سان بااثر گروهن جي حوالي ڪئي وئي. انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) جي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته سي ڊي اي 74,000 ايڪڙ پاڪستاني فوج کي مختص ڪيا آهن.

15 فيبروري تي آرمي چيف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ چولستان ڪئنال منصوبي جو افتتاح ڪري چڪا آهن، پر اسان جي صوبائي وزيراعليٰ تي حيرت آهي ته هو اسان جي صوبي جي عوام کي اڃان تائين اونداھ ۾ رکيو پيو اچي، هي عوام جي اکين تي هٿ رکي سياست ٿا ڪن، هي سمجهن ٿا ته جيستائين اٻوجهه زنده آهن تيسين مڪار نٿا مري سگهن. ان ڪري ته پنجاب به رڳو ڪرسيءَ جي آڇ ڪري هنن مان سڀ ڪم وٺي ٿو وڃي، هو سمجهي ٿو ته ڪرپشن ڪڏهن به ختم نٿي ٿي سگهي، ان ڪري ته چولستان ۾ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي بهاني ٻين ملڪن کي جڏهن کپائي سگهجي ٿي ته اهي آرمي جي بالا آفيسرن جو به حق آهي ته اهي ڪئنال به منظور ڪرائين ۽ جتي صوبن کي پنهنجي آباد زمينن جي لاءِ پاڻي ناهي اتي ارسا هنن 6 ڪينالن کي پاڻي ڏيڻ جي حق ۾ آهي ۽ پنجاب جي ها ۾ ها ملائي ٿا ويهن، پر ڏسجي ته جيترا بيابان سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ آهن اوترا پنجاب ۾ ناهن، پنجاب ۾ خوشحالي جو تناسب ٻين صوبن کان گهڻو آهي ۽ ڪرپشن، مني لانڊرنگ، اٽي، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ ۽ چوري به آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل جي رپورٽ ۾ هاڻي پنجاب ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ بي ايماني ڪندڙ صوبو آهي. پي ٽي آءِ جي دور کان اڳ ۽ هاڻي به نون ليگ ۽ وري اتان جي سياسي ڌرين جي مٿان ڪرپشن جا ڪيس آهن، ان ڪري مرڪز کي گهرجي ته ان معاملي تي اک پٽي، پر اهڙا احتجاج ٿيڻ ته تڏهن کپندا هئا، جڏهن انهن اهي زمينون ڪاغذي ڪارروائي ڪري چيني، اماراتي ۽ سعودي جي عرب شهزادن کي لکي ڏنيون هيون ته اهي اتي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندا. اسان وٽ هونئن ڪو بحران ناهي، نه اٽي جو نه کنڊ جو نه ئي ڪنهن ٻي زرعي جنس جو، پر جڏهن اهي زمينون لکي ڏنيون هئن ته اهو به سمجهن ها ته انهن زمينن جي لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو ۽ هاڻي ٻين صوبن کي بنجر بڻائي پنجاب جو چولستان آباد ٿيندو جيڪو ٿيندو ڪونه!