14 مارچ سڄي دنيا ۾ دريائن جي اهميت، انهن جي مالڪي ۽ انهن جي ڀرسان اڀرندڙ تهذيبن، زراعت ۽ ان جي پاڻيءَ جي مٿان حقن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن پهريون ڀيرو بين الاقوامي طور ڊيمن جي ٺهڻ کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن مارچ مهيني 1967ع ۾برازيل جي پرانا رياست جي ميونسپل چيمبر ڪرتيبا ۾ ملهايو ويو. پوءِ پوري دنيا جا ڪارڪن، مختلف تنظيمون گڏ ٿيندا ويا ۽ 14 مارچ کي دريائن جي ڏينهن طور گڏجي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ۾ “انٽرنيشنل ريورز” تنظيم اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. آهستي آهستي ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جو ادارو UNESCO به پاڻيءَ جي مسئلي تي ان جي حمايت جي لاءِ شامل ٿي ويو ۽ هاڻي گڏيل قومن جو ادارو ان ڏينهن جي اهميت کي هر سال مستقل مزاجيءَ سان دريائن جي اهميت ۽ ان جي گڏيل استعمال کي اجاڳر ڪندو آهي. هن ڏينهن جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته پنهنجن حقن جي جدوجهد کان ڪڏهن به دستبردار نه ٿجي ۽ نه ئي ڪڏهن طاقتور دشمن جي طاقت کان متاثر ٿي پٺتي هٽجي.
هن وقت سنڌ ۾ سنڌو درياءَ جي مٿان ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت تي سخت احتجاج هلي رهيو آهي ۽ سنڌ جو ٻار، جوان، ٻڍو، عورت ۽ مرد سڀ ان احتجاج جو حصو بڻيل آهن ۽ روڊن ۽ رستن تي بيٺل آهن. اڄ 14 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي سوڌو احتجاج ٿي رهيا آهن. درياءَ اسان جي ماحوليات جا تمام اهم ۽ بنيادي حصا آهن، جيڪي اسان جي ايڪو سسٽم کي بحال رکن ٿا، ڇو ته اهي نه صرف پاڻي ڏين ٿا بلڪه اهي زراعت، صنعت، ثقافت ۽ انسانن جي آبادين جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. درياءَ پنهنجي قدرتي وهڪرن سان صدين کان وهندا اچن، پر انسانن پنهنجي سهولت خاطر ۽ پنهنجي مفادن خاطر دريائن کي بند ٻڌي دريائن مٿان ڊيم ٺاهي ان جي قدرتي وهڪرن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن جي ڪري اڄ ماحوليات ۾ گدلاڻ سبب اسان جو ساهه کڻڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. “ڪلائيميٽ چينج” هڪ پورو سبجڪيٽ آهي، ان جا ماهر نه صرف اڄ، پر صدين کان دريائن جي پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ان جي مخصوص پاڻيءَ جي مقدار جو ڊيلٽا تائين پهچڻ جي اهميت بابت تمام گهڻي موثر معلومات فراهم ڪندا آيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي جاگرافي جنهن کي قدرت پنهنجي انعامن سان ايترو نوازيو آهي، سندس نعمتون، سندس دشمن بڻجي ويون آهن. سنڌو درياءَ جو پاڻي جڏهن ڪيلاش جي وادين کان ڊڪندو ڊوڙندو سمنڊ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ته ان جي بدنصيبي اها آهي جو ان کي پنجاب مان لنگهڻو پوي ٿو. پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه هن وقت وفاق جو حصو هجڻ جي باوجود، پنجاب پنهنجي هٺ ڌرمي سان ٻين صوبن سوڌو سنڌ جي حقن تي مسلسل ڌاڙا هڻي رهيو آهي ۽ هاڻي سنڌو درياءَ مٿان ڇهه ڪئنال ٺاهي سنڌ جي جياپي جا رستا بند ڪري رهيو آهي. اسان هن دريائن جي عالمي ڏينهن تي سڀ سنڌي گڏجي پنهنجي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي حق جي گهر ڪيون ٿا ۽ انهن بين الاقوامي ادارن کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جي ماڻهن جو حق ڦريو پيو وڃي ۽ انهن کي نه صرف پاڻيءَ کان محروم ڪيو پيو وڃي، بلڪه انهن جي ثقافت ۽ زراعت کي به ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. دريائن جي مالڪيءَ جا صرف لفظي حق ناهن، پر انهن دريائن تي قومن جي مالڪي جي لاءِ بين الاقوامي قانون سازي به ٿيل آهي، جنهن ۾ “يونائيٽيڊ نيشن ڪنوينشن آف دي لا نان نيويگيشن يوزز آف انٽرنيشنل واٽر ڪورسز 1997ع” اچي وڃي ٿو، اهو قانون انتهائي اهم بين الاقوامي معاهدو ڪرڻ جي لاءِ هڪڙو فريم ورڪ ڏئي ٿو ته قومن جي وچ ۾ دريائن جو مٺو پاڻي ڪيئن استعمال ٿيندو، ان جا اصول مقرر ٿيل آهن، جنهن جي ڪري ان قانون کي استعمال ڪري جهيڙن کي به نبيري سگهجي ٿو. نان نيويگيشنل استعمالن جنهن جو مطلب اهو آهي ته پاڻيءَ جو منهن ٻئي پاسي موڙي ڇڏجي جنهن مان زرعي پيداوار، صنعت، پيئڻ جو پاڻي يا بجلي ٺاهڻ جا استعمال شامل هجن. ان قانون جا بنيادي اصول اهي آهن ته دريائن جي مٿان جياپو رکندڙ قومون پاڻيءَ جو صحيح استعمال ڪن، ان ۾ توازن قائم رکن ۽ ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ کان پرهيز ڪن.
ان کان علاوه 1966ع ۾ “هيلسنڪي رولز آف دي يوزز آف دي واٽرز آف انٽرنيشنل ريورز” پڻ ٺاهيو ويو، اهو قانون بين الاقوامي لا ايسوسئيشن طرفان ٺاهيو ويو، جنهن جو مقصد بين الاقوامي طور پاڻيءَ جي استعمال جي قانون کي طئي ڪرڻ هو ته جيئن قومون دريائن جو مٺو پاڻي بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهن ۽ ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ کان پرهيز ڪن. هن وقت اسان جڏهن پاڻيءَ جي وهڪري جي ڳالهه ڪيون ٿا ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي اڳ ۾ ئي گهٽ ملڻ جي ڪري سنڌ ۾ پڇڙيءَ واريون هزارين ايڪڙ زمينون جيڪي ٺٽي کان بدين تائين پکڙيل آهن، تباهه ٿي چڪيون آهن، اتان جو ايڪو سسٽم ليرون ليرون ٿي چڪو آهي، اتي زراعت جو هن وقت نالو نظر نٿو اچي، اتي انسان ته بک مري رهيا آهن، پر اتي رهندڙ پکي اتان لڏي ويا آهن يا مري چڪا آهن، اتان جا ماڻهو جن جو گذر سندن زراعت تي هوندو هو، هن وقت هڪ وقت جي مانيءَ جي لاءِ به مجبور آهن. سمنڊ زمين کي ڳڙڪائيندو وڃي جنهن جي ڪري اتي پيدا ٿيندڙ جڙي ٻوٽيون، سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ تمر تباهه ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري آبي زندگي به ختم ٿيندي وڃي، جيڪا اسان کي ڪيتروئي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏيندي هئي. ان سڄي صورتحال ۾ ائين ٿو لڳي ته اسان جو ملڪ انهن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي جن جي ذهنن ۾ ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ صحتمند پاليسي ٺاهڻ جي اهليت ئي ناهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ کان ٻاهران ماهرن کي گهرائي انهن کان مشورا ورتا وڃن. صوبن جي حقن کي نظر ۾ رکندي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ملڪ کي تباهيءَ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ پاليسيون جوڙيون وڃن. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته شايد هي ملڪ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي وڙهندي اها جنگ هارائي ويندو.