ليڊرشپ تي وڏو سوال آهي، ان ڪري ته خلق کي اونداهه ۾ رکي هنن پي ٽي آءِ وانگي صدارتي آرڊيننس پاڻ پاس ڪرايو ته جيئن اهي ٻيٽن وانگي درياءَ جي پاڻي تي به ڌاڙو هڻائي سگهن، پر ڳالھه سمجھه کان بالاتر آهي ته پاڻ چون ٿا ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جون سطحون مٽي جمع ٿيڻ جي ڪري پاڻيءَ جي سطح گهٽجندي ٿي وڃي ته پوءِ گليشر جيڪي تيزي سان پگهرجن پيا، انهن جي پگهرجڻ سان جيڪو پاڻي ڳري هيٺ لهي ٿو، اهو ڪاڏي ٿو وڃي؟ ته پوءِ سرڪار جي ڪهڙي ڳالھه تي پت ڪيون ته ڊيم ماحول جي لاءِ خطرناڪ آهن ۽ دنيا متبادل توانائي جي ذريعن جي ايجاد ۽ جاکوڙ ۾ آهي، هنن وري ڊيمن ۽ ڪئنالن جي صورت ۾ خلق کي کڻي چريو ڪيو آهي. اها ڳالھه به اسان کي سمجھه ۾ اچي پئي ته ٻيٽن جي بدلي ۾ جيڪا ترقي ٿئي ها ان ۾ سنڌ صوبي جي ڪيتري مداخلت يا صوبي جو ڪيترو حصو هجي ها. اسان کي ترقي سٺي ٿي لڳي، پر اها ترقي جيڪا سنڌين جي حق ۾ هجي. بحريا ٽائون، اي ايس ايف سٽي، ڪمانڊر سٽي، ٻيٽن جا سودا، بحري اڏن جا سودا ۽ هاڻي درياءَ جي پاڻي جا سودا، ڳالھه وڏي ڏک واري آهي ۽ شديد غم غصي واري آهي، ڇو ته سنڌي جڏهن درياءَ ۾ پاڻي نٿا ڏسن ته انهن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي. اسان کي پنهنجي سول سوسائٽي تي انتهائي فخر آهي ته اسان جا وڪيل، استاد، شاگرد، عورت اڳواڻ، سول سوسائٽي جا نمائندا، قومپرست اڳواڻ سڀ اڳ کان اڳرا آهن ۽ بين الاقوامي ڌرين تائين آواز پڄائين ٿا ڇو ته متنازع پروجيڪٽن جي لاءِ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ٻيا فنڊنگ ڪرڻ وارا ادارا آخر مددگار ثابت ڇو ٿا ٿين. ڇو ته رڳو پنجاب جي حق ۾ ڪيل فيصلا، انهن جي ماڻهن جي لاءِ پاس ڪيل آرڊيننس ٻين صوبن جي لاءِ زندگي موت جو سامان کڻي ٿا اچن.