نئون

ملڪ اندر ننڍا ايٽمي پاور پلانٽ توانائي بحران جو حل آهن: ايٽمي ماهر

ملڪي ايٽمي توانائي جي ماهرن پاران چيو ويو آهي ته ملڪ اندر توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف ننڍا ايٽمي پاور پلانٽ ئي واحد حل آهن. ” ننڍي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو پاڪستان ۾ امڪان“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سمپوزيم ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف انجنيئرنگ جي ماهرن چيو ته سڄي دنيا ۾ هر سال 17 کرب ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري هر روز 90 ملين بيرل تيل کي ساڙيو پيو وڃي. اسان کي به پنهنجي مستقبل کي ايٽمي توانائي سان روشن ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته گذريل 50 سالن جي عرصي ۾ اسان ڏٺو آهي ته بجلي ٺاهڻ لاءِ هڪ ايٽمي توانائي ئي آهي جيڪا محفوظ ترين طريقو آهي. ان موقعي تي پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي ميمبر سعيد عالم چيو ته سمال ماڊيولر ري ايڪٽر (SMR) جي ٽيڪنالوجي شروع کان ئي بجلي ٺاهڻ جي ذريعي طور سامهون آئي هئي. ان موقعي تي هڪ ٻئي ايٽمي ماهر محمد ارشاد چيو ته آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن به سمال ماڊيولر ري ايڪٽر ذريعي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اهي ملڪ به 2025 تائين SMR ذريعي وڌيڪ بجلي تيار ڪرڻ جا پلان ٺاهي رهيا آهن. ساڳي ريت اسان کي به هن ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺڻ گهرجي. سمپوزيم جي آخر ۾ SMR جي ٽيڪنالاجي جي وڊيوز ڏيکاريو ويو.