حڪومت جو توجھ رڳو پيٽرول، گئس، بجليءَ جي قيمتن وڌائڻ تي مرڪوز آهي، ٻيا ترقياتي ڪم وڃي پون کڏ ۾. حڪومت اهو پختي طرح سمجهي ٿي ته آءِ ايم ايف کان رهيل قسط ۽ رقم جيڪا هن سال ملڻي هئي سا رقم هاڻي نه ملي سگهندي، پر ناڻي واري وزير ته جُتيون کسائي ڇڏيون آهن. ڪڏهن آمريڪا آن لائين ميٽنگ ڪري ٿو وٺي ته ڪڏهن دوحا ۾ ميٽنگ جي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي اٿس. ان قسط وصول ڪرڻ جي لاءِ رڳو اهو پريشر اٿن ته هيءَ سرڪار گئس، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ واري ڳالھ تي صحيحون ڪري، ٽيڪس جي رڪوري ڪري ڏيکاري جنهن جو هنن واعدو ڪيو هو، نه ته ٻي صورت ۾ اها 2 ارب ڊالرن جي قسط نه ملندي، پر حيرت اها به آهي ته هيءَ شهباز سرڪار رڳو پيٽرول جي قيمتن تي سياست ڇو ٿي ڪري. جيڪڏهن پيٽرول سستو ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪرايا کڻي سستا ٿين ۽ مهانگائيءَ تي ضابطو اچي، پر اهو به ناهي. ان سان گڏ حڪومت جي فرضن ۾ اهو به آهي ته هوءَ ٻين ڳالهين تي به توجھ ڏين، جنهن ۾ امپورٽ، ايڪسپورٽ، ماڻهن جي في ڪس ڪمائي، روزگار ۽ انهن سان لاڳاپيل رپئي جي قدر جي ڳالھ ڪن، پر هنن جي اچڻ سان ته ڊالر کي پر لڳي ويا، غريب ماڻهن جي وڌايل منيمم ويجز واري ڳالھ ته ڪنهن به ڪم جي نه ٿي، جو اٽي ٻاٽ، گيھ کير کنڊ ۽ عام واهپي جون شيون روز روز ٻيڻيون ٿينديون پيون وڃن، پوءِ ويجز وڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن پرائيس ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ته اهي غريبن جون وڌايل ڏهاڙيون ڪهڙي ڪم جون؟ جو غريب مزدور ۽ هاري اٽي جو ڪلو نه وٺي سگهي، پنهنجن ٻارن کي ٻه ويلا ماني به نه کارائي سگهي، پر پوءِ به هنن يونائيٽيڊ سرڪار جو ڌيان ڪنهن صورت مهانگائي جي گهٽتائي ڏي به ناهي، نه ئي هنن جي سياست ۾ ڪو غريب عوام جي ڀلائي يا چڱائي جي ڳالھ آهي، نه ئي هنن جي زبان تي ڪا اهڙي مهم آهي، جنهن ۾ غريبن کي ڪو رليف ملي، پر رڳو سياسي نعرن جي وس وسان لڳي پئي اٿن ۽ ڪرسي بچائڻ جا جتن ٿا ڪن.