بلاگنئون

شهباز سرڪار ڪم جي ناهي

حڪومت جو توجھ رڳو پيٽرول، گئس، بجليءَ جي قيمتن وڌائڻ تي مرڪوز آهي، ٻيا ترقياتي ڪم وڃي پون کڏ ۾. حڪومت اهو پختي طرح سمجهي ٿي ته آءِ ايم ايف کان رهيل قسط ۽ رقم جيڪا هن سال ملڻي هئي سا رقم هاڻي نه ملي سگهندي، پر ناڻي واري وزير ته جُتيون کسائي ڇڏيون آهن. ڪڏهن آمريڪا آن لائين ميٽنگ ڪري ٿو وٺي ته ڪڏهن دوحا ۾ ميٽنگ جي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي اٿس. ان قسط وصول ڪرڻ جي لاءِ رڳو اهو پريشر اٿن ته هيءَ سرڪار گئس، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ واري ڳالھ تي صحيحون ڪري، ٽيڪس جي رڪوري ڪري ڏيکاري جنهن جو هنن واعدو ڪيو هو، نه ته ٻي صورت ۾ اها 2 ارب ڊالرن جي قسط نه ملندي، پر حيرت اها به آهي ته هيءَ شهباز سرڪار رڳو پيٽرول جي قيمتن تي سياست ڇو ٿي ڪري. جيڪڏهن پيٽرول سستو ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪرايا کڻي سستا ٿين ۽ مهانگائيءَ تي ضابطو اچي، پر اهو به ناهي. ان سان گڏ حڪومت جي فرضن ۾ اهو به آهي ته هوءَ ٻين ڳالهين تي به توجھ ڏين، جنهن ۾ امپورٽ، ايڪسپورٽ، ماڻهن جي في ڪس ڪمائي، روزگار ۽ انهن سان لاڳاپيل رپئي جي قدر جي ڳالھ ڪن، پر هنن جي اچڻ سان ته ڊالر کي پر لڳي ويا، غريب ماڻهن جي وڌايل منيمم ويجز واري ڳالھ ته ڪنهن به ڪم جي نه ٿي، جو اٽي ٻاٽ، گيھ کير کنڊ ۽ عام واهپي جون شيون روز روز ٻيڻيون ٿينديون پيون وڃن، پوءِ ويجز وڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن پرائيس ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ته اهي غريبن جون وڌايل ڏهاڙيون ڪهڙي ڪم جون؟ جو غريب مزدور ۽ هاري اٽي جو ڪلو نه وٺي سگهي، پنهنجن ٻارن کي ٻه ويلا ماني به نه کارائي سگهي، پر پوءِ به هنن يونائيٽيڊ سرڪار جو ڌيان ڪنهن صورت مهانگائي جي گهٽتائي ڏي به ناهي، نه ئي هنن جي سياست ۾ ڪو غريب عوام جي ڀلائي يا چڱائي جي ڳالھ آهي، نه ئي هنن جي زبان تي ڪا اهڙي مهم آهي، جنهن ۾ غريبن کي ڪو رليف ملي، پر رڳو سياسي نعرن جي وس وسان لڳي پئي اٿن ۽ ڪرسي بچائڻ جا جتن ٿا ڪن.

جيئن سنڌي ڊرامو اڃان تائين بندوقون کڻي ٻنين مان واپس يا مٿي ناهي آيو. انڊين ڊارمو اڃان تائين ڊارئنگ روم يا گهرو جهيڙن مان جان ناهي ڇڏائي سگهيو، پاڪستاني ڊارمو اڃان تائين بداخلاقين مان مٿي ناهي اچي سگهيو، تيئن سياست اڃان تائين ڪرپشن ۾ ڦاٿي پئي آهي، اهي سمجهن ٿا ته هڪٻئي کي تحفظ ڏيڻ ۾ ئي عافيت آهي ۽ هاڻي جي نون ليگ پيپلزپارٽيءَ جي ها ۾ ها نه ملائي ته پيپلزپارٽي مخالف پارٽيءَ ۾ هلي ويندي، پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلا اچي ويندا، عسڪري شخص به آمريڪا ڏي منهن ڪيو ويٺا آهن، سپريم ڪورٽ به فيصلا صادر ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي ۽ سياسي ڪايا پلٽو کائيندي ۽ ملڪ ۾ وري ڪو سياسي ٻارڻ ٻري ويندو، پر زد ۾ رڳو نون ليگ ئي ايندي ان ڪري ته سياسي بدلي واري باھ رڳو نون ليگ جي منشور ۾ ئي آهي ته اهي ئي ڪري سگهن ٿا ۽ ٻيو پي ٽي آءِ پاڻ بدلي جي سياست ڪري ڄاڻي. اهي نٿا ڄاڻن ته مفاهمت جي سياست جي عمر وڏي هجي ٿي ۽ جيڪا به سياست هڪٻئي جا پير پٽڻ ۾ ڪئي ٿي وڃي ان جي پڇاڙي ناهي. مثال طور: نيب تي اربين رپيا خرچ ڪري، پينڊورا باڪس تي اربين ڊالر خرچ ڪري ٻاهرين فرمن کان آڊٽ ڪرائي پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ قومي ناڻو خرچ ڪري ڇا ڪمايو يا هاڻي جي هي شهباز شريف وارا پنهنجي ليکي اميرالمومنين بڻيا ويٺا آهن ته انهن جو عوام کي ڪهڙو فائدو؟ يا سڀاڻي جيڪي ايندا اهي ڪهڙا خوشحاليءَ جا سورج اڀاريندا؟

اها ڳالھ چٽي ڏينهن وانگي آهي ته نون ليگ جي سياست اڃان تائين نيپوٽزم مان نڪري ناهي سگهي. تيئن ئي پي ٽي آءِ وارن جي قول ۽ فعل جي تضاد واري سياست ساڳي هلندي پئي اچي. عمران خان اڃان تائين ڪنٽينرن جي سياست ۽ سول نافرماني جهڙي سياست تان لهي ناهي سگهيو يا پيپلزپارٽي ڪرپشن جا الزام سهي سهي مڙئي ٿورو ٿَڪو ڪم به ڪرائي ٿي وڃي، پر ماڻهن کي پوءِ به لالوکيت لنڊن جهڙو گهرجي ۽ ڪورنگي کي ڪوريا جهڙو ڏسڻ ٿا چاهين. ڳالھ اها به آهي ته هي ويچارو عمران خان ته سياسي نريٽو ڦيرائي ڦيرائي وري ساڳي ڳالھ تي بيهي ٿو رهي. ڀلا اسان جهڙو جيتامڙو ملڪ آمريڪا سان سينو ڪيئن ساهي سگهندو يا مڙسي اها به ناهي ته وڏيري جي در ۽ گهر تي بدشد ڳالهائي مڙسي ظاهر ڪجي، وري ساڳئي وڏيري جي چمچاگيري به ڪجي، پر ڳالھ ان پاليسي ۽ نظريي جي ڪجي جنهن ۾ قوم جو ڀلو ٿئي. هاڻي جيڪو ملڪ جيئي ئي قرضن تي، جيڪو ملڪ هلي ئي رکت تي، جنهن ملڪ جي پنهنجي پيداوار هوندي به ڏڪار جهڙي صورتحال بڻجي پئي، جيڪو ملڪ پنهنجي ٻَل تي جيئي نٿو سگهي ته پوءِ ان ملڪ کي سياست جي درست، صحيح ۽ ڀلي سمت وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ئي نه، نه ڪو ان ملڪ جي ماڻهن کان روڊن تي تماشو ۽ ناچ ڪرائجي يا سول نافرماني ڪرائجي، پر ٿيندو ڪجھ به نه ان ڪري ته سياست هتي ذاتي مفادن جي لاءِ مختص آهي ۽ ڪير به قومي مفاد واري سياست نٿو ڪري. وقت گذري ويو جڏهن پيٽرول، بجلي ۽ گئس جا اگھ وڌندا هئا ته سياسي پارٽيون رڻ ٻاري ڏينديون هيون ۽ قومي حڪومت به اخلاقن پيٽرول ۽ گئس بجلي جا اگھ واپس وٺڻ ۾ دير نه ڪنديون هيون.

گذريل سال حڪومت قومي اسيمبلي ۾ اي وي ايم (اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين) جو بل نامنظور ڪرائي ان مشين کي مورڳو ئي ختم ڪي ڇڏيو هو، ان ڪري جو ملڪ اهڙن آئينن ۽ قانونن جي ذريعي ئي هلائي سگهجي ٿو نه ڪو انارڪي ۽ فاشٽ سياست جي ڪري. ماڻهن ۾ تخريبڪاري ڦهلائي، ماڻهن ۾ انتشار ڦهلائجي، بيڪار سياست نه ڪجي. عمران خان جي پهرين دور جڏهن هن اڃان 2018 واري اليڪشن کٽي ڪرسي جا مزا نه ڏٺا هئا تڏهن هر ماڻهو واقعي تنگ هو ته هنن چورن مان جان ڇٽي، ماڻهو سمجهن پيا ته هنن چورن واقعي ئي ملڪ لٽي ڇڏيو آهي، هنن چورن ته ايڏي ڪرپشن ڪئي آهي (يا ڪن ٿا) جو سڄي ملڪ جي دولت مان هنن رڳو ”ايون فيلڊ“ لنڊن ۾ هڪڙو فليٽ ورتو آهي. هنن ايتري ڪرپشن ڪئي آهي جو ان ڪرپشن جي پئسن مان پنج يا اٺ لينڊ ڪروزر وي 8 گاڏيون گهرائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿن، چار هزار کان مٿي گاڏيون رڳو عسڪري ادارن جي اڳواڻن کي گهرائي ڏنيون اٿن، پر جي خرچ جو حقيقي موازنو ڪيون ته اهي سڀ چور جيڪڏهن سڀ پئسا موٽائي ڏين به يا ايون فيلڊ کپائي ڏين، لينڊ ڪروزر گاڏيون کپائي ڏين به ته ملڪ جي هڪ ڏينهن جو خرچ به نه هلائي سگهندا، ان ڪري جو ملڪي خزانو مشڪري ناهي، پر سسٽم خراب آهي، جنهن ۾ خرچ ۽ آمدني توازن رکڻ ضروري آهي ان ڪري ته نواز شريف ۽ زرداري صاحب پنهنجي پنهنجي ڪمپنين جي آڊٽ ۽ نگهباني ته ڪن ٿا، پر ملڪي ناڻو دشمن جو مال ٿا سمجهن جنهن ۾ ايمانداري جي ڳالھ ئي ناهي يا ڪا آڊٽ يا وٺ پڪڙ ناهي جنهن ۾ ڪير پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ته جيڪي غريب ماڻهو ڪمائين ٿا انهن مان به رياست حصو لهڻي ۽ جيڪي کائين پيئن ۽ جيئن مرن ٿا انهن مان به رياست جو اڌ جو اڌ هجي ٿو.

مثال طور: بجيٽ ڊيفيسٽ ڪيئن پورو ڪندا؟ ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا ڪٿان پورا ٿيندا؟ ڀلا جيڪي تعليم لاءِ اربين رپيا بجيٽ رکن ٿا اهي رکڻ کانپوءِ خرچ ڪٿي ٿا ڪن؟ صحت جي بجيٽ ۾ ڪيترا پئسا واڌارو رکن ٿا، جنهن ۾ غريب ماڻهن جو صحت جو ڀلو ٿئي، پر اها ڳالھ به آهي ته اها بجيٽ جيڪڏهن تعليم، صحت، سيڪيورٽي جي خرچن کاٻارن، ڊفينس يا ٻين خرچن جو ٽوٽل ٻڌائي پورو ڪري، انهن ادارن جي هزارين لکين ملازمن جي ڪل پگهارن يا پينشن جي ڪٿيل رقم ٻڌائي مڙئي ٽوٽل پورو ڪندا آهن، پر بجيٽ جي ظلم ۾ اها به ڳالھ آهي ته رٽائر ملازم (عسڪري) لکين رپيا پگهارون به کڻن ٿا، ٻي نوڪري ۽ ڪاروبار به ڪن ٿا، پر گريجوئيٽس جيڪي نوڪرين جي آسري زندگي خراب ڪري ٿا ويهن، انهن جو ازالو ئي نٿو ٿئي يا اهو به مڃين ته رڳو هڪ اليڪشن جو خرچ 42 ارب رپين کان به مٿي آهي ته اتي هنن جي خزاني ۾ واقعي ئي پئسا ناهن جو نيون چونڊون بار بار ڪرائي سگهن. ان ڪري آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪري جيڪي 8 ارب ڊالر رپيا ملندا اٿن (جنهن جي قسط ٻه ارب ڊالر آهي) ته هي نيون چونڊون ڪرائين، پر اها ڳالھ به مڃين ته حڪومتون هاڻي ائين ئي هلنديون جو بصرن کائڻ واري ڳالھ ته ”آپڻا مال هي رونسون ڀي ۽ کانسون ڀي“ معنيٰ لعن طعن به سهندا، حڪومتون به ڪندا، وزارتون به ماڻيندا، آءِ ايم ايف ڏي به ويندا، ابتا سبتا معاهدا ڪري لٽ ڦر ڪري ملڪ جو ٻيڙو به ٻوڙيندا ۽ سرخرو به ٿيندا. اها آهي ملڪي برانڊ جي سياست ته قوم کي گمراھ ڪيو، لٽيو ڦريو، عوام کي بليڪ ميل ڪيو، پر سياست ڪيو ۽ ماڻهن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، ان ڪري ته سياستدانن جو مطلب ۽ مقصد رڳو ڪرسي آهي، پر عوام ۽ عوام جا درد ناهن.